سنڌو جا 45 بند حساس قرار، سخت اقدام ڪرڻ جي ضرورت.!

 

آبپاشي کاتي سنڌ درياءَ جي 45 بندن کي حساس قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي ناڻي واري وزارت بندن جي مرمت ۽ مضبوطي  لاءِ آبپاشي کاتي کي ايڊوانس ۾ 16ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن.تفصيل موجب سنڌ جي آپباشي کاتي پنجاب مان ايندڙ پاڻي ۽ سنڌ ۾ جاري چوماسي جي وسڪاري کي نظر ۾ رکندي هڪ فزيبلٽي رپورٽ جاري ڪندي سنڌو درياءَ جي 45بندن کي حساس قرار ڏنو آهي. آپباشي کاتي پاران جن بندن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي انهن ۾ گڊو بئراج جو هيبت، ڪي ڪي، ٽوڙي-مڪواڻي لنڪ، خيرواهه، بيگاري بند شامل آهن، جڏهن ته گهوٽڪي فيڊر ڪئنال جي قادرپور شينڪ بند، آر اين منگلي بند، قادرپور لوپ بند، ايل ايم بند، سکر ايئرپورٽ ڀرسان ايل ايس بند، رڪ اسپر، نصرت لوپ بند جَي اسپر، ايل ايس بند( سيري بند)، ايف پي بند کي آرڊي 169کان 183 ۽ 346کان 353 پوائنٽ تائين حساس قرار ڏنو ويو آهي. آپباشي کاتي پاران منڇر ڪپ جي آرڊي 7، آرڊي 80، آر ڊي 93کان 100 تائين ۽ دادو ضلعي جي فلڊ پروٽيڪشن بند(ايف پي بند) جي آرڊي 223، 246، 258، 282 ۽ آر ڊي 325، 50.0، 113.09، ا47.0، 213وارين آرڊين کي به حساس قرار ڏنو آهي. ٻي طرف سکر بئرج جي کاٻي ڪپ تي ايندڙ الرا جاگير بند، فريد آباد ، ايس ايم، ايس ايم ( بکري) ايس ايم بند33/0ميل، ايس ايم بند49/2ميل، منجٺ لوپ بند 0/0کان 1/5ميل، ايس ايم بند( بورٽي سائيٽ 37/4 ميل تائين بندن جي حصن کي حساس ڪوٺيو ويو آهي. ٻي طرف دادو، مورو پل جي  0/0کان 0/5ميل بند، ايس ايم بند 92/0ميل کان 93/0 ميل، 98/0کان 99/0ميل، 103/1ميل ۽ 104/6کان 107/6ميل تائين بندن جي  پوائنٽن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄامشورو جي سامهون وارو بند آر ڊي 2/2کان 4/2 تائين ۽ گِدو جي سامهون وارو دريائي بند آر ڊي 7/3کان 4/0تائين حساس آهي. آپباشي کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي بيراج جو حاجي پور، ايم ايس سورجاڻي، علي بهار لوڪ بند ۽ بي پي بند حساس آهن، ٻئي طرف آبپاشي کاتي جي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌو جي حساس قرار ڏنل  بندن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ گهٽ پاڻي هجڻ سبب وڏي نقصان  جو ڪو به امڪان ناهي. هوڏانهن سنڌ سيڪريٽريٽ جي اعتبار جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ناڻي واري وزارت بندن جي مرمت واري بجيٽ جي 32 ڪروڙ رپين مان 16 ڪروڙ رپيا آبپاشي کاتي کي جاري ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته بندن جي مرمت واري سالياني بجيٽ چئن قسطن ۾ آبپاشي کاتي کي جاري ڪئي ويندي آهي پر سنڌو ۾  پاڻي جي مسلسل چاڙهه سبب بجيٽ جي رقم جون ٻه قسطون اڳ آبپاشي کاتي کي جاري ڪيون ويون آهن. آبپاشي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ناڻي واري وزارت جيڪا بندن جي مرمت جي حوالي سان ايڊوانس رقم جاري ڪئي آهي انهن ۾ بيلدارن سميت ٻين ملازمن جون پگهارون ۽ سامان خريد ڪرڻ واري رقم به شامل آهي.  سنڌوءُ اندر 50 کان 60 زمينداري بند اڃا تائين اڏيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آبپاشي کاتي جي اعتبار جوڳن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته گڊو کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين 50کان 60هنڌ اهڙا آهن جتي زمينداري بند اڃا تائين جيئن جو تيئن قائم آهن. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته زمينداري بندن کي مڪمل طور ختم ڪرڻ بدران انهن جا ڪپر ٽوڙيا ويا آهن ته جيئن وچين درجي واري ٻوڏ جو پاڻي درياءَ مان آساني سان گذري سگهي. آبپاشي کاتي جي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن مٿين درجي واري ٻوڏ آئي ته اها پاڻ ئي پاڻي جي پريشر سان زمينداري بند لوڙهي ڇڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *