سعودي شهزادي جي پاڪستان آمد…!

سعودي ولي عهد شهزادو سلمان بن عبدالعزيز پاڪستان پهچي ويو، اسلام آباد پهچڻ تي  سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. وزير اعظم عمران خان، آرمي چيف قمر جاويد باجوه ۽ وفاقي ڪابينا سعودي مهمان جي نور خان ائير بيس تي آجيان ڪئي، سعودي شهزادي کي وزير اعظم هائوس تائين وزير اعظم عمران خان پاڻ گاڏي هلا                         ئي آندو جتي کيس هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر ڏنو ۽ 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي،  وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽  سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي 20 ارب ڊالر ماليت جي 7 معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون،   وزيراعظم هائوس ۾  معزز مهمان ۽ سندس وفد جي مان ۾ پروقار آجياڻو پڻ ڏنو ويو. آجياڻي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد، وزيرن ۽ وفد ۾ شامل ٻين مهمانن جا ٿورا مڃيندي انهن کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چيو. 6 مهينا اڳ جڏهن آئون وزيراعظم جي حيثيت سان مڪي ۽ مديني آيس ته ان موقعي تي مون خانه ڪعبه ۽ روضه رسول صه جي اندر وڃي حاضري ڀري جيڪو منهنجي زندگي جو بهترين موقعو هو، ان تي آئون ذاتي طور تي ٿورا مڃان ٿو. سعودي عرب اسان جي خراب معاشي حالتن ۾ مدد ڪئي جيڪو تحسين جوڳو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا گڏيل لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن پر اسان انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. سعودي عرب ۾ هن وقت 80 ملين سياح اچن ٿا جن جو انگ سعودي عرب 100 ملين تائين وڌائڻ چاهي ٿو. پاڪستان ۾ به سياحت جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي  ڪري رهيو آهي ۽ اسان سعودي عرب کان سياحت جي هڪ شعبي ۾ اڳتي آهيون ڇو ته هتي جابلو سياحت جون وسيع جايون موجود آهن. پيٽرو ڪيميڪلز، معدنيات، زراعت ۽ خوراڪ جي پراسيسنگ جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ايندي. اسان سي پيڪ تحت دنيا جي وڏي مارڪيٽ چين سان ڳنڍي رهيا آهيون ۽ آئون سعودي عرب کي ان ۾ حصيداري جي دعوت ڏيان ٿو.سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن، اسان گڏيل ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪم ڪنداسين، پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي علائقائي ۽ خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ولي عهد بڻجڻ کانپوءِ سڀ کان پهريون دورو مون پاڪستان جو ڪيو آهي، يقين آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان اهم ملڪ بڻجي اڀرندو ۽ اسان کي گڏجي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.  سعودي عرب ۽ پاڪستان ڀائر ۽ دوست ملڪ آهن جيڪي مشڪل حالتن ۾ سدائين گڏ رهيا آهن. هن پاڪستان ۽ ان جي قيادت کي عظيم قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان يقين رکون ٿا ته مستقبل ۾ پاڪستان هڪ اهم ملڪ بڻجي اڀرندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *