سرڪار کان وسريل رستم سنڌ شير ميربحر جو خاندان

 

رستم شير مير بحر سنڌ جي قومي ثقافتي راند جو هيرو آهي هن ثقافتي هيري سڄي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري، اهو هن جي ڪوششن جو نتيجو آهي جو اڄ ڪلهه سنڌ جي اهم ثقافي ۽ قومي راند آهي هن عظيم ڪردار رستم سنڌ جي ڪري سڄي دنيا  ۾ تسليم ڪئي وڃي ٿي ملهه جي هزارين ورهين جي تاريخ ۾ ڪنهن به پهلوان کي اهڙي شهرت ۽ مڃتا نه ملي جيڪا شير مير ٻهر جي حصي ۾ آئي. شير مير بحر جي عوام ۾ وڏي هاڪ هوندي هئي رستم سنڌ شير مير بحر ملهه راند کي بين الاقوامي سطح تي متارف ڪرايو ۽ انهن غير ملڪي مشهور نالي وارن ريسلرن کي شڪست ڏني جن ۾ آسٽريليا جو ريسلر پهلوان آسٽن. انگلينڊ جو جان زيبسڪو، انڊيا جي گرنم سنگ کانسواءِ يوگو سلوايا ۽ ٻين ڪيترن ئي ريسلرن کي شڪست ڏني. انهن مان هڪ مشهور واقعو هالا دنگل ملهه مقابلو ٿيو جيڪو مخدوم زمان طالب المولئ جن ڪرايو جنهن جو خاص مهمان شهيد ذولفقار ڀٽو هو. جنهن ۾ آسٽريليا جي ريسلر آسٽن ملهه مقابلي ۾ رستم سنڌ شير مير بحر سان مهاڏو اٽڪايو مقابلي کان پهريان ريسلر شير مير بحر کي چمڙي جو چيلهه ۾ بيلٽ ٻڌو جڏهن ته شير مير بحر آسٽن کي ثقافتي سندرو ٻڌو. سندر ٻڌڻ کانپوءِ ريسلر جي چيلهه چٻي ٿي وئي ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. ان مقابلي کي ڏسڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ توڙي ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن ان مقابلي ۾ وڌي انگ ۾ شرڪت ڪئي مقابلي جي پهرين ملهه ۾ شير مير بحر وڏي زور آزمائي بعد کيس دسي وڌو جنهن تي شير مير بحر ٻنهي ملهن جي ڪاميابي تي وڏا انعام ڏنا ويا شير مير بحر کي پهرين ملهه ڪامياب ڪرڻ تي کيس ذولفقار علي ڀٽو کيس رستم پاڪستان جو لقب ڏنو. جنهن ته شير مير بحر وزير اعظم کي عرض ڪيو ته سائين مون کي نه رستم ايشا کپي نه رستم پاڪستان کپي مون کي رستم سنڌ  جو لقب ڏنو وڃي ته منهنجي لاءِ اعزاز آهي.

هن سنڌ جي ثقافتي هيري شير مير بحر کي ڪيترائي ايوراڊ ۽ اعزاز مليا پر صدارتي ايوراڊ کان محروم رکيو ويو، اسان جي سنڌ جا ملهه پهلوان فنڪار ۽ مشهور ڳائڻا شاعر اديب ليکڪ ۽ ٻين ثقافتي هيرن کي سرڪار جي بي حسي سبب ثقافت کاتي اسپورٽ بورڊ سنڌ ۽ ٻين توڙي چونڊيل نمائندن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪندڙن کي نڌڻڪو ڪري کين وساري ڇڏيو آهي اڄ به سنڌ جا ڪيترائي مشهور صوفي فنڪار مختلف بيمارين سبب بيستري تي پيل آهن پر ثقافت کاتي ۽ حڪومت هنن جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي جنهن سبب آخر هي دنيا ڇڏي هميشه لاءِ آرامي ٿي ويندا هن عظيم ملهه پهلوان جي 28 مارچ تي سندس اباڻي ڳوٺ شير مير بحر ۾ 30 ورسي آهي پر حڪوت طرفان سندس وارثن سان ڪو به سهڪار نه ڪيو ويو آهي ورسي جي موقعي ثقافت کاتي، اسپورٽ بورڊ سنڌ طرفا  ڪو به پروگرام ڪرائڻ جو بندوبست نه ڪيو ويو آهي ورسي جي موقي تي سندس وارثن پاران ورسي جي تقريب ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ قومي راند ملهه جا مقابله ڪرايا ويندا ضرورت ان ڳالهه جي ته هاڻي حڪومت ۽ ثقافت اتو اگهور ننڊ مان سجاڳ ٿي هن عظيم پهلوان جي ورثي جي موقعي تي سرڪاري خرچ تي ملاکڙو ڪرائي هن زندگي بابت ڪتاب ڇپريا وڃن جئين سندس نالو هميشه جي لاءِ ڪنهن کان وسري نه سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *