سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستاني جهنڊو لهرايو ويو

 

والاريل ڪشمير ۾ سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستاني جهنڊو لهرايو ويو، ڪشمير ميڊيا سروس مطابق عيني شاهدين ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهن سرينگر جي علائقن هري پربت قلعه، بابا ڊيم، گوجواره، راولپوره  کان علاوه ناره بل، سوپور ۽ مقبوضه وادي جي ٻين علائقن ۾ ڇنڇر ڏينهن پاڪستاني جهنڊولهرايو . پاڪستاني جهنڊا لهرائڻ تي ماڻهو حيران ٿي ويا، ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيئن ئي اسان صبح جي نماز پڙهي مسجدن کان ٻاهر نڪتا ته انهن عمارتن تي پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪندي ڏٺا. انهن چيو ته ڀارتي پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪندي جهنڊا لاهي ڇڏيا. ناره بل  جي هڪ ڳوٺاڻي ٻڌايو ته ڀارتي پوليس اهلڪار ماڻهن کان اهو پڇندا رهيا  ته اهي جهنڊا ڪنهن ڦڙڪايا. گذريل ڪيترن هفتن  دوران سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪائڻ جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪ ڀارت ڪشمير معاملي تي ڪمشيري عوام جي راءِ سان فيصلو ڪن ۽ ڪشميرين کي مرضي مطابق رهڻ جو حق ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي مرضيءِ مطابق پرسڪون زندگي گذاري سگهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *