رينجرز جو ڇاپو ۽ خطرناڪ ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

 

رينجرز جي وڏن اٽالن ڪراچي جي عزيزآباد واري علائقي ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي هيڊڪوارٽر ”نائين زيرو“ تي ڇاپو لڳايو. ڇاپي دوران خطرناڪ هٿيار ۽ موت جي سزا کاڌل جوابدارن سميت مختلف قسم جون ڊوائيسز دوربينون، واڪي ٽاڪيز ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو، ڇاپي بابت ڳالهائيندي رينجرز جي ترجمان ڪرنل طاهر جو چوڻ هو ته اها ڪارروائي نه ته ڪا سياسي آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي وئي آهي. اسان وٽ پڪا ثبوت هوندا آهن ان کانپوءِ اسان ڪنهن هنڌ تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪندا آهيون. سندس اهو به چوڻ هو ته جيڪي هٿيار هٿ آيا آهن انهن کي پاڪستان ۾ آڻڻ تي به بندش پيل آهي ۽ شڪ آ هي ته اهي اهڙا هٿيار آهن جن کي نيٽو جي فوجين لاءِ ڪنٽيرن ذريعي افغانستان اماڻيو ويندو هو، جيڪي ڪنٽينرن مان چوري ڪيا ويا هئا، اهڙي ريت نائين زيرو مان سنگين ڏ وهن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ۽ موت جي سزا ٻڌايل جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. جن جا نالا موٽا، ڪي ٽو ۽ ملان ٻڌايا ويا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم حقيقي کان ڌار ٿي ٻيهر ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيندڙ عامر خان کي به رينجرز پاڻ سان گڏ وٺي وئي، کانئس پڇاڻو ڪيو ويندو ته سنگين ڏو هن ۾ گهربل جوابدار هن سان گڏ نائين زيرو تي ڪيئن ويٺل هئا. ڇاپي کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي هيڊڪوارٽر تي لڳل ڇاپي بابت متحدا اڳواڻن جا متضاد بيان پڻ سامهون آيا، پهريائين چيو ويو ته اهي هٿيار ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر جي حفاظت لاءِ اتي رکيا ويا هئا ۽ اهي سڀيئي لائيسنس وارا آهن، جڏهن ته الطاف حسين جو چوڻ آهي ته اهي هٿيار رينجرز وارا پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئا، اسان جو انهن هٿيارن سان ڪو به واسطو ناهي، جڏهن ته هن گرفتار ٿيل جوابدارن جو حوالو ڏيڻ کانسواءِ ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن کان ڪا اڻ ڄاڻائي ۾ ڪا غلطي ٿي وئي هئي ته پوءِ انهن کي دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن هليو وڃڻ کپي ها، پارٽي کي مصيبت ۾ نه وجهڻ گهرجي ها. نائين زيرو تي لڳل ڇاپي کانپوءِ جڏهن متحدا جا سيڪٽر ۽ هيٺين سطح جا ذميوار احتجاج ڪرڻ لاءِ سون جي تعداد ۾ نائين زيرو پهتا ته پوءِ فائرنگ جا ڌوڙيا ٿي ويا، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جو هڪ ڪارڪن موقعي تي مارجي ويو، جنهن لاءِ الزام لڳايو ويو ته اهو ڪارڪن رينجرز جي فائرنگ ۾ قتل ٿيو آهي، جڏهن ته رينجرز جي ڊي جي ان ڳالهه کان انڪار ڪندي چيو آهي ته اهو رينجزر جي گولي سان نه مئو آهي پر کيس پستول جي گولي لڳي آهي. ايم ڪيو ايم جي قيادت مختلف دورن ۾ اهڙي قسم جي ڏکين حالتن کي منهن ڏيندي رهي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت جا وقت بوقت تڪرار هلندا نظر آيا آهن ۽ اهي ڪيترن ئي موقعن تي رتوڇاڻ تائين به وڃي پهتا آهن ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو ايم ڪيو ايم ٻيهر اقتدار جي اصل واڳ ڌڻين جي اک جو تارو پڻ بڻجندي نظر آئي آهي. ايم ڪيو ايم جي جوڙجڪ ڪنهن ڪئي ۽ ان جي پالنا ۾ ڪنهن جو هٿ رهيو آهي سا ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي. ايترو ضرور   ٿيو آهي جو ايم ڪيو ايم اڪثر حلقن جي نظر ۾ هاڻ ڏهڪاءَ دهشت جي علامت بڻجي چڪي آهي، ايم ڪيو ايم ڪڏهن سنڌي ماڻهن سان وڙهندي نظر آئي آهي ته ڪڏهن پنجابين۽ پٺاڻن سان مهاڏو اٽڪائيندي نظر آئي آهي. هن وقت شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جيڪو ايم ڪيو ايم کي هڪ جماعت جي حيثيت سان ڪنهن چڱي نظر سان ڏسندو هجي سنڌ جي ماڻهن ته ايم ڪيو ايم ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي ٻن ڌار ڌار نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو آهي. سنڌي ماڻهو اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ تسليم ڪن ٿا ۽ انهن سان ڪنهن به طرح ڪو جهيڙو ڪرڻ نه ٿا گهرن جڏهن ته ايم ڪيو ايم سان هڪ پارٽي جي حيثيت ۾ عام سنڌي ماڻهو به سخت اختلاف رکي ٿو ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم تي ايترا الزام لڳي چڪا آهن جو هاڻ انهن جا هٿ بيگناهه انسانن جي رت سان رڱيل چيا وڃن ٿا. اسان اهو ته نه چونداسين ته ايم ڪيو ايم جا سڀيئي ڪارڪن يا اڳواڻ دهشتگرد يا قاتل آهن، ايم ڪيو ايم جا اهي ڪارڪن ۽ اڳواڻ جيڪي پارلياماني سياست ڪن ٿا ۽ سياسي معاملن کي سياسي طريقي سان حل ڪرڻ ۾ يقين رکن ٿا، تن کي عام ماڻهو پڻ عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ سندن لاءِ اها راءِ به آهي ته اهي اڳواڻ جيڪا ٻولي ڳالهائين ٿا اها ٻولي سندن جي ڳالهايل ٻولي نه هوندي آهي اهي”هز ماسٽرس وائيس“ هوندا آهن. انهن کي جيڪو حڪم ٿيندو انهي حڪم موجب اهي ڳالهائيندا آهن، اسان کي افسوس رڳو ان ڳالهه تي آهي ته پاڪستان ٺاهڻ واري هلچل دوران هندستان جي اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن جا ا ڳواڻ مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، سرسيد احمد خان، علاما اقبال، مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ ٻيا اڳواڻ هئا. جڏهن ته هاڻ اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندگي جي دعوا ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي قيادت ڪنهن دانشور اديب شاعر يا فلاسفر جي هٿن ۾ ناهي پر هاڻ اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندگي جي دعوا ڪندڙ ا ڳواڻن جا نالا لنگڙا، موٽا، ٽنڊا، ڇوٽا ۽ ماڌوري وڃي ٿيا آهن. اردو ڳالهائيندڙن کي سوچڻ گهرجي ته اهڙن نالن وارا اڳواڻ انهن کي ڪهڙي رستي تي وٺي وڃي رهيا آهن. اسان اهو ته نه نداسين ته اڳوڻي صدر ايوب خان 50 سال اڳ ائين ڇو چيو هو ته ”مهاجرن لاءِ هاڻ عربي سمنڊ کانسواءِ ٻي ڪا به جاءِ ناهي“. ايوب خان ان ڳالهه جي ته هن وضاحت نه ڪئي هئي، پر هاڻ لڳي ٿو ته اهي منڊا ٽنڊا اڳواڻ ايوب خان جي اڳڪٿي کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجيون سڀيئي توانائيون استعمال ڪرڻ گهرن ٿا. ايم ڪيو ايم بابت اسان اڳ به اها ڳالهه لکي چڪا آهيون ته ايم ڪيو ايم جي قيادت جي پيرن هيٺ وڇايل ڪارپيٽ کسڪي چڪو آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت هاڻ ايم ڪيو ايم کان پاسيري ٿيندي نظر اچي رهي آهي.جيڪڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون شفاف طريقي سان ۽ ”بايو ميٽرڪ سسٽم“ تحت ڪرايون وڃن ته ايم ڪيو ايم جي قيادت مستقبل ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر به بڻجي نه سگهندي. ايم ڪيو ايم پاڻ کي ڪيترو به کڻي منظم ڪيو هجي ۽ هن پنهنجن ڪارڪنن تي نظر رکڻ لاءِ ڪيترائي طريقا اختيار ڪري رکيا هجن، پر هاڻ ايم ڪيو ايم جي قيادت کي به اها پڪ ٿي وئي آهي سندن رڌڻي ۾ رولو پئجي چڪو آهي ۽ پارٽي ڪيترن ئي گروپن ۾ ورهائجي وئي آهي، جيڪي گروپ هڪٻئي خلاف سازشن ۾ مصروف آهن. اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته نائين زيرو تي ڇاپو جيتوڻيڪ رينجرز پاران لڳايو ويو آهي، پر ان ڇاپي کان اڳ رينجرز کي گهربل معلومات نائين زيرو تي اندر ويٺل ڪنهن ڌڙي طرفان ڏني وئي هئي،

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *