روڊ حادثا ۽ تباهه ٿيندڙ خاندان، ذميوار ڪير آهي..؟

 

ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات دير سان ڪراچي لڳ قومي شاهراهه تي شڪارپور ويندڙ مسافر بس ۽ آئل ٽئنڪر ۾ ٽڪر سبب اٽڪل 60 مسافرن جو جيئرو سڙي مرڻ هڪ اهڙو سانحو آهي جنهن تي جيترو به ڏک ڪجي، گهٽ آهي. انساني زندگي انتهائي قيمتي هوندي آهي خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي مسافري ذريعي پنهنجي منزل تي پهچڻ جا خواهشمند هجن، انهن جو اوچتو موت ۽ اهو به انتهائي دردناڪ، انسانن جي دل ڏڪائڻ جهڙو سانحو آهي. هي سانحو ڪيئن ٿيو، ڪنهن جي غفلت آهي، فائر برگيڊ وارا دير سان پهتا يا ڪمشنر ڪراچي جي بقول روڊ خراب هو، اهي سڀ عوامل نه مرڻ وارن جي پونيئرن جا زخم ڀري سگهن ٿا ۽ نه ئي انهن گهرن ۾ پيدا ٿيل خال ڀري سگهن ٿا جيڪي انهن ماڻهن جي مرڻ سبب خالي ٿي ويا هوندا. هتي ڏک ۽ افسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي ته بس ۾ سڙي فوت ٿيلن جي سڃاڻپ نه ٿي رهي آهي ۽ لواحقين کي به اهي لاش نه پيا ڏيکاريا وڃن. اصل ۾ وطن عزيز خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ لٽمار جو هڪ اهڙو نظام رائج آهي جنهن سبب ڀاڄي ۽ سموسا وڪڻڻ واري کان وٺي ٽرانسپورٽر تائين عوام کي ڦرڻ ۽ لٽڻ ذريعي دولتمند بڻجڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن ۽ موٽ ۾ ڪجهه به نه ڏيندا آهن. اهو ئي حال هن سانحي ۾ به ٿيو آهي ڪراچي کان شڪارپور اٽڪل 600 ڪلوميٽر فاصلي واري سفر ۾ مسافرن جو ڪو به رڪارڊ نه آهي ۽ نه ئي انهن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي سيٽون الاٽ ٿيل آهن، ان ڪري ان بس ۾ ڪير ڪير سفر ڪري رهيو هو؟ ڪراچي جي گارمينٽ فيڪٽري ۾ سڙي فوت ٿيلن وانگر هن بس مسافرن جي سڃاڻپ به هڪ معمو بڻجي سگهي ٿي. ان ڪري ان معاملي ۾ هاڻي وڌيڪ غفلت مجرمانه حرڪت چئي سگهجي ٿي ڇو ته سنڌ حڪومت کي سنڌ جي عوام پنهنجي ووٽ سان چونڊيو آهي ۽ سنڌ جو وزير ٽرانسپورٽ حادثي بابت اهو چئي ته قومي شاهراهه وفاقي حڪومت جي آهي، ان جو سنڌ حڪومت سان واسطو نه آهي ته ان کان وڌيڪ افسوس ۽ ڏک جي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ وزير ٽرانسپورٽ جو عهدو فقط ٽرانسپورٽرن جا ڀاڙا وڌائڻ لاءِ چئي سگهجي ٿو ان ڪري هن ڏکوئيندڙ حادثي بابت جنهن ۾ 60 کان وڌيڪ قيمتي انساني جانيون سڙي اجل جو شڪار ٿيون، ٻه لفظ همدردي جا چوڻ بجاءِ ٿاڻن جي صوبيدارن وانگر حدبندي جو تڪرار انتهائي افسوسناڪ آهي ان ڪري عوام جي چونڊيل نمائندن کي اهڙن رجحانن تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي. اميد ته هن حادثي جي پونيئرن جي دلجوئي ۽ مالي مدد سان گڏ سڙي فوت ٿيلن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي سڃاڻپ جا مرحلا آساني ۽ ترت طئه ڪيا ويندا ته جيئن هن معاملي جو ڪو ”اشو“ نه بڻجي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *