روزانو گلن جو مرجائجڻ

ٿر ۾ معصوم گُلڙن جي ڪومائجڻ جو سلسلو اڃا رُڪيو ئي ناهي ته لاڙڪاڻي مان آڪسيجن نه ملڻ سبب چئن ٻارن جي فوت ٿيڻ جي خبر رپورٽ ٿي آهي هيءُ ڪو پهريون ڀيرو ناهي، اِن کان پهريان به اسپتالن مان اهڙين ڪوتاهين جون خبرون اينديون رهنديون آهن، پر ڇاهي جو اُنهن اسپتالن ۾ جيڪا خلقِ خدا وڃي ٿي، تنهن جو نه ڪو ڌڻي نه سائين، هي اُهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي ’آڻين ۽ چاڙهين‘ واري زندگي گذاري رهيا هوندا آهن، جن وٽ نه ته پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جيترا ڏوڪڙ هوندا آهن، نه ئي ڏيهي نجي اسپتالن ۾ وڃڻ سندن وس جي ڳالهه هوندي آهي، اُهي ڀڄي ڊُڪي انهن ئي اسپتالن ڀيڙا ٿيندا آهن، ته من ڪو علاج ٿي پوي. پر ڪڏهن انتظاميا جي نااهلي ته ڪڏهن دوائن جي کوٽ اُنهن جي اهنجن ۾ اضافي جو سبب بڻجنديون رهنديون آهن ۽ اُهي صحتيابيءَ بجاءِ زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويهندا آهن. اِهڙي حالت رُڳو چانڊڪا اسپتال جي ئي نه پر لڳ ڀڳ سنڌ جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ساڳي ئي حالت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. توڻي جو هر سال اُنهن اسپتالن لاءِ ڪروڙين رپيا بجيٽ ۾ رکيا وڃن ٿا، پر اُهي يا ته صحيح مد ۾ خرچ نٿا ڪيا وڃن يا جيڪڏهن خرچ ڪيا به وڃن ٿا ته اُهي غير ضروري ڪمن ۾، جنهن سبب علاج جون گهربل ضرورتون پوريون ٿي نٿيون سگهن ۽ نتيجي ۾ اهڙا ئي واقعا جنم وٺندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ انهيءَ واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين اعليٰ شخصيتن پڻ نوٽيس ورتو آهي ۽ جاچ جو به حُڪم ڏنو آهي، پر اِهو سڀ ’ليڪو ڪُٽڻ‘ واري ڳالهه جيئن ئي آهي. ڇو ته اسان وٽ سدائين واقعا يا واردات ٿيڻ کان پوءِ ئي سرڪاري حلقن ۾ جنبش ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهڙي قسم جو تحرڪ جيڪڏهن مستقل بنيادن تي ڏيکاريو وڃي ۽ هر اداري کي مڪمل سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ۽ اُن مٿي نظرثاني ٿيندي رهي ته هوند اهڙي نقصان کان گهڻي حد تائين پنهنجن ماڻهن کي محفوظ رکي سگهجي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان اسان جي حڪمرانن ماڻهن کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. صحت ئي نه پر هر معاملي ۾ بي حسيءَ جي انتها آهي، ائين لڳي ٿو حڪمرانن پنهنجي فرض کي وساري ڇڏيو هُجي، اُنهن جي دل جي ڦرهيءَ تان عوام توڙي انهن جا اهنج ميسارجي چُڪا هُجن. کين انهن ڪروڙين ماڻهن سان هاڻ ڪو به سروڪار نه رهيو هُجي، جن سندن چونڊ ئي ان لاءِ ڪئي هُئي ته اُهي اقتدار ۾ اچي هنن جو آواز بڻبا، ۽ اُنهن جي درد جو درمان ٿيندو، سندن تڪليفن ڀري زندگيءَ کي سُڪون جون گهڙيون نصيب ٿينديون. پر افسوس ته ائين ناهي ٿيو ۽ گذريل ستن سالن کان مسند تي ويٺل حڪمرانن پنهنجن ماڻهن سان جيڪا روش رکي آهي، اهڙي شايد فاتح يا ڌاريا به ناهن رکندا. ٿر ۾ مرندڙ معصوم ٻارن جي مائرن مٿان جيڪا چٿر ڪئي وئي، جيڪي انهن کي ويڻ ڏنا ويا، سي ماضيءَ جي بدترين آمريتن ۾ به نه مليا هوندا. سنڌ کي مقتل گاهه بڻجندي ڏسندڙ حڪمران نه معلوم الائي ڪهڙا هتي جي ماڻهن کان پلاند پاڙي رهيا آهن، جو اُنهن جي جيءَ کي معصوم زندگين جي ڪومائجڻ تي نه جهوري ٿي اچي نه جُهٻي. جنهن پارٽيءَ کي سنڌ جي ماڻهن سدائين پنهنجو سمجهيو، اُن جي اقتدار ۾ هوندي نڌڻڪائيءَ جو احساس ويتر وڌي ويو آهي. انهيءَ احساس جنهن مايوسيءَ کي جنم ڏنو آهي، تنهن جو اسان جي حڪمرانن کي ادراڪ ئي ناهي. اِها مايوسي ئي هوندي آهي، جيڪا جڏهن ڌڪار بڻجي وڃي ته پوءِ سوين هيلن وسيلن باوجود به اُن جو ازالو ممڪن ناهي ٿي سگهندو. تنهن ڪري سرڪار کي ٿڌيءَ دل سان پنهنجي ڪوتاهين جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.