رائو انوار جي گرفتاري جو حڪم…!

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ، جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي عدالت ۾ پيش ٿيا پر رائو انوار طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيو. نقيب الله قتل جي جاچ ڪميٽي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي طرفان جمع ڪرايل جاچ رپورٽ ۾ رائو انوار جي موقعي تي موجودگيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي.جنهن ۾ رائو انوار جي دعوائن کي ثبوتن جي بنياد تي ڪوڙو ثابت ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته رائو انوار ۽ سندس ٻين نهايت ويجهن ساٿين جي موبائل فون نمبرز جي فارنزڪ ۽ سي ڊي آر ڪيا ويا جنهن ۾ ثابت ٿي ويو ته مقابلي ۾ شامل پوليس اهلڪار ۽ آفيسر هر وقت رائو انوار سان گڏ رهيا. نقيب الله پوليس مقابلي وقت رائو انوار سميت 9 پوليس اهلڪار موقعي تي موجود هئا ۽ ڪال تفصيل (ڊيٽيل) ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته پوليس مقابلي دوران رائو انوار کانسواءِ 8 ساٿي به ساڻس گڏ هئا. موبائل فون فارنزڪ ۽ سي ڊي آر ۾ رائو انوار جو آفيسرن ۽ اهلڪارن سان هر وقت رابطو ثابت ٿيو ۽ سمورا ماڻهو هر وقت هڪ ٻي سان گڏ ڏٺا ويا، رپورٽ پيش ڪرڻ کان پوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  پڇاڻو ڪيو ته اسان رائو انوار کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، ڇا رائو انوار عدالت ۾ آهي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه عدالت کي ٻڌايو ته هو روپوش آهي، چيف جسٽس ٻيهر چيو ته رائو انوار کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها، توهان رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪهڙي ڪوشش ڪئي؟ آءِ جي سنڌ عدالت کي رائو انوار جي گرفتاري بابت قدمن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اسان رائو انوار کي هر طرح گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهيون، جيستائين رائو انوار اسلام آباد ۾ هيو ڪيس داخل نه ٿيو  هو. چيف جسٽس ايوي ايشن اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته ڇا خانگي جهاز ۾ رائو انوار سفر ته نه ڪيو آهي، ٻڌايو ته  رائو انوار 15 ڏينهن اندر پرڏيهه سفر ڪيو ته ناهي؟ سمورا چارٽر جهاز رکندڙ مالڪ حلف ناما پيش ڪن. هن آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته هتي به وڏا وڏا لڪائيندڙ موجود آهن، آءِ جي صاحب ٻڌايو ڪراچي ۾ ڪنهن رائو انوار کي لڪايو ته ناهي، اهو ته ناهي ته رائو انوار جتي ويو اتي توهان جي پهچ ناهي، توهان آزادي سان ڪم ڪيو ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه اچو، اسان ايماندار آفيسرن کي ناڪام ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان کي ٻڌايو توهان کي ڪيترو وقت گهرجي. آءِ جي سنڌ چيو ته مان وقت نه ٿو ڏئي سگهان، سندس گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. عدالت جي پڇاڻي تي آءِ جي سنڌ سپريم ڪورٽ کان رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ٽن ڏينهن جو وقت طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ٺيڪ آهي ٽن ڏينهن اندر رائو انوار جي گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي، مون کي پوليس تي اعتبار آهي، پوليس ۾ سٺا آفيسر آهن، پر اوهان جي ڪميٽي درست ڪم نه ڪيو ته پوءِ اسان پنهنجي ڪميٽي جوڙينداسين .نقيب الله قوم ۽ اسان جو ٻچو هو، اسان رياست کي قتل عام جي اجازت نه ڏينداسين. ڊي جي سول ايوي ايشن کي پائلٽس جي ڊگرين جي تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *