دهشتگردن کي ڦاهي چاڙهڻ جون تياريون

 

پاڪستان ۾ جيڪي به ڦاهي جي سزا مليل قيدي آهن، تن مان انهن قيدين جي سزا تي عملدرآمد جا وڌيڪ امڪان آهن. جن جا ماضي ۾ بليڪ وارنٽ پڻ جاري ٿي چڪا هئا، پر انهن جي سزائن کي روڪيو ويو هو جيئن ته موت جي سزا مليل قيدين ۾ ٽن قسمن جا قيدي آهن، هڪڙا قيدي اهي آهن جيڪي ذاتي جهيڙن ۾ ملوث هجڻ ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جا حقدار قرار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي قسم ۾ اهي قيدي اچن ٿا، جيڪي دهشتگردي وارن ڏوهن ۾ ملوث هئا ۽ انهن کي عدالتن ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ڏني آهي. اهڙن قيدين ۾ اڪثريت بندش پيل تنظيمن جي قيدين جي آهي، جڏهن ته ٽيان اهي قيدي آهن جن جو ڪورٽ مارشل ٿيل آهي، هاڻ هن وقت بحث اهو هلي رهيو آهي ته ڪهڙن قيدين جي سزا تي پهرين عمل ٿيئي. يعني دهشتگردي ۾ ملوث موت جي سزا ٻڌايل قيدين کي پهرين ڦاهي تي چاڙهيو وڃي يا ڪنهن به قيدي سان به رعايت نه ٿيڻ کپي. ڪجهه اهڙا قيدي به آهن، جن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جي الزام هيٺ موت جي سزا ٻڌايل آهن، انهن قيدين جو گهڻو تڻو تعلق سياسي پارٽين جي عسڪري ونگز سان آهي، جڏهن ته ڪجهه سياسي پارٽيون پنهنجن پنهنجن ڏوهارين کي بچائڻ گهرن ٿيون، اهڙي ريت ڪورٽ مارشل ذريعي سزا مليل مجرمن کي سگهارا هٿ بچائڻ گهرن ٿا ته ٻئي طرف بندش پيل تنظيمون پنهنجن مجرمن کي بچائڻ لاءِ سوچڻ ۾ رڌل آهن. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته جيڪڏهن جهادي ۽ بندش پيل تنظيمن جي مجرمن کي ڦاهي تي ٽنگيو ويو ته پوءِ ان ڳالهه جا امڪان وڌيڪ آهن ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي هڪ وڏي لهر ٻيو ڀيرو به شروع ٿي وڃي، جنهن جي سٽ پاڪستان سهي سگهندو يا نه، تنهن جو فيصلو ايندڙ وقت ئي ٻڌايئندو. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف دهشتگرد تنظيمون دهشتگردي ذريعي پنهنجو دٻاءَ وڌائي سگهن ٿيون ته ٻئي طرف اڪثر مذهبي جماعتون جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح جهادي تنظيمن جون ساٿاري آهن، اهي سياسي وڳوڙن ذريعي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون. ساڳئي ريت ڪورٽ مارشل ذريعي مليل سزائن تي عملدرآمد سان سگهارن ادارن ۾ به بيچيني جي لهر پکڙجي سگهي ٿي. اهڙي ريت سياسي پارٽين جي عسڪري ونگز جي سزا کاڌل ڏوهارين جي سزا تي عملدرآمد سان ملڪ ۾ سياسي افراتفري پڻ وڌي سگهي ٿي. مثال طور ايم ڪيو ايم جي هڪ دهشتگرد صولت مرزا جي ڦاهي گذريل 10 سالن کان التوا جو شڪار آهي ۽ اجمل پهاڙي سميت ڪيترن ئي دهشتگردن خلاف شاهديون موجود آهن. ڪجهه حلقا ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ پاران آرمي چيف کي ورجائي ورجائي مداخلت ڪرڻ واري ڳالهه بابت اهو ئي چئي رهيا آهن ته الطاف حسين موت جي سزا ٻڌايل سندس پارٽي جي ڪارڪنن کي بچائڻ گهري ٿو. اهڙي ريت ڪجهه ٻيون سياسي تنظيمون به آهن جيڪي پنهنجن ڏوهارين کي ڪنهن ڳري سزا کان بچائڻ لاءِ مختلف قسم جا جا دٻاءَ وجهڻ چاهين ٿيون. اسان اهو سڄو منظر ان ڪري چٽيو آهي ته هاڻ جيڪڏهن ڦاهين وارو سلسلو بنا ڪنهن رعايت جي شروع ڪيو ويو ته پوءِ حڪومت لاءِ خطرن سان گڏوگڏ ملڪ ۾ دهشتگردي وارين ڪاررواين ۾ اضافو ٿيڻ وارن امڪانن کي رد ڪري نه ٿو سگهجي، پر جيڪڏهن ڦاهيون پسند ۽ ناپسند يا ڪنهن کي رعايت ڏيڻ يا نه ڏيڻ جي بنياد تي ڏنيون ويون ته پوءِ حڪومت جنهن گهوٽالي جو شڪار ٿيندي ۽ حڪومت خلاف جيڪي ڪات ڪهاڙا کڄندا اهي پڻ حڪومت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *