دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

 

ملڪ ۾ سزا کاڌل دهشت گردن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ٽئين ڏينهن وڌيڪ 9 دهشت گردن جا وارنٽ جاري ڪيا ويا. ڪنهن به وقت ڦاهو سندن ڳچي ۾ پوڻ جو امڪان آهي.ڪراچي،حيدرآباد ۽ سکر جيلن ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا. سيڪيورٽي فوج سنڀالي ورتي. راولپنڊي، لاهور، ملتان، بهاولپور ۽ هري پور جيلن ۾ ڦاهيون ملڻ جو امڪان آهي. حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. مليل اطلاعن موجب ملڪ ۾ موت جي سزا کاڌل دهشت گردن کي ڦاهي چاڙهڻ جو سلسلو جاري آهي. ڊاڪٽر عثمان جي ٽن ساٿين سيمت وڌيڪ 9 دهشت گردن جا بليڪ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. سکر جيل ۾ عطاءُ الله ۽ محمدعظيم کي اڱاري ڏينهن لٽڪايو ويندو. جڏهن ته ڪوٽ لکپت جيل لاهور جي احسان، نديم ۽ ڪامران ملتان جيل ۾ زاهد، بهاولپور جيل جي محمد نواز ۽ اڊيالا جيل راولپنڊي جي ٽن قيدن جا بليڪ اورنٽ جاري ڪيا ويا آهن. جنم کي اڄ يا سڀاڻي ڦاهي چاڙهيو ويندو. ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ حساس ادارن جي ٺڪاڻن تي حملي ۾ ملوث چئن ڏوهارين کي اڄ ملندڙ ڦاهيءَ جون سزائون ڊيٿ وارنٽ جاري نه ٿيڻ سبب معطل ڪيون ويون. لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ اڄ 4 دهشتگردن نديم، ڪامران، زاهد ۽ عظيم کي ڦاهيءَ تي لٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر ڊيٿ وارنٽ جاري نه ٿيڻ سبب انهن جون سزائون معطل ڪيون ويون آهن جيڪي ايندڙ هفتي ڪنهن به ڏينهن ملڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف ڏوهارين کي موت جون سزائون ڏيڻ واري فيصلي بعد دهشتگردي جي خدشي سبب ڪوٽ لکپت جيل جي سڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي. عام شهرين جي جيل ۾ داخلا بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڏوهارين جي وارثن کي سخت چيڪنگ بعد ملاقات جي اجازت ڏني پئي وڃي. واضح رهي ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ڦاهي جي سزا جي 4 ڏوهارين مان هڪ ملتان ۾ آرمي ڪئمپ جڏهن ته 3 چناب ۾ آرمي ڪئمپ تي حملي ۾ ملوث هئا جن جون رحم واريون اپيلون صدر رد ڪري چڪو آهي.هوڏانهن راولپنڊي جي اڊياله جيل ۾ سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ڦاهي جو عمل روڪيو ويو آهي. جيل ذريعن موجب سيڪيورٽي خدشن سبب ڪليئرنس ملڻ تائين ڪنهن به دهشتگرد کي ڦاهي نٿي ڏئي سگھجي. وفاقي گهرو وزارت صوبائي حڪومتن کي سڀني جيلن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ انٽيليجنس معلومات وقت سر استعمال ڪرڻ جو به چيو ويو آهي ۽ موت جي سزا مليل دهشت گردن جي حفاظت سخت ڪرڻ جو چيو ويو آهي. حيدرآباد سينٽرل جيل جا حفاظتي انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، رينجرس، پوليس ۽ ايف سي جي اهلڪارن جي نفري ۾ اصافو ڪندي وڌيڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ مليل اطلاعن موجب ڪراچي کان هڪ ٽيم حيدرآباد سينٽرل جيل پهچي جيل انتظاميا، پوليس، رينجرس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي ۾ جيل جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن، سينٽرل جيل ۾ پهتل ٽيم جيل ۾ حفاظتي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو آهي، جنهن کانپوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل جا حفاظتي انتهائي سخت ڪندي ڀتين تي خاردار تارون وڇايو ويون آهن، سمورين بيرڪن جي ڇتن تي تربيت يافتا شوٽر مقرر ڪيا ويا آهن، جيل ۾ اندر ۽ ٻاهر نفري وڌائي وئي آهي، ذريعن وٽان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڦاسي گهاٽ جي صفائي جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيمن جي قيدين سميت ڦاهيءَ جي سزا آيل191 قيدي موجود آهن، جن ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ ڦاهيءَ جي سزا آيل قيدي شيخ عمر،  سندس 2 ساٿي ۽ جهاز کي اغوا ڪرڻ جي ڪيس ۾ ملوث ڦاهي جي سزا کاڌل شير سوار ۽ صابر پڻ شامل آهن، جن جي ڦاهيءَ واري سزا تي ڪنهن به وقت عمل ٿي سگهي ٿو. سکر سينٽرل جيل ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطو رکندڙ موت جي سزا ۾ قيد عطاءُ الله ۽ اعظم جا ڊيٿ وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ جيل جي سيڪيورٽي جا انتظام فوج جي سنڀالي ورتا. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ جيان ڪراچي، حيدرآباد کانپوءِ سينٽرل جيل ون جا انتظام فوج حوالي ڪيا ويا آهن. سکر ۾ موت جي سزا جا 95 يدي قيد آهن. جن مان عطاءُ الله ۽ اعظم کي 23 ڊسمبر تي ڦاهي لٽڪايو ويندو. جيل جي سڪيورٽي رينجرز اهڪلارن کان پاڪ فوج جي حوالي ڪئي وئي آهي. صدر ممون حسين  17 دهشت گردن جون رحم جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. جن ۾ سينٽرل جيل لاهور جا قيدي احمد خان، فياض رسول،بهاولپور جيل جو محمد اسلم شاهه پور جيل جو عبدالرحمان، سيالڪوٽ جيل جو لقمان محمد علي، محمد سليم، ڪراچي جيل جا محمد شاهد حنيف، مفتي شاهد، محمد طلحه حسين، نعمان حسين، خليل احمد، حسن جان، محمد سعيد، مڇ جيل جا ريض احمد، امير حمزه، هاجي خان شامل آهن. پنجاب جي جيلن ۾ ڦاهي گهاٽ تيار ڪيا ويا آهن ۽ جلاد به مڪمل تيار آهن. هوڏانهن پنجاب جي گهرو وزير ڪرنل (ر) شجاع خانزادي چيو آهي ته 8 دهشت گردفن جا اورنٽ جاري ٿي ويا آهن. جن کي ڪنهن به وقت ڦاهي تي چاڙهي سگهي ٿو. ٻئي مرحلي م ڦاهين جو سلسلو تيز ڪيو ويندو. اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ پرورز مشرف تي حملي جو الزام آهي. ڦاسي جي انتظار ۾ ويٺل ٻن ٻين جوابدارن منظور احمد ۽ نياز محمد تي الزام آهي ته هنن ڊسمبر 2003 ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي ٻيو حملو ڪيو، ٻئي جوابدر هن وقت اڊيالا جيل ۾ قيد آهن، دهشتگرد نور محمد بادشاهه کي به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڦاسي ڏني ويندي. نور محمد بادشاهه تي الزام آهي ته هن اڳواڻي وزيراعظم شوڪت عزير تي جولاءِ 2004 ڌاري فتح جنگ ۾ حملو ڪيو ۽ هو انهي حملي جو ماسٽر مائينڊ شمار ٿئي ٿو ۽ هن وقت هري پور سينٽرل جيل ۾ قيد آهي. پنجاب جي گهرو کاتي 8 دهشتگردن جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪيا آهن جيڪي ڪوٽ لکپت، بهاولپور، اُڊياله ۽ فيصل آباد جي جيلن ۾ قيد آهن ۽ هنن کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڦاسي ڏني ويندي.  ڪراچي جيل جي اختيارين دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 3 سان رجوع ڪري ٻن دهشتگردن بهرام خان ۽ شفقت حسين کي ڦاسي ٽنگڻ لاءِ تازا بليڪ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي. ساڳي عدالت ٻنهي جوابدارن جا ڊيٿ وارنٽ اڳ ئي جاري ڪري چڪي آهي پر ايوان صدر انهي سزا تي عمل کي روڪيو هو. بهرام کي خون جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ملي هئي جڏهن ته ساڳي ئي خون ۾ معاونت تي پير بخش کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. بهرام 2003 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪورٽ روم ۾ هڪ وڪيل کي قتل ڪيو هو جڏهن ته شفقت کي سال 2004 ڌاري نيو ٽائون مان ٻار کي اغوا ڪري قتل ڪر ڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي. بهرام سب انسپيڪٽر پير بخش سان گڏجي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس زوار حسين جعفري جي عدالت ۾ وڪيل اشرف کي قتل ڪيو هو. ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي جيلن ۾ قيد ڦاهي جي 15 قيدين جي سيڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *