اطلاع آهن ته فيصل آباد ۾ پرويز مشرف تي حملو ڪرڻ جي الزام هيٺ ڦاهي آيل مجرم زبير احمد کي لوڌران ۾ دفنايو ويو آهي، جنهن جي جنازي نماز ڪروڙ پڪا جي مدرسي باب العلوم ۾ مفتي مولانه عبدالحميد لڌيانوي جيڪو انهي مدرسي جو ناظم اعليٰ پڻ آهي، پڙهائي آهي. هوڏانهن گذريل ڏينهن سينيٽ ۾ سينٽرن جي تقريرن جو مرڪز اسلام آباد جي لال مسجد ۽ مولانا عبدالعزيز هو، جنهن ۾ هنن چيو ته مسجدون ڪيرايون نه پر آباد ڪيون وينديون آهن. اسلام آباد انتظاميا جو ملازم مولانا عبدالعزيز ٻارڙن تي حملي جو جواز پيش ڪري رهيو آهي، حڪومت جڏهن ان کي ر وڪي نه ٿي سگهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ڪئين وڙهندي. هڪ سينيٽر چيو ته 90 سيڪڙو مدرسا دهشتگردي ۾ ملوث ناهن، اصل مسئلو 10 سيڪڙو مدرسا آهن، جيڪي دهشتگردي کي هٿي ڏيئي رهيا آهن. ڪلمو ۽ نماز پڙهندڙ مسلمان پنهنجن ٻارڙن جو قتل ڪن ٿا، پشاور واقعي جا ذميوار مسلمان چورائڻ جا حقدار ناهن.
اهڙي ريت عسڪري ۽ سياسي قيادت دهشتگردن جو هر جاءِ تي پيڇو ڪرڻ ۽ آخري دهشتگرد تائين ويڙهه ڪرڻ بابت پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي، بهرحال هن وقت جيتوڻيڪ سڄو ملڪ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ هڪ آواز آهي. ليڪن اسان جڏهن نيشنل ورڪنگ ڪاميٽي، سينيٽ سميت فوجي ۽ عسڪري قيادت کي دهشتگردن خلاف جهڙي ريت ويچار ڏسون ٿا، تنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت فوج ۽ سياسي قيادت دهشتگردن خلاف هڪ هڪاڻي ڪرڻ واري عزم تي قائم آهن. جڏهن ته سينٽ ۾ اهڙن مدرسن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي، جيڪي سڌي ريت ملڪ ۾ انتهاپسندي واري سوچ کي هٿي ڏيئي رهيا آهن. اسان جي خيال ۾ اها حقيقت به آهي ته ملڪ ۾ موجود 90 سيڪڙو مدرسا پنهنجي مدد پاڻ تحت هلي رهيا آهن ۽ انهن کي نه ته ڪا پرڏيهي امداد ملي ٿي ۽ نه ئي اهي ڪجهه اهڙين ڌرين پاران قائم آهن جيڪي پنهنجي ڪاري ڌن کي اڇو ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا مذهبي ادارا کولي انهن جا سرپرست بڻيل آهن.
پاڪستان ۾ قائم اهڙن 10 سيڪڙو مدرسن جو پتو لڳائڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي ڇاڪاڻ ته جن مدرسن کي پرڏيهي امداد ملي ٿي، تن مدرسن جي مالي ذريعن جو پتو لڳائڻ موجوده دور ۾ آسان آهي، اهڙي ريت جيڪڏهن شڪي مدرسن جي آڊٽ ڪئي وڃي ته به خبر پئجي ويندي ته اهي ڪهڙا مدرسا آهن جن جي ڳجهن ذريعن سان مدد ٿي رهي آهي يا اهي ڪهڙيون قوتون آهن جيڪي اهڙن مدرسن جي مالي مدد ڪري رهيون آهن، اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن اکيون پوري ”ڦرڦر سنوٽو“ واري ڪار ڪئي وئي ۽ هر مدرسي کي شڪي نگاهه سان ڏٺو ويو يا هر مدرسي کي دهشتگردن جو سکيا مرڪز سمجهيو ويو ته پوءِ مذهبي قوتن ۽ دين جي خدمت ڪندڙ قوتن جي ڪاوڙ ۾ اضافو ٿيڻ لازمي آهي ۽ جيڪڏهن ديني ۽ مذهبي قوتون مدرسن خلاف ٿيندڙ ناجائز ڪاررواين بابت هڪ ٿي ويون ته پوءِ ملڪ ۾ هڪ نئين ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويندي جنهن کي سنڀالڻ مشڪل ٿي پوندو ته ٻئي طرف اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ اهي مدرسا به پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن جيڪي ملڪ ۾ انتهاپسندن واري سوچ کي هٿي ڏيئي رهيا آهن يا انهن جو بچاءَ ڪري رهيا آهن. مثال طور فيصل آباد ۾ ڦاهي مليل مجرم جي جنازي نماز مدرسي ۾ پڙهي وئي آهي ۽ مدرسي جو ناظم اعليٰ جيڪو پاڻ مفتي به آهي، ان پڙهائي آهي. هتي اعتراض جنازي نماز پڙهائڻ تي ناهي پر ان مائينڊسيٽ تي آهي، جيڪو جنازي نماز پڙهائيندڙ بابت محسوس ٿي رهيو آهي.
اسان جي خيال ۾ ديني مدرسن ۾ جيڪو نصاب پڙهايو وڃي ٿو ان تي به نظر رکڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ ضروري ناهي ته مدرسن کي ڪا سرڪاري ڊڪٽيشن ڏني وڃي ته فلاڻو ڪتاب پڙهايو ۽ فلاڻو نه پڙهايو ليڪن اهو ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجي ته مدرسن ۾ ڇا پڙهايو پيو وڃي ۽ جيڪي مدرسا حقيقت ۾ ديني تعليم ڏيڻ جو فرض سرانجام ڏيئي رهيا آهن، تن جي سرڪاري سطح تي مالي مدد ڪئي و ڃي ته جيئن اهي صحيح نموني پاڻ ڀرا ٿي درس ۽ تدريس وارو عمل جاري رکي سگهن. اسان کي جيڪي اطلاع مليل آهن تن موجب چيو وڃي ٿو ته انتها پسندي جو درس ڏيندڙ مدرسن ۾ جيڪو نصاب پڙهايو وڃي ٿو اهو نصاب بنگلا ديش مان اچي ٿو ان ڪري پهريائين ته بنگلاديش مان ايندڙ انتهاپسند سوچ کي هٿي ڏيندڙ مذهبي ڪتابن تي نظر رکڻ ضروري آهي ته جيئن اتان کان ايندڙ لٽريچر پاڪستان ۾ حالتن کي خراب نه ڪري. هتي اسان اها به تجويز ڏينداسين ته جهڙي ريت اسان وٽ امتحانن لاءِ تعليمي بورڊ قائم آهن، اهڙي ريت ديني مدرسن لاءِ جيڪڏهن ممڪن هجي ته ديني مدرسن جي امتحانن بابت ڌار تعليمي بورڊ قائم ڪيو وڃي ته جيئن مدرسن مان فارغ ٿيندڙ کٿابين کي ڊگريون ۽ سرٽيفڪيٽ ملي سگهن ۽ اڳتي هلي اهي انهن ڊگرين جي بنياد تي نوڪريون وغيره به حاصل ڪري سگهن ائين ڪرڻ سان ٿي سگهي ٿو ته ديني مدرسن جي نصاب تي نظر رکڻ ۾ به ڪنهن حد تائين مدد ملي سگهندي. ليڪن ان سلسلي ۾ به ڪنهن دٻاءَ يا زوري ڳالهه مڃرائڻ کان پاسوڪندي رضا ڪاراڻي طور تي رجسٽريشن ڪرائڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي ته جيئن هر کٿابي رڳو انهي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري جيڪو رجسٽرڊ هجي ۽ اهو ديني بورڊ سان پڻ لاڳاپيل هجي ۽ انهي مدرسي ۾ ملندڙ تعليم جي ملڪي سطح تي مڃتا به هجي.