دهشتگردن جي خاتمي جو عزم

ملڪ ۾ جاري دهشتگردي ۽ ان جي نتيجي ۾ هر نئين ڏينهن دهشتگردانه ڪاررواين جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان جو نه کٽندڙ سلسلو يقينن اهڙو معاملو نه آهي جنهن کي آساني سان نظر انداز ڪري سگهجي، ان ڪري ان بابت ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ جنهن جرئتمدانه موقف جو اظهار ڪيو ويو آهي ان تي سموري پاڪستاني قوم کي فخر آهي. حقيقت اها آهي ته دهشتگردي کي پاڪستان ۾ اُسرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو آهي ۽ ماضيءَ جي مختلف حڪومتن ان معاملي کي ايتري سنجيدگيءَ سان نه ورتو، جيترو وٺڻ گهربو هو، نتيجي طور دهشتگردن جا حوصلا وڌندا ويا ۽ انهن پنهنجو پاڻ کي رياست جو هڪ اهم ٿنڀو سمجهڻ شروع ڪيو جنهن جو ثبوت موجوده حڪومت جي ابتدائي ڏينهن ۾ ساڻن ڳالهين دوران انهن جي پيش ڪيل مطالبن مان ملي ٿو جيڪي سراسر ناجائز ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ هئا. اهو به ڏٺو ويو ته انهن نام نهاد ڳالهين دوران ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون تسلسل سان جاري هيون ۽ انهن ڪاررواين کي ڄڻ ته حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو. اهو ئي سبب آهي جو پاڪ فوج پنهنجي پيشه ورانه صلاحيتن مطابق دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪيو ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙي انهن جي لڪڻ جا هنڌ به کٽائي ڇڏيا. هن وقت به ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رکڻ واري جنهن عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي اهو پاڪستاني قوم جو دلي آواز آهي ڇو ته دهشتگردن پنهنجي ڪڌن ڪاررواين دوران نه مسجدن جو تقدس برقرار رکيو آهي، نه معصوم ٻارن ۽ بيگناهه عورتن کي بخشيو آهي ان ڪري اهي ڪنهن به طرح ڪنهن رعايت جا هرگز مستحق نه آهن۽ ڪجهه حلقن طرفان انهن سان ٻيهر ڳالهين جا تاثر به هاڻي ختم ٿيڻ گهرجن ڇو ته ڳالهين جي آڙ ۾ پاڪستاني قوم ۽ افواج پاڪستان جيڪو نقصان برداشت ڪيو آهي، اهو هاڻي ڪنهن کان به ڳجهو نه رهيو آهي. اسان هن موقعي تي حڪومت پاڪستان، سنڌ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو ڌيان انهن دهشتگردن ۽ انهن جي منفي سرگرمين طرف به ڏيارڻ گهرون ٿا جيڪي اسان جي وچ ۾ هر شهر جي گهٽي محلي ۾ موجود آهن ۽ جن جي ڏوهن وارين سرگرمين خلاف هڪ عام شريف شهري آواز اٿارڻ ۽ ٿاڻي تي پهچي شڪايت ڪرڻ جي جرئت به نٿو رکي. ان جو به اهم سبب قانون نافذ ڪندڙ ادارن خاص طور تي پوليس جو قانون تي پوري طرح عمل نه ڪرائڻ ۽ ڏوهن ۾ سياست جو داخل ٿيڻ آهي. ان ڪري ڪو به ڏوهاري قانون جي حرڪت ۾ اچڻ بعد قانون جي گرفت ۾ اچي ٿو ته سياسي پارٽيون ۽ سياسي گروپ ان ڏوهاري کي پنهنجي ڇت فراهم ڪري واويلا ڪرڻ شروع ڪن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ اهو ڏوهاري پنهنجي منطقي انجام تي نٿو پهچي. ٻيو ته ٺهيو پر مختلف وقتن ۾ اعليٰ عدالتن طرفان موت جي سزا مليل قيدي سالن کان جيلن ۾ بند آهن پر انهن جي سزائن تي نامعلوم سببن جي ڪري عمل نٿو ٿئي جنهن جو نتيجو ڏوهن ۾ زبردست واڌ، قتل غارتگري ۽ ڀتا خوري جي عروج جي صورت ۾ نڪري رهيو آهي. ان قسم جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي ۽ حڪومتون پنهنجي ادارن کي مضبوط بڻائي نافذ ڪيل قانونن جو عمل يقيني بڻائينديون آهن پر اسان وٽ ان قسم جي صورتحال منفي رخ پيش ڪري ٿي ۽ قانون ڪمزور ۽ ڏوهاري مضبوط ٿيندو پيو وڃي. ان ڪري ملڪ ۾ جتي وڏن دهشتگردن جون پاڙون پٽڻ وارو ڪم پاڪ فوج پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي ته ننڍن دهشتگردن ۽ سماج ۾ موجود ڏوهارين جي بيخ ڪني سول حڪومت جو به ڪم آهي ان ڪري سڀ کان اڳ سياست کي ڏوهن ۽ ڏوهارين کان آجو ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ قانون سازي ضروري هجي ته اها به ڪئي وڃي ان بعد قانون تي مڪمل عمل ڪرائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ۽ جيڪو به ان معاملي ۾ڪوتاهي جو مرتڪب ٿئي يا ڏوهاري جي سياسي پٺڀرائي ٿئي ته تاديبي ڪارروائي اهڙي ٿيڻ گهرجي جو آئنده ڪنهن کي قانون کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي جرئت نه ٿي سگهي. اهو ڪم بظاهر ته ڏکيو ٿو لڳي ڇو ته ملڪي سماج ۾ ڇڙواڳي عروج تي آهي پر ملڪ بچائڻو ۽ هلائڻو آهي ته ان لاءِ سخت فيصلا به ڪرڻا پوندا. ٻي صورت ۾ قانون جي خلاف ورزي ڏينهون ڏينهن وڌندي رهندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه سالن کان پوءِ منشيات فروشي، ڀتا خوري ۽ پراين ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ پنهنجو حق سمجهيو وڃي. ان ڪري پاڪ فوج جي دهشتگردن جي خاتمي واري عزم جو ورجاءُ ڪندي اسان جون چونڊيل حڪومتون به سماج مان دهشتگردي ۽ سماجي براين جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن هڪ عام غريب شريف ۽ بي پهچ شهري به پنهنجي جان و مال جي تحفظ لاءِ قانون ۾ سٺي اميد رکي سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *