دنيا ۾ ڦهليل دهشتگردي جو خاتمو آندو وڃي

 

لڳي ٿو ته اسلامي ملڪن ۾ لڳل باهه جا شعلا ٽين مهاڀاري لڙائي ٿيڻ جا اشارا ڏيئي رهيا آهن. آمريڪا پهريائين افغانستان ۾ رتوڇاڻ ڪرائي ۽ بعد ۾  آمريڪي فوجين عراق جو رخ ڪيو، جتي لکين مسلمان بم ڌماڪن آپگهاتي حملن ۽ موتمار هٿيارن جو شڪار ٿي ويا. اهڙي ريت لبيا ۾ملڪ جي حڪمران ڪرنل قذافي کي گهٽين ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪرڻ کانپوءِ لبيا کي رتوڇاڻ جو شڪار بڻايو ويو، جتي اڄ تائين ڪيترائي ويڙهاڪ گروپ هڪٻئي سان ويڙهه ۾ رڌل آهن. جڏهن ته صوماليا  ۾ دهشتگرد گروپ بوڪو حرام افغانستان ۽ پاڪستان ۾ طالبان، شام ۽ عراق ۾ داعش جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي سگهارو ڪري انهن کي مسلمانن جي ملڪن ۾ رتوڇاڻ ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ميدان تي لاٿو ويو آهي. هن وقت ايران، شام ۽ عراق  کي داعش جهڙي دهشتگرد تنظيم کان سخت خطرو آ هي، جيڪا مزارن کي ڊاهڻ جي حامي آهي ۽ انهن شام ۽ عراق  جي سرحد تي قائم علائقي ۾ موجود ڪيترين ئي مزارن کي بلڊوزر هڻي زمين دوز ڪري ڇڏيو آهي. سندن چوڻ آهي ته اسان جو ٽارگيٽ عراق ۾ موجود مزارون آهن، جن کي ڊاهڻ کانپوءِ ايران ۾ موجود  مزارن کي ختم ڪنداسين. صوماليا ۾ موجود دهشتگرد گروپ بوڪو حرام جتي حڪومتي فوجين سان ٽڪر کاڌو آ هي اتي ان گروپ عيسائين جي گرلز اسڪولن تي حملا ڪري 7 کان 12 سالن وارين ڇوڪرين کي سون جي تعداد ۾ اغوا ڪري کين مارڪيٽن ۾ نه رڳو وڪرو ڪيو آهي پر انهن کي زوري مسلمان ڪري پنهنجن هٿياربند ويڙهاڪن سان پرڻائي ڇڏڻ وارو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.هوڏانهن طالبانن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جيڪي ڪلور ڪيا آهن، اهي به ڪنهن کان ڳجها ناهن، انهن جي ڪاررواين سبب ٻنهي مسلمان ملڪن جي هزارين ماڻهن کي موت جي منهن ۾ وڃڻو پيو آهي، انهن پنهنجن حملن ذريعي مسجدن، امام بارگاهن، مندرن ۽ گرجا گهرن تي حملا ڪري هزارين عبادت ڪندڙن کي رت ۾ وهنجاريو آهي، جن خلاف هاڻ ضرب عضب آپريشن هلندڙ آهي.جڏهن ته اڃا تائين انهن جو مڪمل خاتمو ٿي نه سگهيو آهي، هڪ طرف مسلمان ملڪن کي  هڪٻئي سان ويڙهايو ويندو رهيو آهي ته ٻئي طرف انهن ملڪن ۾ دهشتگردن کي هٿيار ۽ ٻي مالي مدد ڏيئي انهن ملڪن جي عوام لاءِ موت جا سامان  پيدا ڪيا ويندا رهيا آهن. هتي سوال اهو آهي ته آخر انهن دهشتگرد گروپن کي ڪهڙا ملڪ هٿيار ۽ ٻي مدد فراهم ڪري رهيا آهن. هن وقت حالتون اتي اچي بيٺيون آهن جو سڄي دنيا جون آڱريون آمريڪا سعودي عرب، ايران پاڪستان ۽ يورپي ملڪن طرف کڄي رهيون آهن، جن تي الزام لڳي رهيا آهن اسلامي ملڪ دهشتگردي ۽  رتوڇاڻ جو مرڪز بڻجي ويا آهن ۽ اهو سلسلو اڃا  ختم نه ٿيو آهي پر هڪٻئي پٺيان مسلمان ملڪن کي نشانو بڻائڻ واري رٿا تي عمل هلندڙ  آهي. آمريڪا وڏو زور لاتو ته شام جي صدر جو تختو اونڌو ڪيو وڃي. ان حوالي سان شام ۾ ويڙهاڪ گروپن کي هر قسم جي مالي مدد ملڻ وارو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. آمريڪا شام جي صدر بشارالاسد جي  حڪومت جو تختو ڪڏهو ڪو اونڌو ڪرائي ڇڏي ها پر آمريڪا کي هاڻ ان ڊپ  اچي ورايو آهي ته ڪٿي ائين نه ٿيئي جو شام ۾ هڪ و ڏي علائقي تي قبضو ڪندڙ داعش جا ويڙهاڪ شام ملڪ تي قابض  ٿي وڃن ۽ ايران به نه ٿو چاهي ٿو ته شام جي صدر جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيئي ڇاڪاڻ ته  جيڪڏهن تختو اونڌو ڪيو ويو ته پوءِ داعش شام تي قبضو ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته اڳ ايران به اهي ڪوششون ڪيون هيون ته شام ۾ حڪومت جو خاتمو ڪيو وڃي، اهو سڄو منظرنامو اسان ان ڪري پيش ڪيو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي اسلامي ملڪن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ باهه وارن  شعلن بابت سڌ ڏ يئي سگهجي جيئن ته اسلامي ملڪن کي هڪ جي پٺيان ٻئي ملڪ کي نشانو  بڻائڻ واريون ڪارروايون هلندڙ آهن. ان سلسلي ۾ مٿي ذڪر ڪيل اسلامي ملڪن ۾ رتوڇاڻ جو سلسلو اڃا تائين جيئن جو تيئن جاري آهي پر اهو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌندو پڻ نظر اچي رهيو آهي.ان ڏس ۾ هاڻ  هڪٻئي اسلامي ملڪ يمن کي ان ساڳئي صورتحال جو شڪار ڪيو ويو آ هي، جنهن صورتحال ۾ ٻيا اسلامي ملڪ اڳ ئي ڦاٿل آهن. ان سلسلي ۾ يمن ۾ هڪ ويڙهاڪ گروپ جنهن کي ”حوثي“ ڪوٺيو وڃي ٿو، تنهن جي هٿياربندن ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ملڪ جو صدر عبدالربوهه منصوري ملڪ  مان فرار ٿي ويو، جڏهن ته حوثي ويڙهاڪ  گروپ جي اڳواڻي اڳوڻو صدر عبدالله صالح ڪري رهيو آهي.هوڏانهن ملڪ مان فرار ٿيل صدر عبدالربوهه منصوري اڳ ئي گڏيل قومن کي پرڏيهي ملڪن کي فوجي مداخلت جي اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪري رکي آهي، جڏهن ته خليج ڪائونسل ملڪ فوجي مداخلت ۽ نو فلائي زون لاڳو ڪرڻ لاءِ چيو آهي. هڪ طرف حوثي باغين ملڪ تي قبضو ڪيو آهي، جنهن کي ايران جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آهي ته ٻئي طرف ڪالهه سعودي عرب جي هوائي فوج پاران حوثي گروباغين جي ٺڪاڻن تي ڪالهه بمباري ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي، اهو پهريون موقعو آهي ته سعودي عرب جي هوائي فوج پاران ڪنهن ملڪ جي اندر ڪارروائي ڪئي آهي نه رڳو ايترو پر سعودي عرب پاڪستان کي درخواست ڪئي آهي ته حوثي باغين خلاف ڪارروائي لاءِ مدد ڪئي وڃي جنهن ڳالهه جي پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان پڻ تصديق ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ميان نوازشريف  پاران هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي طلب ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سعودي عرب جي درخواست تي غور ڪيو ويندو.سعودي عرب پاران پاڪستان کي ڪيل درخواست کانپوءِ صورتحال وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن پاڪستان سعودي عرب جي اپيل رد ٿو ڪري ته پاڪستان سعودي  عرب جون اهي سڀيئي همدرديون هڪ ڊگهي عرصي تائين وڃائي سگهي ٿو، جيڪي سعودي عرب وٽان پاڪستان کي حاصل آهن پر جيڪڏهن اهو سعودي عرب جي اپيل تي عمل ٿو ڪري ته پوءِ ان لاءِ خطرا هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته ايران اها ڌمڪي ڏني آهي ته ڪو به ملڪ يمن جي صورتحال ۾ مداخلت نه ڪري ۽ اهو به ممڪن آهي ته ايران حوثي ويڙهاڪن جي مدد لاءِ پنهنجي فوج کي يمن ڏانهن اماڻي جيڪڏهن ائين ٿيو ته  پوءِ پاڪستان ۽ ايران جا ناتا وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا.اسان هتي پاڪستان سرڪار کي رڳو اها صلاح ڏينداسين ته پاڪستان ماضي ۾ افغانستان ۾ مداخلت ڪري جيڪا غلطي ڪئي هئي ان جي سزا اڃا تائين پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي، ان ڪري ساڳئي قسم جي غلطي ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته سعودي عرب کي اها ڳالهه به سمجهائي وڃي ته پاڪ فوج ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ضرب عضب آپريشن ڪرڻ ۾ رڌل آهي، ان ڪري پاڪستان سعودي عرب جي اپيل تي ڪا به موٽ ڏيئي نه ٿو سگهي باقي پاڪستان يمن جي صورتحال کي رواجي ڪرڻ لاءِ پنهنجيون سفارتي ڪوششون تيز ڪري سگهي ٿو ته جيئن هڪ وڌيڪ اسلامي ملڪ گهرو ويڙهه ۽ رتو ڇاڻ جو شڪار ٿيڻ کان بچي پوي. اسان کي اميد آهي ته پاڪستان سرڪار ان سلسلي ۾ ڪنهن به اٻهرائي کان ڪم نه وٺندي ۽ يمن کي جنگ جو ميدان  ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *