دنيا جو امن ۽ گڏيل قومون

دنيا جي مختلف مامرن تي کلئي نموني بحث توڙي تجويزون سامهون آيون آهن. جن ۾ انسانيت، جمهوريت، ملڪ  وچ ۾ برابري جي بنياد تي ناتا رکڻ ۽ اڳرائي توڙي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي اهم ڳالهيون ٿيون آهن. ان ۾ هڪ اهم ترين ڳالهه آمييڪا پاران ڪئي ويئي اهي جنهن چيو آهي ته ڪهن به ملڪ تي ڏاڍ ۽ پئسي وسيلي امن نه ٿو آڻي سگهجي. اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون چيو ته اسان کي دنيا کي امن ڏيڻو آهي. گڏيل قومن جي چارٽر تي سختي سان عمل ڪرڻو آهي،  هن چيو ته اسان کي زندگيون بچائڻ لاءِ فنڊ نه پيا ملن، هن چيو ته  دنيا کي تباهه ڪرڻ آسان پر ان جو بچاءُ ڪرڻ ڏکيو عمل آهي. شام ۽ عراق جي پناهگيرن لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هر ماڻهو کي پر امن طور جيئرو رهڻ جو حق ڏيڻو پوندو.هن چيو ته دنيا ۾ انسانيت جو نظام اڃا ناهي ٽُٽو، هن چيو ته گھرو ويڙهه ۾ ملوث ماڻهو پنهنجي ملڪن کي تباهه ڪري رهيا آهن. سمورا ليڊر آئيني حدن جي پاسداري ڪن. هن چيو ته ايران ۽ عالمي قوتن ۾ ايٽمي معاهدي جي آجيان ڪريون ٿا. يمن مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي.  اسرائيل ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچن. اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر باراڪ اوباما چيو ته اسان عراق ۾ سبق سکي ورتو آهي ته طاقت ۽ پيسي جي زور تي ڪنهن به ملڪ ۾ امن نٿو آڻي سگھجي. علائقن تي قبضو ڪرڻ هاڻي طاقت جي علامت ناهي رهي. جنگيون عارضي حل  آهن. سندس چوڻ هو ته دنيا جو ڪو به ملڪ دهشت گردي کان بچيل ناهي. دنيا ۾ ماڻهن جي ڊپ مان فائدو ورتو پيو وڃي. اسين ڪيترين ئي وڏين قومن کي تباهه ٿيندي ڏسي رهيا آهيون، مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. هن چيو ته آمراڻا دور هميشه ڪمزور هوندا آهن، فوجي حل هميشه عارضي هوندو آهي. گڏيل قومن جي اصولن جمهوريت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڏني. دنيا کي خطرن ۾ واڌ اچي رهي آهي، اڪيلو آمريڪا دنيا لاءِ ڪجھه نٿو ڪري سگھي. آمريڪي صدر باراڪ اوباما پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته جنرل اسيمبلي مختلف ملڪن سان گڏجي ٽين عالمي جنگ کي روڪڻ جون ڪوششون ڪري. هن چيو ته آمريڪا کي به ڪيترائي خطرا آهن. اسان کي ذاتي اختلافن منجھائي ڇڏيو. هر مسئلي جو حل ڳالهين سان ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته شهرين ۽ اتحادين جي حفاظت لاءِ طاقت جو استعمال ڪرڻو پيو ته غور ڪيو ويندو. هن چيو ته يوڪرين جي مسئلي جي حل لاءِ گڏ ويهي ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايران سان ايٽمي معاهدو عالمي مضبوطي جي علامت آهي. ايران ايٽمي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو هو، ان کي روڪڻ لاءِ ساڻس ايٽمي معاهدو ڪيو سين. هن الزام هنيو ته ايران پراڪسي وار ذريعي پاڙيسري ملڪن جو ماحول خراب ڪري رهيو آهي. روس سان جنگ جا خواهشمند ناهيون، روس يوڪرين ۾ جنگ مڙهي آهي، يوڪرين ۾ اسان جا ڪجھه مفاد آهن، اوباما وڌيڪ چيو ته آمريڪا چين سان ڳالهيون چاهي ٿو، اهو چوڻ غلط آهي ته سرد جنگ ٻيهر شروع ٿي چڪي آهي. هن چيو ته آمريڪا اين جي اوز ذريعي ڪا دهشت گردي نه پيو پکيڙي، اين جي اوز ذريعي عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهاري رهيا آهيون.  امن لاءِ خدشن بدران اميدن جو دامن جهلڻ گھرجي.  باراڪ اوباما چيو ته داعش هڪ زهريلي ذهنيت جي علامت آهي، داعش اسلام جو چهرو چچرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اسلام همدردي ۽ صبر جو دين آهي، داعش جهڙن نظرين کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *