خدا جي خوف جو فقدان

گذريل ڏينهن ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ نيشنل سينٽر فارڊ سپيوٽ ريزولوشن پاران ڪوٺايل هڪ سيمينار کان خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته ملڪ جي اندر خدا جي خوف جو فقدان آهي . حرام ۽ حلال، سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ فرق ختم ٿي ويو آهي. جرڳا انصاف فراهم نه ڪندا. عدالتون جرڳن ۽ پنچائت جي فيصلن کي غيرقانوني قرار ڌئي چڪيون آهن، موثر  انصاف لاءِ عدليا تان دٻاءُ گهٽائڻو پوندو. مقتول جي ماءُ ۽ ڌيءَ عدالتن ۾ بيان ته ڏين ٿا پر گواهه مخالف ٿي وڃن ٿا، پيچيده طريقيڪار سبب ڪيس التوا جو شڪار آهن.2009ع ۾ قومي عدالتي پاليسي ۾ ترميم ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته اسان اهڙي معاشري جو حصوآهيون جتي خدا جي خوف جو فقدان آهي، عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ بدران بچڻ جو سهارو ورتو پيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته ڪيسن جي فيصلن ۾ دير سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، تڪرار جي حل لاءِ رڳو شهري علائقن ۾ قدم کنيا ويندا آهن، جڏهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ فيصلا جرڳن جي ذريعي ڪيا ويندا آهن جيڪي درست نه آهن، تڪرار جي حل لاءِ ٻهراڙي جي علائقن ۾ به نظام موجود هجڻ گھرجي، ملڪ ۾ لاڳو ٿيل عدالتي نظام ۾ ڪابه خرابي نه آهي، هي بهترين ۽ آزموده نظام آهي، جنهن جي ٻيا ملڪ به تقليد ڪندا آهن،پاڪستان ۾ عدليه آزادي سان فرض انجام ڏيئي رهي آهي، موجوده عدالتي نظام تي بي جا تنقيد غير مناسب آهي، صرف عدالتي حڪمن تي ان جي روح مطابق عمل ناهي ڪيو ويندو. ضرورت آهي ته اهڙا قانون متعارف ڪرايا وڃن جيڪي ڪيسن جو حل ڏين، تڪراري متبادل مرڪزن ۾ افرادي قوت وڌائي وڃي، دنيا ۾ تڪرار جي حل لاءِ متبادل نظام موجود آهي. جڊيشل ڪميشن به انصاف جي متبادل نظام جي فراهمي جي لاءِ تجويز ڏني هئي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ انصاف لاءِ متبادل ادارا قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، فوري انصاف جي فراهمي جي لاءِ مرڪز قائم ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته بروقت تڪرار حل نه ٿيڻ سبب واقعا سنگين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. عورتن کي قانوني مدد فراهم ڪرڻ قابل تحسين آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ نيشنل سينٽر فارڊ سپيوٽ ريزولوشن پاران ڪوٺايل هڪ سيمينار کان خطاب ڪندي ڪيو آهي ان موقعي تي وقتي چيف جسٽس سنڌ جسٽس احمد علي شيخ، صدر اين سي ڊي آر جسٽس (ر) سعيدالزمان صديقي، ڊي جي رينجرز ميجر بلال اڪبر، سينئر صوبائي وزير تعليم نثار کهڙي، پي ايم ايل ايف جي ايم پي اي ڄام مدد علي، ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي فاروق ستار، تحريڪ انصاف جي عارف علوي، ابراهيم سيف الدين، ايڊووڪيٽ منصور خان سميت غيرملڪي ماهرن شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *