حڪومت پاران آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو

 

8 1سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ حڪومت کي خيال آيو آهي ته هن ملڪ آدمشماري ڪرائجي ۽ ڏسجي ته وڌندڙ آبادي آخرڪار ڪٿي وڃي پهتي آهي؟.مستقبل ۾ آبادي ۾ اضافو ڪٿي دنگ ڪندو؟ ان آبادي ۾ واڌ جي نتيجي ۾ ڪهڙا ڪهڙا مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪجي؟ واري سوالن جي جواب سميت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ اهم معاملا غور هيٺ آيا، گڏوگڏ اهم فيصلا پڻ ٿيا، جن ۾ حلال خوراڪ لاءِ اٿارٽي ٺاهڻ ۽ پاور جنريشن پاليسي سميت ٻيا به فيصلا ڪيا ويا جن جي اجلاس کان پهريان اميد ڪئي پئي وئي. ان اجلاس جي اهم فيصلن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ترين فيصلو پاڪ فوج جي نگراني ۾ 8 سالن کانپوءِ آدمشماري جو فيصلو آهي جيڪو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، بلوچستان جو وڏو وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ پرڏيهه ۾ هئڻ ڪري اجلاس جو حصو نه بڻجي سگهيو. آدمشماري ايندڙ سال مارچ ۾پاڪ فوج جي نگراني ۾ ٿيندي ان تي جيڪو خرچ ايندو اهو وفاق ۽ صوبا گڏجي برداشت ڪندا، مارچ ۾ رٿيل آدمشماري کان پهريان 5 ڀيرا آدمشماري ٿي چڪي آهي، آخري ڀيرو 1998 ۾ ٿي، جڏهن ته ايندڙ سال 2016 ۾ 18 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ آدمشماري جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. هن وقت پاڪستان جي آدمشماري هڪ اندازي موجب 18 ڪروڙ 80 لک آهي جيڪا آخري آدمشماري ۾ 13 ڪروڙ 64 لک ڄاڻائي وئي هئي. وڌندڙ آبادي ڪيترن ئي معاملن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي تقاضا ڪري ٿي جنهن جو اسين مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون، اسان وٽ وسيلن جي کوٽ، بيروزگاري، معاشي بدحالي، دهشتگردي سميت ٻين مسئلن جي موجودگي ۾ تيزيءَ سان آدمشماري جو وڌڻ پڻ هڪ سنگين مسئلو آهي ڇاڪاڻ جومستقبل ۾ آدمشماري وڌڻ جي نتيجي ۾ ضرورتون به ان حد تائين وڌي سگهن ٿيون جن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت کان پهريان ئي رٿابندي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ائين ڪيوسين ته شايد ايندڙ وقت ۾ ڪي خاص چئلينج درپيش نه ٿين، پر جيڪڏهن روايتي ڪن لاٽار جو مظاهرو ٿيو ته پوءِ اهڙا ته سنگين مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا جن کي منهن ڏيڻ وس ۾ مشڪل هوندو. آئين موجب هر 10 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ آباديءَ جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ آدمشماري ڪرائڻي آهي ڇاڪاڻ جو آبادي جي آڌار ئي نئين سر تڪبنديون ٿين ٿيون ۽ ظاهر آهي ته ووٽ ورهائجي ويندا ۽ ان ئي سياسي نقصان کي نظر ۾ رکندي شايد سياسي پارٽيون يا خاص طور تي سياسي حڪومتون آدمشماري لاءِ تيار ناهن هونديون. جيڪڏهن هن مسئلي کي سياسي فائدي يا نقصان واري نطر کان هٽي ڪري وسيع تر قومي مفاد ۾ ڏٺو وڃي ته اهو سڀني جي مفاد ۾ هوندو.18 سالن جو عرصو ڪو معمولي عرصو ڪونهي.مختلف حلقن پاران آدمشماري جا مطالبا ٿيندا رهيا آهن، خاص طور تي سنڌ ۾ اهو اهم اشو رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي گهڻ گُهرن جا اها ڳڻتي رهي آهي ته سنڌ ۾ ڌارين کي مستقل طور تي آباد ڪري يا وري غير قانوني طور پرڏيهن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي سنڌ ۾ آباد ڪري ڌرتي جي اصل وارثن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هن خدشي سميت ٻيا به ڪيئي اهڙا معاملا آهن جيڪي آدمشماري سان تعلق رکن ٿا. حڪومت پاران دير سان ئي صحيح پر شڪر آهي ته ايندڙ چونڊن کان پهريان آدمشماري وارو فيصلو ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج جي نگراني ۾ آدمشماري وارو فيصلو انتهائي بهتر عمل آهي، ڇاڪاڻ جو ان سان گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن کي به شڪ شبهي جو موقعو نه ملندو، ٻيو ته آدمشماري ٺيڪ طرح سان ٿيندي تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آدمشماري جي حوالي سان مختلف اسٽيڪ هولڊرز کان تجويزون وٺي انهن کي آدمشماري لاءِ رٿابندي/پاليسي جو حصو بڻايو وڃي، ان سان اهو ضرور ٿيندو ته معاملا واضح ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ مونجهارو هوندو ته اهو نه رهندو، نه وري اڳتي هلي اها شڪايت ڪئي ويندي ته کين نه ٻڌو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *