حيدرآباد ليڊي هيلٿ ورڪرن جو احتجاج ۽ انتظاميه

آل پاڪستان ليڊي هيلٿ ورڪرس ايمپلائيز ايسوسيئشن سنڌ  طرفان حڪومت پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سوين ليڊي هيلٿ ورڪرن نٽهڻ اس ۾ احتجاجي  مظاهرو ڪري مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ڪيو، 5 ڪلاڪ مسلسل ليڊي هيلٿ ورڪرن مطالبن جي مڃتا لاءِ نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل رهيون، جنهن بعد صحت کاتي جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر روشن ڀٽي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ليڊي هيلٿ ورڪرن کي يقين ڏياريو ته سندن مطالبا 25 سيپٽمبر تائين حل ڪري ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پڪا آرڊر ڏنا ويندا، اهڙي يقين ڌياني بعد ليڊي هيلٿ ورڪرن مرڻ گهڙي تائين اعلانيل بک هڙتال واپس ورتي ۽ پنهنجو ڌرڻو ختم ڪيو. ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرز ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر حليمه لغاري ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم ۽ صحت کاتي سنڌ پاران ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پڪو ڪرڻ جي سلسلي ۾ جوڙيل ڪاميٽين پاران ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ باوجود سنڌ جي 24 هزار 68 ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪو ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته صحت کاتي جي اهڙي لاپرواهي مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پڪو ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي. هن چيو ته اسان اهو محسوس ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجون من پسند ليڊي هيلٿ ورڪرز ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سندن بار بار چتاءُ ڏيڻ باوجود ليڊي هيلٿ ورڪرن جي مسئلي طرف ڌيان نه ڏنو ويو، جنهن سبب مجبور ٿي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن سندن مسئلا 25 سيپٽمبر تائين حل نه ڪيا ويا ته هو حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال جاري رکنديون. هوڏانهن صحت کاتي جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر روشن ڀٽي ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران مطالبن جي مڃتاءَ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون لڳل ڌرڻي تي پهچي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي اها يقين ڌياني ڪرائي ته سمورين ليڊي هيلٿ ورڪرز جا مطالبا منظور ڪري کين 25 سيپٽمبر تائين پڪا آرڊر ڏنا ويندا، جنهن تي ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجو احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو. ليڊي هيلٿ ورڪرز سان يڪجهتي طور عوامي جمهوري پارٽي جو اڳواڻ مختيار عباسي ڌرڻي ۾ شامل ٿيو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جا جائز مطالبا منظور ڪري ۽ انهن کي رليف فراهم ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *