جنرل راحيل شريف پاران مدي ۾ واڌ نه وٺڻ جي اعلان جي آجيان

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چيو آهي ته نوڪري جي مدي ۾ واڌ تي يقين نٿو رکان، پنهنجي رٽائرمينٽ جي تاريخ تي رٽائر ٿي ويندس. ملڪي مفادن ۾ هر ڪم ڪنداسين. دهشتگردي خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي نوڪري واري مدي ۾ واڌ جون خبرون بي بنياد آهن. جنرل راحيل شريف کي نوڪري جي مدي ۾ واڌ نه گھرجي.جنرل راحيل شريف جو چوڻ آهي ته هو نوڪري جي مدي ۾ واڌ نه وٺندو. پاڪستان جو قومي مفاد سڀني کان اهم آهي. قومي مفاد جي حفاظت هر قيمت تي ڪئي ويندي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي نوڪري جو مدو 29 نومبر 2016 تي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ هُو رٽائر ٿي ويندو. سندس دور ۾ شروع ڪيل آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن جي ڪاميابين کي ياد رکيو ويندو.انٽرسروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت قياس آرائين کي بي بنياد قرار ڏنو آهي، جنرل راحيل شريف 29 نومبر 2013ع تي بري فوج جي سربراهه جي عهدي جو چارج سنڀالي هئي، فوج جو 15 هون سربراهه آهي، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ متعلق افواهه گهڻي عرصي کان خبرن ۾ گرد ٿي رهيون آهن.

پاڪستان پيپلز پارٽي پيٽرياٽ، پاڪستان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ ن ۽ عوامي نيشنل پارٽي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاران ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ واري فيصلي کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو، عمران خان، قمر الزمان ڪائره، شاهه محمود قريشي، زاهد خان، خالد مقبول صديقي، اقبال ظفر جهڳڙا، شيخ رشيد، ظفر علي شاهه ۽ ٻين چيو آهي ته آرمي چيف معتبر فيصلو ورتو آهي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ وارو فيصلو سٺو سنوڻ آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سربراهي ۾ پاڪ فوج دهشت گردن خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، قوم سندن قربانين کي هميشه ياد رکندي.  آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ واري فيصلو ڪري قوم جون دليون کٽي ورتيون آهن. سندس جي اهڙي فيصلي کانپوءِ سندس عزت ۾ اضافو ٿيو. آرمي چيف مدي ۾ واڌ نه وٺڻ جو فيصلو هڪ سچي سپاهي طور ڪيو آهي. ان فيصلي سان سٺو ثال قائم ٿيندو. حڪومت جنرل راحيل شريف کي مدي ۾ واڌ وٺڻ لاءِ مجبور نه ڪندي. نواز شريف پاڻ به آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هو. آرمي چيف سٺو ۽ عظيم فيصلو ڪيو آهي. ان سان فوج جي عزت وڌندي. آرمي چيف ڀلو فيصلو ڪيو آهي. فيصلي سان راحيل شريف جو وقار وڌندو.اسان کي اميد ڪرڻ گهرجي ته جنرل راحيل شريف کانپوءِ نئون آرمي چيف به سندس پاليسي جاري رکندو. فوج پاران جنرل ڪياني جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪئي هئي. جنرل راحيل شريف جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. جنرل ڪنرل ڪياني کي مدي ۾ واڌ اين آر او ڊيل پڪيج جو حصو هئي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف پاران ايڪسٽينشن نه وٺڻ واري فيصلي جي آجيان ڪري ڇڏي آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي اعلان کانپوءِ پاڪ فوج اداري طور وڌيڪ مضبوط ٿيندي. اعلان ڪرڻ کانپوءِ قوم جي نظرن ۾ جنرل راحيل شريف جو مقام وڌيڪ وڌي ويو آهي. مضبوط ادارن سان ئي قومون ٺهنديون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *