جمهوري گهرجن جو پورائو…!

گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اڳ واري ڪانفرنس ۾ اسان سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهايو هو پاڪستان 15 سالن ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي ملڪ ۾ ڪٿي به ڪو نوگو ايريا نه آهي، ملڪ کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري ڇڏيو آهي، اسان آپريشن ۾ آمريڪا کان به انٽيلي جنس شيئرنگ حاصل ڪئي ۽ افغانستان ۾ 2012ع ۾ اغوا ٿيل ڪينيڊا جي شهرين کي بازياب ڪرايو، اعتماد جوڳن لاڳاپن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ اسين ان نموني ئي اڳتي وڌي سگهون ٿا، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته افغان پناهگيرن جو واپس وڃڻ ضروري آهي ۽ ڏيڍ لک افغاني رجسٽرڊ ۽ ايترا ئي غير رجسٽرڊ آهن، اسان گهڻو ڪجهه ڪري ورتو هاڻي اسان ۾ وڌيڪ ڊو مور جي گنجائش نه آهي، ڪراچي ۾ ايف پي سي سي آءِ سان گڏجي هڪ سيمينار ڪيو جنهن ۾ ٽي اڳوڻا ناڻي وارا وزير ۽ ٻيا به ماڻهو موجود هئا، آرمي چيف به پنهنجو موقف پيش ڪيو، آئون فوج جو ترجمان آهيان ۽ جيڪو به چوندو آهيان اهو فوج جو موقف هوندو آهي هر ذميدار شهري ٽيڪس ڏي ته ملڪ مضبوط ٿيندو، احسن اقبال جي بيان تي فوجي هجڻ جي حيثيت سان مايوسي ٿي آهي، آئون پنهنجي بيان تي اڄ به قائم آهيان، جڏهن ته چيو پيو وڃي ته اهڙو بيان دشمن ڏئي سگهي ٿو، اسان هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو آئين ۽ قانون جي دائري ۾ هوندو، مون ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو چيو مون اهو ناهي چيو ته معيشت پستي ۾ هلي وئي آهي،

ملڪ ۾ ڪا به ٽيڪنوڪريٽ حڪومت نه پئي اچي ۽ نه ئي وري ڪا اڻ اعلانيل مارشل لا لڳي رهي آهي، جمهوريت کي جمهوريت جون گهرجون پوريون نه ٿيڻ سبب خطرو آهي، دنيا ۾ اهڙو ڪو به ملڪ ناهي جتي ادارن ۾ اختلاف راءِ ناهي هوندو، مستحڪم پاڪستان جي لاءِ سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ڪراچي پاڪستان جي معيشت جي انجڻ آهي ۽ اها هاڻ بهتر ڪم ڪري رهي آهي،اسان کي واپاري برادري جي خدشن کي به ڏسڻو پوندو، جنرل رضوان اختر جي استعيفا کي تڪراري نه بڻائڻ گهرجي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *