جمهوريت کي بچائڻ لاءِ سڀن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوڻو

 

پاڪستان ۾ جڏهن به ڪا حڪومت ختم ٿي آهي اها حڪومت گهڻو ڪري ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به وڏي واقعي ٿيڻ کانپوءِ ئي ٿي آهي، يعني حڪومت جي خاتمي کان اڳ ان لاءِ سياسي ۽ غير سياسي ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جيڪا صورتحال وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت خلاف به ڄڻ ته شروع ٿي چڪي آهي. مثال طور اڳوڻي وزيراعظم لياقت خان کي انهن ڏينهن ۾ قتل ڪيو ويو. جن ڏينهن ۾ ڪشمير جي آزادي لاءِ ويڙهه شروع ٿي چڪي هئي ۽ ڪشميري مجاهدن والاريل ڪشمير جا ڪيترائي علائقا جن ۾ موجوده آزاد ڪشمير جو ڳچ حصو شامل آهي، ڀارت کان آزاد ڪرائي ورتا هئا. ان جنگ ۾ جيتوڻيڪ تيزي سان ڪشميري مجاهد اڳتي وڌي رهيا هئا، پر اوچتو ئي اوچتو اها جنگ بند ڪئي وئي يا ڪرائي وئي، تنهن کان پوءِ لياقت علي خان کي روالپنڊي جي جلسي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ سندس حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو. جنرل ايوب خان جي حڪومت به بلوچستان ۾ 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ لڳڻ کانپوءِ جڏهن تاشقند ۾ ڪيل معاهدي ذريعي بند ٿي، تنهن کانپوءِ جنرل ايوب خان جي حڪومت جو زوال ٿيو ۽ نيٺ کيس اقتدار جنرل يحيٰ خان حوالي ڪرڻو پيو جنرل يحي! خان جو اقتدار به اوڀر پاڪستان ۾ فوجي ڪارروائي شروع ڪرڻ ۽ جنرل نيازي پاران هٿيارڦٽا ڪرڻ کانپوءِ زوال پذير ٿيو ۽ کيس اقتدار کي ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪرڻو پيو. ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو زوال به بلوچستان ۾ ڪيل آپريشن کان پوءِ شروع ٿيو ۽ هڪ وڏي تحريڪ کانپوءِ ان جو به تختو اونڌوڪيو ويو، جنهن کانپوءِ جنرل ضياءُ الحق اقتدار سنڀاليو جنهن جو اقتدار به افغانستان ۾ افغان مجاهدن جي مدد ڪرڻ ۽ سندن ڪاميابي جي ويجهو ٿيڻ تي ۽ جنگ ۾ پاڪستان جا سڀيئي وسيلا استعمال ڪرڻ کانپوءِ کيس هڪ هوائي حادثي ذريعي هن جي حڪومت جو خاتمو ڪرايو ويو. اهڙي ريت وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي حڪومت به اوجهڙي ڪيمپ ۾ ٿيل ڌماڪن کانپوءِ ترت ختم ڪئي وئي. محترما بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن کانپوءِ ته ڄڻ ته هلڻ ئي نه ڏني وئي. اهڙي ريت ميان نواز شريف جي پهريون ڀيرو واري حڪومت کي به ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ڪرائي ۽ بينظير ڀٽو جي حڪومت جهڙن بحرانن جو شڪار ڪري هٽايو ويو، ليڪن ٻيو ڀيرو بينظير ڀٽو جي حڪومت سندس ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽو جو قتل ڪرائي ختم ڪئي وئي ته ميان نواز شريف جي حڪومت ڪارگل ۾ فوجي ڪارروائي کانپوءِ اقتدار تان هٽائي وئي. اهڙي ريت پيپلز پارٽي جي پوئين حڪومت رڳو ان ڪري بچيل رهي جو ايوان صدر ۾ آصف علي زرداري ويٺل هو، جڏهن ته عدالتن ذريعي ان حڪومت جي هڪ وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ته ٻئي وزيراعظم کي عدالتن جا چڪر ڪاٽايا ويا.

ماضي ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ غير سياسي حڪمرانن سان جيڪي جٺيون اقتدار ۾ هجڻ ۽ لهڻ کانپوءِ ٿينديون رهيون آهن، تن جو خاڪو پيش ڪرڻ کانپوءِ هاڻ اچو ته ڏسون هن وقت ڪهڙي صورتحال آهي، وزيراعظم ميان نواز شريف اقتدار ۾ آهي ۽ اتروزيرستان ۾ فوجي آپريشن هلندڙ آهي جيڪو آپريشن هاڻ پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته اتر وزيرستان ۾ هلندڙ آپريشن جي خاتمي کان اڳ ئي ڪجهه سگهارا هٿ وزيراعظم ميان نواز شريف جي حڪومت کي اقتدار تان هٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي چڪا آهن، جيڪا ڳالهه وزيراعظم ميان نواز شريف۽ ان جي ساٿين به مڪمل طور تي سمجهي ورتي آهي ۽ شايد اهي اهو به ڏسي رهيا آهن ته موجوده مدو انهن جو آخري مدو آهي، ايندڙ حڪومت ۾ مسلم ليگ(ن) کي شايد اقتدار ۾ اچڻ ئي نه ڏنو وڃي، ان ڪري هاڻ جهڪڻ بجاءِ مقابلو ڪرڻ گهرجي. ان ڪري مسلم ليگ (ن) جا حڪمران هاڻ ”تخت يا تختو“ واري پاليسي تي لهي آيا آهن ۽ مسلم ليگ جي حڪومت پي ٽي آءِ سان هاڻ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪرڻ جو ڄڻ ته فيصلو ڪري ورتو آهي يا مسلم ليگ (ن ) جي حڪومت پنجا ب ۾ ٿيندڙ ڪنهن به احتجاج کي پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان چيڀائڻ واري پاليسي اختيار ڪري ورتي آهي. ڪجهه مهينا اڳ لاهور ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن تي پوليس جهڙي ريت وحشياڻي ڪارروائي ڪئي ۽ 12 ڪارڪنن کي قتل ۽ ڪيترن کي زخمي ڪيو. تڏهن عوام اهو سمجهيو ته شايد پوليس کان ڪا غلطي ٿي وئي آهي ۽ پوليس ڪنهن ٻئي جي هدايتن ڪارروائي ڪندي اها رتوڇاڻ ڪئي آهي، ليڪن اسلام آباد ۾ ڌرڻي کي هزارين پوليس اهلڪارن جي مدد سان روڪڻ کانپوءِ هاڻ جڏهن فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي کي رياستي طاقت جي مدد سان روڪڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ ڪارڪن مارجي ويو آهي، تنهن کانپوءِ هاڻ مسلم ليگ(ن) کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته رياستي طاقت سان روڪڻ جو حڪم مسلم ليگ(ن) جي حڪومت پاران ڏنل آهي يا ڪا ٻي طاقت آهي جيڪا پوليس کي استعمال ڪري نه رڳو پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي مڇرائي رهي آهي، پر جمهوريت پسندن کي به ڪاوڙ ڏيارڻ جو سبب بڻجي رهي آهي ۽ رتوڇاڻ وارا واقعا لڳاتار ٿي رهيا آهن.

جيڪڏهن مسلم ليگ(ن) جي حڪومت پاران رياستي طاقت استعمال نه پئي ڪئي وڃي ته پوءِ پوليس ڪنهن جي حڪم تي ماڻهو مارڻ ۾ رڌل آهي. فيصل آباد ۾ ٿيل ڪالهوڪي رتوڇاڻ کانپوءِ هاڻ ته اهو خوف سنڌ ۾ به هينئر ساڻ ئي پکڙجڻ شروع ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ 12 ڊسمبر تي ڪراچي کي بند ڪرڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي اهو 12 مئي جهڙن واقعن ۾ تبديل نه ٿي وڃي، جيڪا رتوڇاڻ ان ڏينهن تي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ڪراچي اچڻ تي ٿي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *