جماليءَ جي موڪلاڻي

وفاقي سرڪار غلام حيدر جمالي کي هٽائي اي ڊي خواجا کي سنڌ جو نئون انسپيڪٽر جنرل پوليس مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو . سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ لاءِ وزيراعظم نواز شريف کي اي ڊي خواجه ۽ نثار مهر سميت 3 سينيئر پوليس آفيسرز جا نالا موڪليا هئا ۽ غلام حيدر جمالي کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي هئي.جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف، سنڌ حڪومت جي سفارش تي الله ڏنو عرف اي ڊي خواجه کي سنڌ پوليس جو نئون سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي .آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون ڏيون ويون آهن .اي ڊي خواجه کيس آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو سنڌ پوليس جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو.الله ڏنو عرف اي ڊي خواجه جو تعلق ٽنڊو محمد خان سان آهي ۽ اهو سنڌ جي 6 کان 7 ضلعن ۾ ايس ايس پي به رهي چڪو آهي، سندس بهترين رڪارڊ ۽ تجربي جي بنياد تي کيس آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.20 هين گريڊ جو آفيسر اي ڊي خواجه هن وقت سنڌ پوليس جي اسپيشل برانچ شعبي ۾ ايڊيشنل آءِ جي طور ڪم ڪري رهيو هو.

غلام حيدر جمالي خلاف ڪرپشن، ضابطه خلاف مقرريون ۽ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي سميت سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، جڏهن ته هڪ ڪيس ۾ غلام حيدر جمالي مٿان فرد جرم به لاڳو ٿي چڪو آهي.سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن سنڌ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ خلاف نيب کي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽  عدالت پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو هو ته جاچ دوران آءِ جي ۽ ٻين جو عهدن تي رهڻ مناسب نه آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان نئين انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس اي ڊي خواجه گذريل ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير نئين آءِ جي پوليس اي ڊي خواجه کي سڄي صوبي خاص طور ڪراچيءَ ۾ امن امان تي خاص توجهه ڏيڻ جي هدايتون ۽ گائيڊ لائين ڏني. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پوليس ڊسيپلين تي خاص ڌيان ڏيڻ جون هدايتون ڏيندي اي ڊي خواجه کي چيو ته ٿاڻي ڪلچر کي بهتر بڻايو وڃي. وزير اعليٰ سنڌ چيو ته اي ڊي خواجه انتهائي ذميوار ۽ سٺي ساک رکندڙ آفيسر آهي ۽ اُميد ڪجي ٿي ته هُو سنڌ صوبي اندر امن ۽ امان جي معيار کي مثالي بڻائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *