جديد سنڌ جي تعليم جو ٻڏل ٻيڙو

قديم تهذيب جي وارثي ڪندڙ هيءَ سنڌ اڄ جنهن بريءَ ريت ذات برادريءَ جي جهيڙن ۾ ڦاٿل آهي، جنهن ۾ ڏهاڙي ڪترائي ماڻهو موت جو کاڄ بڻجندا رهن ٿا، اُنهن جهيڙن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ تعليم جي اڻهوند ئي آهي. اُن کان علاوه، ڌاڙا ڦُرون، چوري چڪاري، اغوا توڙي ٻيون سماجي برايون به ان ڪري ئي وڌي رهيون آهن جو اسان وٽ تعليم نالي ماتر وڃي رهي آهي، جيڪا ’نيم حڪيم خطره جان‘ جيان وڌيڪ برائين کي جنم ڏئي رهي آهي. توڻي جو سنڌي ماڻهن کي انهيءَ پنڌ تي پهچائڻ ۾ ماضيءَ جي اُنهن آمرن جو ئي هٿ رهيو آهي، جن پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ ۽ ڪنهن امڪاني ردعمل کان بچڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کان تعليم جو هٿيار ڦُري اُنهن کي ڪاپي ڪلچر ۾ ڦاسايو ويو، پر بعد ۾ ايندڙ جمهوري حڪومتن به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو، بلڪه اُنهن جمهوري ادارن ۾ جنهن بيدرديءَ سان اُستادن جي ڀرتيءَ لاءِ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي، اُن جي نتيجي ۾ اڄ اسان کي گهوسٽ ٽيچرن جو وڏي تعداد ۾ آزار نظر اچي پيو. اُن کان علاوه پنهنجن ڪمدار ڪاراون جي چوڻ تي اکيون پوري جنهن نموني اسڪول کولي ڏنا ويا ۽ اِهو به نه ڏٺو ويو ته اسڪول کولرائڻ واري جو مقصد ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ آهي يا مال جو وٿاڻ ۽ گُدام ٺاهڻ لاءِ هُن کي پڪسري عمارت گهربل آهي، جيڪڏهن اسڪول جي منظوريءَ کان اڳ اِنهيءَ خيال کي نظر ۾ رکيو وڃي ها ته هوند اڄ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اسڪول بند پيل نه هُجن ها. اڃا به وقت ويو ناهي، جيڪڏهن اڄ به سرڪار نيڪ نيتي ۽ سچائيءَ سان انهيءَ معاملي تي توجه ڏي ته گهڻو ڪجهه تبديل ڪري سگهجي ٿو، اُنهيءَ لاءِ سڀ کان پهريان اُنهن ڪارڻن کي ڳولي لهڻو پوندو ته آخر ايتري تعداد ۾ ٻارڙا اسڪول کان پري ڇو آهن؟ ڇا اُنهن علائقن ۾ اسڪول ناهن، جي اسڪول آهن ته اُنهن تائين ٻارڙن جي رسائي ممڪن آهي؟ ۽ اِهو به ڏسڻو پوندو ته اُنهن اسڪولن ۾ عملو وقت تي پهچي تعليم ڏي به ٿو يا گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آهي. جيڪڏهن انهيءَ معاملي ۾ آفيسر طبقي مٿان سختي ڪئي وڃي ۽ اُنهن مان سُستي ڪندڙ ڪنهن هڪ به عملدار تي ايڪشن کنيو وڃي ته ٻيا هڙئي آفيسر سڌا ٿي ويندا، پر بدقسمتيءَ سان انهيءَ معاملي ۾ هيستائين جيڪي به رپورٽون آيون آهن، سي دل شڪسته آهن، جو جن به آفيسرن مٿان ماضيءَ ۾ گهوٻين يا نوڪرين وڪڻڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن، اُهي ’ڏنو پُٽ ڇُٽي جو‘ تحت نه رُڳو آزاديءَ سان گُهمندا ڦرندا رهن ٿا، پر ٻين آفيسرن کي به لُڀائيندا رهن ٿا ته اُهي به رشوت جو بازار گرم رکي پنهنجون ٽجوڙيون ڀريندا رهن. ايترو ئي نه پر اسڪولن ۾ گهوسٽ ٽيچرن جي حوالي سان جيڪو ويزا وارو ڪلچر هلي رهيو آهي، اُن حوالي سان اطلاع اِهي به ايندا رهن ٿا ته انهيءَ ۾ هيڊ ماستر کان وٺي سپروائيزر ۽ بالا آفيسرن تائين سڀئي ڀاڱي ڀائيوار آهن. جڏهن صورتحال ونڊ ورڇ واري هوندي ته پوءِ بهتريءَ جي اُميد ڪهڙيءَ ريت ڪري سگهجي ٿي! بهرحال هيءُ معاملو سنڌ لاءِ انتهائي سنگين آهي، جو اُن جو نئون ايندڙ نسل نه رُڳو جهالت جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هوندو، پر اُهو پاڻ سان گڏ ڪيترين ئي بُرائين کي جنم پڻ ڏيندو. تنهن ڪري سنڌ سرڪار کي اِن معاملي ۾ بردباري ۽ سنجيدگيءَ کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ جهالت واري لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اُپاءَ وٺڻا پوندا، جيڪڏهن اِئين نه ڪيو ويو ته پوءِ پنهنجو وجود برقرار رکڻ انتهائي مشڪل ٿي پوندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *