تي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جو آخري مرحلو شروع

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي هدايتن تي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جو آخري مرحلو شروع ٿي ويو آهي، بقول آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ته قوم سان دهشتگرديءَ جي خاتمي واعدو پورو ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف اتر وزيرستان جو دورو ڪري آپريشن ضرب عضب جو آخري مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سپهه سالار شوال جي دوري دوران پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي آهي. دوري دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي آپريشن ضرب عضب ۾ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس آگاهه ڪيو ويو ته دتا خيل کان اڳتي ۽ شوالن جي گهاٽن ٻيلن ۾ دهشتگردن جا ٿاڪ آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته گهاٽن ٻيلن کي دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اچ وڃ لاءِ استعمال ڪندا آهن. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل چيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن جو آخري مرحلو شروع ڪري سندن مددگارن جو به خاتمو آندو وڃي. پاڪ فوج جو عزم بلند آهي، جلد دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويندو. دهشتگردن کي اڪيلو ڪري سندن مددگارن سان رابطو ختم ڪيو وڃي. امن دشمنن جو گهيرو تنگ ڪيو وڃي. پاڪ فوج جي جوانن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

شايد آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنهنجي مقرر مدي ۾ رٽائر ٿيڻ کان اڳ پنهنجا ڪيل واعدا پاڙي عوام کي امن جو تحفو ڏئي وڃڻ چاهي پيو، ڇو جو سندس دور ۾ شروع ڪيل آپريشن پوري ملڪ ۾ تيزي سان جاري آهن ۽ گهڻي ڀاڳي امن بحال به ٿي چڪو آهي جيڪو پرويز مشرف جي دور ۾ هڪ خواب پئي لڳو، هاڻي آپريشن جو اخري مرحلو به شروع ٿي ويو آهي ٿي سگهي ٿو موجوده آرمي چيف پنهنجي مدي ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاري جنهن جي عوام کائنس اميد رکي ويٺل آهي.

عوامي مطالبو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي پنهنجي مقرر مدي تي رٽائر ٿيڻ بدران مدي ۾ واڌ وٺي جئين سندس دور ۾ شروع ڪيل دهشتگردي خلاف آپريشن پنهنجي متقي انجام تائين پهچي سگهي، ۽ هئڻ به ائين گهرجي ته جيڪا لاٽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٻاري آهي اها ٻرندي رهي ۽ ان بعد ايندڙ پاڪ فوج جو نئون سپهه سالار به ان لاٽ کي جاري ساري رکي، هن وقت عوام ۾ آرمي چيف لاءِ وڌندڙ محبت عيوض آرمي چيف پنهنجي مدي ۾ واڌ وٺي ته سڀ کان بهتر جي نه اهو پنهنجي مقرر مدي ۾ رٽائر ٿئي ٿو ته به سندس نالو تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو ڇو ته هن پاڪ فوج جي وڃايل ساک کي به بحال ڪيو ۽ عوام کي امن ڀريو پاڪستان ڏنو آهي ۽ مقرر مدي ۾ رٽائر ٿيڻ سان به سندس مان ۾ واڌارو ٿيندو ۽ سينيارٽي جي حصاب سان سينيئر پاڪ فوج جو آفيسر اچي واڳ سنڀاليندو جيڪو به سٺو سنوڻ هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *