تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسپورٽ مافيا

وزيراعظم ميان نواز شريف عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجڻ کانپوءِ اوگرا جي تجويز تي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن موجب سڀ کان وڌيڪ لاٿ هاءِ اوڪٽين ۽ ايس او بي سي ۾ 14 رپيا 68 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح تيل جي قيمت ۾ 9 رپيا 43 پئسا لاٿ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اهو   94 رپيا 14 پئسا ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 18 پئسا لاٿ کانپوءِ نئين قيمت 101 رپيا 31 پئسا ٿي وئي آهي. جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت 8 رپيا 1 6 پئسا لاٿ سان 87 رپيا 52 پئسا ٿي وئي آهي. تيل جون قيمتون عالمي مارڪيٽن ۾ گهٽ ٿيڻ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جي منظوري ڏني آهي، ليڪن حڪومت مخالف حلقا وزيراعظم جي ان سڻائي قدم کي به ملڪ جي سياسي حالتن سان ڳنڍيندي اهو ئي الزام لڳائيندا ته شايد وزيراعظم عوام کي خوش ڪرڻ ۽ مخالفن جي آواز کي جهڪو ڪرڻ لاءِ تيل جون قيمتون گهٽائڻ جي منظوري ڏني آهي.                         اسان سياسي مخالفت ۽ حمايت وارن ڳالهين کي پاسيرو رکي اها ڳالهه ضرور ڪنداسين ته حڪومت تيل جون قيمتون گهٽائڻ وارو جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو ڪيترن ڏينهن لاءِ آهي، تنهن جو به ذڪر ڪرڻ ضروري هو، ڇاڪاڻ ته تيل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ ۾ هيٺ مٿي ٿينديون رهنديون آهن، جيڪڏهن هڪ هفتي اندر ئي تيل جون قيمتون ٻيهر مٿي چڙهي ويون ته پوءِ حڪومت کي به مجبورن اهي قيمتون ٻيهر وڌائڻيون پئجي وينديون، جنهن سان حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد جي نشاني هيٺ اچي سگهي ٿي. اسان سمجهون ٿا ته تيل جون قيمتون گهٽ ٿيڻ کان پوءِ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا به گهٽ ٿيڻ گهرجن، ليڪن انهن ڀاڙن ۾ ڪا به لاٿ اچڻ جو فوري طور تي ڪو به امڪان نظر نه ٿو اچي، پر اهو به ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به تيل جي قيمتن ۾ هڪ رپيا يا ٻه رپيا واڌ ٿي آهي،تڏهن ته ٽرانسپورٽرن پنج کان ڏهه رپين تائين ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن.                         اسان جي خيال ۾ هن وقت مهانگائي عوام جو جيڪو تيل ڪڍيو آهي، ان کانپوءِ عوام ته مهانگائي کي قدرت جو لکيو تسليم ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هر هڪ واپاري اهائي ڳالهه ڪري ٿو ته تيل مهانگو ٿيڻ ڪري مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي. يعني آبادگارن کي ٽيوب ويل به تيل تي هلائڻا پون ٿا ته ٽريڪٽر ۽ ٿريشرن لاءِ به تيل جي ئي ضرورت پئي ٿي. اهڙي ريت بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪري ڪارخانن جاڳراڳرا جنريٽر هلائڻ لاءِ تيل کي ئي استعمال ڪرڻو پئي ٿو، ائين کڻي چئجي ته اسان جو هر ڪاروهنوار تيل جي استعمال سان ئي مشروط آهي، ان ڪري حڪومت کي نه رڳو ڀاڙا گهٽائڻ بابت قدم کڻڻ سان گڏ اهي سڀيئي قدم کڻڻ گهرجن، جنهن سان مهانگائي کي گهٽائڻ ۾ ڪا مدد ملي سگهي.                         اسان حڪومت کي صلاح ڏينداسين ته جيڪڏهن تيل جي قيمتن ۾ لاٿ آندي آهي ته پوءِ بجلي ۽ سي اين جي جا اگهه به گهٽائڻ گهرجن ته جيئن عوام جي اخلاقي پريشر ۾ به اضافو ٿيئي ۽ اهي پاڻ به مهانگائي ڪندڙن تي دٻاءَ وجهن ته جيئن قيمتن کي جيڪڏهن گهٽائي نه سگهجي، تڏهن به انهن ۾ استحڪام اچي وڃي، تڏهن به ڄڻ ته انهن لک کٽيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *