توانائي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن

 

ملڪ جي سڀ کان وڏي قومي اداري پاڪستان اسٽيل مل ڇنڇر ۽ آچر واري رات ڪوڪو ون بيٽري ۾ پيدا ٿيل فني خرابي سبب اسٽيل مل مالي بحران بعد توانائي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. نئين سي اي او جي وڏي ڪوششن بعد پيداواري صلاحيت 40 سيڪڙو تي پهتي هئي، جيڪا گهٽجي 30 سيڪڙو تي پهتي آهي. جنهن سان اداري کي هڪ ڏينهن اندر 10 ڪروڙن جو نقصان پهچي رهيو آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان اسٽيل مل کي 55 ميگاواٽ بجلي گهربل آهي جڏهن ته اداري جي سربراهه ڪي اليڪٽرڪ کان ملندڙ 15 ميگا واٽ کي بند ڪرائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته اداري ۾ هلندڙ جنريٽرن ذريعي 18 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿئي ٿي جيڪا ڪنهن وقت به اسٽينڊ باءِ جنريٽر نه هجڻ سبب بند ٿي سگهي ٿي. جنهن جي ڪري اسٽيل مل جي پيداواري صلاحيت هيٺين سطح تي پهچي سگهي ٿي. اسٽيل مل جي ذريعن ٻڌايو ته اسٽيل مل جو مک پيداواري يونٽ بلاسٽ فرنس کي توانائي جي بحران سبب گهٽ پيداواري سطح تي آندو ويو آهي. جيڪڏهن اها پيداواري صلاحيت برقرار رکڻي آهي ته پوءِ ڪي اليڪٽرڪ ذريعي 55 ميگا واٽ بجلي وٺڻي پوندي. ياد رهي ته قومي اداري پاڪستان اسٽيل کي وفاقي حڪومت پاران وڏن قرضن ذريعي 18 ارب روپيا مالي پيڪيج قسطن ۾ مليو هو، جنهن جي آخري قسط هلندڙ وفاق ڏئي چڪو آهي. جنهن بعد وفاق پاران اسٽيل مل کي هڪ رپيو به نه ڏنو ويندو. اهڙي صورتحال بعد پيدا ٿيل بحران ۾ اڃا وڌيڪ شدت اچي سگهي ٿي. هوڏانهن ترجمان پاڪستان اسٽيل شازيم اختر سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته ڪوڪو ون بيٽري ۾ پيدا ٿيل فني خرابي کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ اسٽيل مل جا سمورا پيداواري يونٽ پنهنجي معمول مطابق ڪم ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 55 هزار ميٽرڪ ٽن ڪوئلي جو جهاز پورٽ قاسم ۾ پهتو آهي جنهن ذريعي اداري جي پيداواري سگهه وڌي سگهندي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي اسٽيل ملز جي اربين رپين جي 1773 ايڪڙ ايراضي تي غيرقانوني قبضو ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري لينڊ روينيو ۽ ڪمشنر ڪراچي کي طلب ڪري ورتو، ڪميٽي اسٽيل ملز ملازمن جي ساڍا 7 ارب رپين جي جلد وصولي جو به حڪم ڏنو. پي اي سي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ايم اين اي عاشق گوپانگ جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ عبدالرشيد گوڊيل، عذرا فضل پيچوهو ۽ شيخ روحيل شرڪت ڪئي، اجلاس کي اسٽيل ملز جي چيئرمين جنرل ظهير ٻڌايو ته اسٽيل ملز ۾ وڏي ڪرپشن سان اداري کي تباهه ڪيو ويو، اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس عدالتن ۽ نيب وٽ ٻڌڻي هيٺ آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ سرڪار 1773 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت ان ئي زمين مان 200 ايڪڙ ايڇ اي سي کي ڏنا پر هاڻي سنڌ جي اشرافيه ان تي قبضو ڪري رهي آهي 400 ايڪڙ زمين پي ايس او کي اڳواڻي حڪومت ڏني جنهن کي 200 ايڪڙ تي پي ايس او جو پلانٽ آهي باقي زمين تي به سنڌ جا وڏيرا قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا لکيو آهي ته حدبندي ڪري پر اها سهڪار نه پئي ڪري. جنهن تي پي اي سي سنڌ حڪومت کي طلب ڪري ورتو آهي. پي اي سي کي ٻڌايو ته 2008ع ۾ اسٽيل ملز ۾ 120 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي ۽ ڪرپٽ ماڻهن خلاف ريفرنس اڃا به نيب وٽ آهن. جنهن تي سب ڪميٽي سخت افسوس ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قوم ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نيب ڏانهن ڏسي رهي آهي جڏهن ته نيب گهري ننڊ ۾ ستل آهي، ڪرپٽ عنصرن کي آزاد ڇڏيو ويو آهي. جيڪو ادارو ڏهن سالن ۾ هڪ ڪيس جي تحقيقات مڪمل نه ڪري سگهيو. ان اداري مان ڪهڙي اميد رکي سگهي ٿي. نيب اختيارين پي اي سي کي ٻڌايو ته اسٽيل ملز ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي 10 ريفرنس تي جاچ ٿي رهي آهي، لٽيل دولت جي جلد واپسي جو ڪو به امڪان ناهي. ان اسڪينڊل ۾ عثمان فاروقي، سلمان اصغر، سجاد حسين وغيره شامل آهي. رشيد گوڊيل چيو ته نيب انڪوائري ان وقت مڪمل ٿيندي جڏهن جوابدار موت جي منهن ۾ هليا ويندا جڏهن ته ڪيسن جي انڪوائري سست هئڻ تي چيئرمين کي به طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *