تبديل ٿيندڙ سياست جا رُخ ۽ حڪمران

سنڌ جو عوام هاڻ ”حڪمرانن کي لاهڻ ۽ چاڙهڻ“ واري سياست کان گهڻو اڳتي سوچڻ لڳو آهي، اهڙي ريت ”تبديلي“ وارا نعرا به انهن لاءِ ڪي نوان ناهن جن گهڻو وقت اڳ عوام آڏو تبديلي جا نعرا هڻي سياست ۾ ٽپي پوڻ واري   ڳالهه ڪئي هئي ۽ پنهنجن جلسن کي مصر جي ”تحريرچوڪ“ وانگر تبديلي جو بنياد قرار ڏنو هو سي به هاڻ ناڪامي جو منهن ڏسي چڪا آهن. سنڌ جو عوام هاڻ”تبديلي“ رڳو نعرن جي شڪل ۾ ڏسڻ نه ٿو گهري پر تبديلي حقيقي شڪل ۾ ڏسڻ گهري ٿو. اسان کي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته عمران خان جنهن تبديلي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اهو انهي تبديلي جو معمولي خاڪو به عوام آڏو پيش ڪرڻ ۾ اڳڀرو ٿيندو نظر نه آيو آهي ۽ سندس تبديلي واري ڳالهه رڳو نعرن جي حد تائين نظر آئي آهي، جيڪڏهن وزيراعظم نواز شريف کي هٽائڻ سان ڪا تبديلي اچي ها ته نواز شريف ته اڳ به ٻه ڀيرا اقتدار تان لهي چڪو آهي، پيپلز پارٽي اڳ به 4 ڀيرا اقتدارتان لهي چڪي آهي، پر تبديلي وارو خواب عوام جو وري به ساڀيان نه ٿي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن تبديلي جو مطلب رڳو چهرن جي تبديلي آهي ته پوءِ اهڙي تبديلي ملڪ جي عوام جي تقدير کي ڪڏهن به بدلائي نه ٿي سگهي.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن عمران خان خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ رول ماڊل حڪومت جوڙي اهو ثابت ڪري ها ته سندس پارٽي جي صوبائي حڪومت ڪي پي ڪي کي امن امان، بيروزگاري ۽ رشوتخوري وارن لعنتن کان پاڪ ڪري ان صوبي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي ۽ صوبي ۾ صنعت ۽ واپار ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري ورتي آهي ته پوءِ يقينن عوام کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ها ته وا قعي وزيراعظم ميان نواز شريف پاڪستان جي ترقي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي ۽ هن کي اقتدار تان لهڻ گهرجي، پر ڪجهه حلقن موجب عمران خان اهو ڪجهه حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. عمران خان پنجاب ۾ پنهنجن جلسن ۾ رڳو گو نواز گو واري نعري کي ئي بنياد بڻائي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ليڪن هاڻ سنڌ ۾ اچڻ وقت کيس اهو ڏسڻو پوندو ته سنڌ جي عوام جو مسئلو رڳو گو نواز گو هرگز ناهي،سنڌ جو عوام سنڌ سان ٿيل ويساهه گهاتين جي هڪ وڏي لسٽ هٿن ۾ جهلي ويٺل آهي.جيستائين عمران خان سنڌ جي عوام جي ڏکن ۽ ڏوجهرن وارن المين بابت ڪو چٽو موقف ظاهر نه ڪندو، تيستائين کيس سنڌ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيڻ ممڪن نظر نه ٿي اچي.

عمران خان کي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ جو عوام جنهن کي به اڳواڻ مقرر ڪري ٿو، تنهن ۾ اهو اهائي اميد رکي ٿو ته اهو سياستدان سياسي معاملن بابت هڪ ڊگهي نظر رکندو هجي، سطحي ڳالهيون ڪندڙ سياستدان سنڌ ۾ اڄ به ٽانگا پارٽين کان وڌيڪ حيثيت اختيار ڪري نه سگهيا آهن، ان ڪري سنڌ جي مسئلن ۽ معاملن بابت چٽو موقف رکڻ سان ئي اهو سنڌ ۾ ڪنهن تبديلي جا آثار پيدا ڪري يا ڏسي سگهي ٿو. اهڙي ريت کيس اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جون اڪثر شڪايتون پنجاب سان ئي آهن، دهشتگردن ۽ انتهاپسندن سان آهن، ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي سياست ۾ پير پائڻ ڪنهن پلصراط کي پار ڪرڻ کان هرگز گهٽ ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن عمران خان سنڌ جي شڪايتن بابت سنڌ جي عوام جو پاسو ورتو ته پوءِ پنجاب جو عوام ۽ پنجاب جي بيورو ڪريسي سندس مخالف بڻجي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن هن سنڌ ۾ اچي ڪي گول مول ڳالهيون ڪري وقت ٽپائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ ان ڳالهه جي ضمانت شايد ڪو به نه ڏيئي سگهي ته عمران خان سنڌ ۾ سياسي پير پختا ڪرڻ ۾ ڪا اڳڀرائي حاصل ڪري سگهندو.ان ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي عوام بابت عمران خان کي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي جيڪڏهن هو انهي ڳالهه تي گهڻو اڳ عمل ڪري ها ته شايد سنڌ اسيمبلي ۾ سندس خلاف مذمتي ٺهراءُ هرگزپاس نه ٿيئي ها، ائين کڻي چئجي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل عوامي نمائندن سڌي طرح کيس اڳواٽ ئي ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *