بلاول ڀٽو مٿان حملي جو خدشو

سنڌ حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي 18 آڪٽوبر واري جلسي دوران حملي جو خدشو، سنڌ حڪومت پاران رينجرز ۽ پوليس کي سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪرڻ جي هدايت، بلاول جي سرگرمين ۽ چرپر تي سخت نظر، تفصيلن مطابق 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي جنهن کي بلاول ڀٽوزرداري خطاب ڪندو  ان دوران دهشتگردن پاران بلاول ڀٽي زرداري تي حملي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، اهڙي خدشي بعد گھرو کاتي پاران سنڌ رينجرز ۽ آءِ جي پوليس کي موڪليل خط نمبر SO 9/ايڇ ڊي ( 11 –اِي ايل-1 / 2014 ۾ چيو ويو آهي ته پابندي پيل دهشتگرد تنظيم جند الله پاران بلال ڀٽو زرداري کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.  ان ڪري پوليس ۽ رينجرز پيپلزپارٽي جي سربراهه جي حفاظت لاءِ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري. خط ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽي زرداري کي پابندي مڙهيل تنظيمن کان حملن جو ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن ان کي نظر ۾ رکندي جلسي گاهه سميت بلاول جي سيڪورٽي سخت ڪئي وڃي، واضح رهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسي جو اعلان ڪيل آهي. جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول تي حملي جو اهڙو انڪشاف دهشتگردي ٽوڙ جي هڪ اداري پاران ڪيو ويو آهي، انڪشاف ۾ چيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم پاران بلاول تي حملي جو وقت ۽ حملي ڪرڻ جي جاءِ کي ڳجهو رکيو ويو آهي.  ٻئي پاسي 18 آڪٽوبر تي قائد اعظم جي مزار ڀرسان پيپلز پارٽي پاران رٿيل جلسي جنهن کي پيپلز جو چئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو ان کي سيڪيورٽي خدشن سبب ايم اي جناح روڊ کي جلسي کان 4 ڏينهن اڳ ٻنهي پاسن کان سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دڪاندارن کي 4 ڏينهن تائين ڪاروبار نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ايم اي جناح روڊ کي تبت سينٽر کان قائد اعظم جي مزار تائين ٻنهي پاسن کان سوين ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ايم اين جناح روڊ سان ملندڙ روڊن کي پڻ بند ڪيو ويو آهي، روڊ 4 ڏينهن اڳ بندي ٿي وڃڻ ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ايم اي جناح روڊ سيل ٿيڻ ڪري شهر مختلف روڊن تي ٽريفڪ جام رهي ٿي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي جي داخلي رستن ۽ سمورن ڪاروباري مرڪرزن توڻي عوامي هنڌن تي سخت نگراني لاءِ سيڪيورٽي نظام جوڙين ۽ ڪنهن به اڻوندڙ واقعي کان اڳ دهشتگردن جي پلان کي ناڪام بڻائي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي نه سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *