برسات جي اڳڪٿي ۽ مها ٻوڏ جو خطرو

 

گڊو وٽ انتهائي مٿين درجي جي سکر وٽ وڏي، ڪوٽڙي وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار، گڊو سکر وٽ پاڻي ۾ تيزي سان اضافو، سکر وٽ 51 هزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ اچڻ سان مٿاهون وهڪرو 6 لک ڪيوسڪ تي پهچي ويو، تونسان، چاچڙان، ڪوهه سليمان، پجند جا وهڪرا تيزي سان گڊو ڏانهنوڌڻ لڳا، گڊو وٽ اڄ 8 لک ڪيوسڪ پاڻي ٿيندو، آبپاشي عملدارن جي مٿي تي هٿ، موسميات کاتي، فلڊ فور ڪاسٽ وڌيڪ بارشن ۽ هڪ هفتي تائين سکر گڊو وٽ انتهائي ٻوڏ جي اڳڪتي ڪري ڇڏي، گڊو کان سکر، لاڙڪاڻو تائين بندن تي دٻاءُ وڌي ويو، بارشن جي ٻيهر سلسلي سبب اڃا وڌيڪ پاڻي اچڻ جو امڪان، 9 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ مها ٻوڏ جو خطرو، اسڪردو تي ٽيمچريچر وڌي ويو، خبر موجب گڊو وٽ انتهائي وڏي درجي جي ٻوڏ، سکر وٽ وڏي ٻوڏ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته گڊو وٽ پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جتي 24 ڪلاڪن دوران 14 هزار ڪيوسڪ وهڪرن ۾ واڌ اچڻ سان مٿاهون وهڪرو 7 لک 26 هزار 400 ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي، چاچڙان گيج، پنجند، تونسان، ڪوهه سليمان جا وهڪرا تيزي سان گڊو ڏانهن وڌڻ لڳا، اڄ آچر ڏينهن گڊو وٽ پاڻي جي سطح 8 لک ڪيوسڪ تي پهچي ويندي، پاڻي ۾ اچانڪ واڌارو اچڻ انتهائي وڏي ٻوڏ اچڻ تي آبپاشي عملدارن جي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ٻئي طرف فلڊ فور ڪاسٽ، موسميات کاتي وڌيڪ بارشن جي اڳڪتي ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ ڊي جي ميٽ غلام رسول جو چوڻ آهي ته پنجاب جي مٿاهين علائقن خيبر پختونخواهه، ڪوهه سليمان تي بارشون پئجي رهيون آهن، جيڪو پاڻي پڻ سنڌو ۾ داخل ٿيندو، ان کان علاوه ڪابل ندي جو پاڻي نوشهره وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيندو، پاڪستان فلڊ فور ڪاسٽ پاران ڪابل ندي ۾ هڪ لک 49 هزار وهڪرا رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ لک 80 هزار ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ ڪابل ندي ۾ سپر فلڊ هوندي، آچر تي گڊو وٽ 8 لک ڪيوسڪ ٻن ڏينهن بعد سکر وٽ ساڍا 7 لک ڪيوسڪ پهچندو، جڏهن ته سکر بئراج وٽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 51 هزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ اچڻ کان پوءِ سکر بئراج جو مٿاهون وهڪرو 6 لک 4 سئو ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي،  جڏهن ته سکر جي کاٻي پاسي دروازي نمبر 60 کان 66 تائين پاڻي ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو ۽ ابتو وهڻ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته 24 دروازا ڊائون اسٽريم طرف وهي رهيا آهن 7 10 دروازا اڃا تائين بند پيل آهن، هي رڳو سنڌو درياءَ جو پنهنجو پاڻي آهي، ٻئي طرف آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پنجاب جا ڊيم ڀريا پيا آهن، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي ڀرڻ جي گنجائش 6 فوٽ وڃي رهي آهي، پاڻي جي سطح .1544 فوٽن تي پهچي وئي آهي، منگلا ڊيم ۾ 5 فوٽ پاڻي ڀرڻ جي گنجائش بچي ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1236.35 فوٽن تي پهچي وئي آهي، سکر بئراج جي ڪنٽرول روم جي انچارج عبدالعزيز سومرو ٻڌايو ته سکر ۽ گڊو وٽ 16 آگسٽ تائين وڏي ٻوڏ رهڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته سنڌو درياءَ جي اپر ڪيچمنٽ، لوئر ڪيچمنٽ، رنگ اسٽيشن  تي ٻيهر بارشون هلندڙ آهن ۽ پنجاب جي دريائن جو پاڻي سنڌ ڏانهن ايندڙ انتهائي وڏي ٻوڏ ۾ شامل ناهي، ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن دوران چاچڙان گيج وٽ 1 فوٽ 4 انچ پاڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، جتي پڻ پاڻي ۾ لاڳيتو واڌارو اچي رهيو آهي، ٻئي طرف اسڪردو جو ٽيمپريچر 31 سينٽي گريٽ تي پهچڻ کانپوءِ امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته برف پگهرڻ سان وڌيڪ پاڻي اچي سگهي ٿو، جنهن سان ٽئي پاڻي جي نئين صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن، سکر ۽ گڊو وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ تيز سان واڌ اچڻ کانپوءِ سکر گڊو ۽ لاڙڪاڻي جي بندن، شينڪ بند، قادراپور لوپ بند، ٽوڙي بند، اولڊ ٽوڙي بند، بيگاري بند، عليواهڻ بند، عاقل آگاڻي بند، غوثپور لوپ بند، سنڌ بيگاري بند، گڊو بچاءُ بند، راونتي بند، بچل شاهه بند، باگڙجي بند، گهوڙا گهٽ بند ۽ گڊو جي ساڄي اپر سکر بئراج جي کاٻي پاسي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي، پاڻي ۾ واڌ کانپوءِ سکر ۽ گڊو وارو ڪچو تيزي سان خالي ٿيڻ لڳو، ڪچي ۾ رهندڙ پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ ڪري پڪي جي بندن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، گڊو بئراج جو مٿاهون وهڪرو 7 لک 26 هزار 469 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو 7 لک 19 هزار 172 ڪيوسڪ، سکر بئراج جو مٿاهون وهڪرو 6 لک 4 سئو ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته هيٺاهون وهڪرو 5 لک 81 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، ڪوٽڙي بئراج  وٽ مٿاهين وهڪري ۾ 5 هزار ڪيوسڪ واڌ اچڻ سان مٿاهون وهڪرو 2 لک 23 هزار 710 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو 2 لک 16 هزار 6 سئو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته هلندڙ برساتن سبب پاڻي جا وهڪرا 9 لک ڪيوسڪ تي پهچڻ جي صورت ۾ مها ٻوڏ کي رد نٿو ڪري سگهجي، چشما وٽ مٿاهون وهڪرو 5 لک 7 هزار ڪيوسڪ، تونسا بئراج جو مٿاهون وهڪرو 5 لک 26 هزار 287 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو پڻ ساڳيو آهي، ٽمونهن جو مٿاهون وهڪرو 1 لک 43 هزار 3398 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو 1 لک 32 هزار 262 ڪيوسڪ، پنجند مٿاهون وهڪرو 1 لک 29 هزار 399 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو 1 لک 29 هزار 399 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، آبپاشي  ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽيون پاڻي آيو تيستائين گهڻو پاڻي نڪري چڪو هوندو، صرف ان وقت گڊو سکر وٽ 4 لک ڪيوسڪ پاڻي موجود هوندو، جيڪڏهن ڪوهه سليمان جو وڌيڪ ٻيو پاڻي آيو ته سپر فلڊ اچي سگهي ٿي، چشما بئراج تي برساتي نالا وهي اچڻ سبب اتي پاڻي 5 لک 7 هزار ڪيوسڪ تي پهچڻ سبب اتي پڻ وڏي ٻوڏ اچي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *