بدامني جو خطرو…

ڪنهن دور ۾ دنيا جا ڪيئي خطا جنگي ميدان بڻيل هوندا هئا، ان جو بنيادي سبب اهو هو ته دنيا تي راڄ ڪرڻ جي سوچ ۽ خواهش ڪجهه گهڙين ۾ ئي اولهه ۽ اوڀر جي قوتن کي ويڙهائي لکين جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، پر اُن وقت سنڌ ئي اهو خطو هو، جتي امن جي هاڪ هئي، محبتن جي خوشبو ٻهڪندي پئي هئي ۽ نفرتن کان وانجهيل اها سنڌ ملڪان ملڪ مقبول هئي، پر اڄ اسان جي سماج کي فرقي پرستي ۽ انتهاپسندي جي سوچ يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اهڙي سوچ رکندڙ قوت هتي پنهنجي مرضي جا قانون ۽ منشا هلائڻ گهُري ٿي، اهڙيون قوتون اڄ به هتي پلجي رهيون آهن، جن هتي بدامني، لاقانونيت ۽ انساني رت وهائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي. مڃون ٿا ته جنرل راحيل شريف جي دور ۾ آپريشن ضرب عضب سان دهشتگرد هيڻان ضرور ٿيا، پر ختم نه ٿيا ۽ انهيءَ ڳالهه جي عڪاسي گذريل مهيني لاهور، ڪوئيٽا، پشاور ۽ قلندر جي نگريءَ ۾ ٿيل دهشتگردي جون ڪارروايون ڪن ٿيون ۽ هن وقت سنڌ  جي اهم شهرن ۾ دهشتگرديءَ جو خطرو ڄاڻائيندي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن گهڻن سوالن کي جنميو آهي. هاڻي ته مزارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي ڳالهه سامهون آئي آهي، جنهن ۾ خاص طور سنڌ جي ڀٽائي سرڪار کان علاوه شهباز قلندر ۽ حضرت عبد الله شاهه اصحابي ۽ ٻين مزارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. سنڌ جي آءِ جي پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اجلاس ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو هو ته سنڌ ۾ ست سئو جي لڳ ڀڳ صوفي بزرگن جون درگاهون آهن، جن مان ته ڪيترن ئي درگاهن کي چؤديواري به ناهي. آءِ جي سنڌ پوليس جي اها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته سنڌ حڪومت جو اوقاف کاتو، جيڪو مختلف درگاهن تان ڪروڙين رپيا اوڳاڙي ڪري ٿو، اهي پئسا آخر ڪيڏانهن وڃن ٿا جو انهن درگاهن جي حفاظت خاطر ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا ويا آهن. افسوس ته اهڙي صورتحال ۾ فول پروف سيڪيورٽي ڪيئن ٿي ممڪن بڻجي سگهي، جڏهن ان جا بنيادي انتظام ئي نه ڪيل هجن. اڳي ڪو هڪ ڌماڪو ٿيندو هو ته هر ڪو افسوس ۾ ورتل نظر ايندو هو، پر هاڻي ته روزانو ڪنهن هڪ واقعي ۾ ڏهه کان به وڌيڪ جانيون ضايع ٿي وڃن ته ائين محسوس ڪيو وڃي ٿو، ڄڻ ته مٿي تان ڪو پکي پرواز ڪري ويو، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي سماج ۾ بيحسي ايتري قدر پنهنجا پير ڄمائي ورتا آهن، ڄڻ ته انسان پنهنجي ڪائناتي حيثيت به وڃائي ويٺو آهي. سنڌ جيڪا صوفين جي ڌرتي آهي، انهن هستين ۽ ولين جي جنم ڀومي آهي، جن سڄي دنيا ۾ امن، سلامتي ۽ محبتن جو پيغام پکيڙيو، پر اڄ ان جي عيوض سنڌ ۽ سنڌ جي پرامن ماڻهن کي مختلف صورتن ۾ بدامني جي باهه ۾ ڌڪي نيست ۽ نابود ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. سنڌ حڪومت آخر انهن قوتن کي هتان لوڌي ڪڍڻ کان ڇو لنوائي رهي آهي، جيڪي هتي جي وسيلن تي قابض ٿيڻ سميت امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻيل آهن!؟ هاڻ ته مختصر وقفي بعد ٻيهر دهشتگردي جا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن، اهڙي صورتحال ۾ به اقتدار ڌڻين اک نه کولي ته پراون کان وڌيڪ پنهنجا ئي مياري سڏبا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *