بجلي جو وڌندڙ بحران ۽ عوامي مسئلا

 

ملڪ جي معيشت ۽ ڪاروباري سرگرمين کي تباهه ۽ ڪمزور ڪرڻ ۾ دهشتگردي ۽ توانائي جي بحران جو وڏو عمل دخل رهيو آهي، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ بجلي جي لوڊسيڊنگ جو ڪو تصور ئي نه آهي، پر ترقي يافته ملڪن کي ڇڏي اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به اهڙو آزار نه آهي، جيترو اسان جو ملڪ توانائي جي بحران ۽ بجلي جي بدترين عذاب کي منهن ڏيندو رهيو آهي. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي، حڪومتن پاران ڪيتريون ئي ڊيڊ لائينون ڏنيون ويون آهن، پر عمل ناهي ٿيو، پاڪستان جو عوام هن وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ جي نفسياتي دٻاءَ جو شڪار بڻجي ويو آهي، افسوس جو مقام آهي ته لوڊسيڊنگ انساني زندگي کي مفلوج بڻائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪسر نه ڇڏي آهي. هر آئي ڏينهن اهڙو سلسلو گهٽجڻ بدران وڌندو رهي ٿو، توانائي بحران جو وڏو سبب اهو ئي آهي ته هن شعبي جي ترقي ۽ واڌاري ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي، هن وقت تائين بجلي جي پيداواري صلاحيت طرف ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪجهه سال اڳ اسين پيداواري صلاحيت ۽ منصوبن ڏانهن ڌيان ڏيون ها ته اڄ اسان کي ان حد تائين تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پوي ها، محترمه شهيد جي آخري دور حڪومت ۾ جيڪي بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويا ۽ انهن جو بنياد وڌو ويو، ٻي گورنمينٽ ۾ انهن منصوبن کي رد ڪيو ويو، اهڙي ريت هر حڪومت ٻي حڪومت جي منصوبن کي رد ڪندي رهي . فقط ان بنياد تي ته انهن منصوبن ۽ ترقياتي اسڪيمن جو ڪريڊٽ سندن بدران ٻي حڪومت کي وڃي ٿو. پر حقيقت ۾ اهو ملڪ ۽ عوام دشمني تي ٻڌل خيال هو، جيڪڏهن ملڪي مفادات جو خيال رکيو وڃي ها ته توانائي بحران جي نتيجي ۾ وڏي نقصان جو منهن نه ڏسڻو پوي ها. پرويز مشرف جي 8 سالا دور حڪومت ۾ به بجلي جي صرف کپت ڪئي وئي، پر پيداوار نه ڪئي وئي، نتيجي ۾ پ پ گورنمينٽ کي ٻاهرين ملڪن مان ڪرائي تي بجلي جا ٻيڙا گهرائڻا پيا، اڄ به جيڪڏهن اسين ان طرف ڌيان نه ڏينداسين ته ملڪ کي وڌيڪ لوڙڻو پوندو. اسان وٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوئلي ۽ پاڻي سميت سڀ وسيلا موجود آهن. پر ٿرڪول منصوبي جو به هن وقت تائين نتيجو ناهي نڪتو. ملڪي قيادت ۽ حڪمرانن کي توانائي بحران جي خاتمي لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن، ٻئي صورت ۾ عوام کين ڪڏهن به معاف نه ڪندو. هن وقت صورتحال اها آهي ته گرمي ۽ سردي ٻنهي موسمن ۾ بجلي هر وقت غائب رهي ٿي. بجلي جو بحران جيڪڏهن مسلسل وڌندو رهيو ته ڪاروباري زندگي بلڪل مفلوج بڻجي ويندي. ،

دادو پوليو ٽيم مٿان حملو

دادو ۾ تيل گيس ڪڍندڙ ڪمپني بي ايڇ پي زم زمه پاران پلانٽ جي هڪ ڪلوميٽر ڀرسان ڳوٺ واريو پنهور ۾ 14 ورهين کان جاري ڪميونٽي هيلٿ سينٽر کي بند ڪرڻ جي فيصلي تي 2 هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ڳوٺ جي رهواسين احتجاجن پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ٽيم کي گهرن مان زور ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو ۽ هوائي فائرنگ ڪري پوليو ٽيم کي ڳوٺ مان ڀڄائي ڇڏيو. ان موقعي تي علائقي واسين خان محمد، وڏيرو خير محمد، بشير احمد، محمد شريف ۽ ٻين  بي ايڇ پي تيل گيس ڪمپني خلاف احتجاج دانهيو ته بي ايڇ پي ڪمپني جي پائيپ لائين اسانجي ڳوٺن ۽ زمينن مان گذري ٿي پر هتي هيلٿ سينٽر بند ڪري23 ڳوٺن کي صحت جي سهولتن کان محروم ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته جيسيتائين ڪميونٽي هيلٿ سينٽر کي مستقل ڪرڻ جون معاهدو نه ڪيو ويندو تيسيتائين اسين پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين. ٻئي طرف ڪميونٽي هيلٿ سينٽر کي بي ايڇ پي زم زمه پاران هلائيندڙ سماجي تنظيم جارڊن جي ايگيزيڪيٽو طارق رند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بي ايڇ پي پاران 28 فيبروري تائين ڪميونٽي هيلٿ سينٽر کي بند ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪمپني پاران واضع ڪيو ويو آهي ته تيل ۽ گيس جي پراڊڪشن گهٽ ٿيڻ ۽ فنڊز موجود نه آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت توڻي اعليٰ اختيارين کي هن معاملي طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن معصوم ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ۽ ان سان گڏوگڏ پوليو ورڪرن کي مڪمل طور تحفظ فراهم ٿي سگهي جيئن هو ايمانداريءِ سان پنهنجا فرض انجام ڏئي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *