ڪراچي جي علائقي پراڻي حاجي ڪيمپ ۾ لڳل باهه ۾ ڪيترائي دڪان ۽ گهر ته سڙي رک ٿي ويا، پر ان سان گڏوگڏ ڪاٺ جي مارڪيٽ ۾ مختلف دڪانن ۾ رکيل اربين رپين جو قيمتي عمار تي ڪاٺ پڻ سڙي رک ٿي ويو اها باهه ڪيئن لڳي يا باهه هٿن سان لڳائي وئي، تنهن بابت جاچ هلندڙ آهي. اها باهه جيڪا هڪ اهڙي ڳتيل بازار ۾ لڳي جتي باهه وسائيندڙ گاڏيون ته پري جي ڳالهه آهي پر ٻه ماڻهو گڏجي پنڌ به انهن گهٽين مان لنگهي نه ٿا سگهن، ان ڪري گاڏين جي نه پهچڻ ڪري ايڏ وڏو جو نقصان ٿي ويو. ان باهه بابت جيتوڻيڪ هڪ لساني جماعت پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهي باهه کي موضوع بڻائيندي سنڌ جي وڏيرن کي اهو چئي گهٽ وڌ ڳالهايو ته ڪراچي کي ننڌڻڪو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ تمام اڻ ٽر بڻجي چڪو آهي جيئن ته ڪنهن علائقي ۾ باهه لڳڻ جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا، ان ڪري فوري طور تي پنهنجي دل جي باهه ڪڍڻ ۽ نفرت پکيڙڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا به ڌر ڪنهن قسم جي ڪوشش ڪري ٿي يا ان کي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته اهڙي ڪوشش جي ڪو به ساڃاهه وند حمايت ڪري نه ٿو سگهي. ڪراچي ۾ لڳل باهه واري معاملي تي اڃا گهڻي ڏي وٺ ٿيئي ها ۽ سنڌ ۾ ان معاملي تي” ڏي جواب ۽ وٺ جواب“ وارو سلسلو هلندو رهي ها ليڪن لاهور جي انارڪلي مارڪيٽ ۾ لڳل باهه ان سڄي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ لڳل باهه ۾ ڪو به ماڻهو زخمي يا فوت نه ٿيو هو، جڏهن ته لاهور جي انارڪلي مارڪيٽ کي لڳل باهه ۾ 13 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا هئا. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ باهه لڳڻ ڪو ننڍو وڏو حادثو يا دهشتگردي واري ڪا ڪارروائي وارو واقعو سامهون اچي ٿو ته ان تي ڪو فوري ر د عمل ڏيکارڻ يا پنهنجا پراڻا وير پارڻ بجاءِ هجڻ ته ائين کپي ته اهڙيون حالتون پيدا ڪيون و ڃن ته جيئن ڪنهن آفت کان متاثر ٿيل ماڻهن جي دادرسي ٿي سگهي ته ٻئي طرف اهڙن خوفناڪ واقعن بابت ٿيندڙ جاچ ۾ ساٿ ڏيئي اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو خوفناڪ واقعو ڪيئن پيش آيو ۽ ان جا ذميوار ڪير ڪير آهن. لاهور ۽ ڪراچي ۾ لڳل باهين وارا واقعا اڃا بحث هيٺ ئي هئا ته ڪالهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ فرنيچر مارڪيٽ کي باهه لڳڻ وارو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ به لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. اهڙي ريت ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا ۾ هڪ ڪارخاني کي پڻ باهه لڳي آهي، جنهن ۾ ڪيترو ئي نقصان ٿيو آهي، اهڙي ريت ٺٽي لڳ ڳوٺ کي باهه لڳي آهي، جنهن ۾ هڪ عورت سڙڻ جا اطلاع مليا آهن. جڏهن ته ڪيترائي سڙي زخمي ٿيا آهن. انهن واقعن کي ڏسندي اسان سمجهون ٿا ته حفاظتي انتظامن بابت اسان جي حڪومت ته پنهنجيون ذميواريون ڄڻ ته وساري ڇڏيون آهن، جڏهن ته عام ماڻهو به ان سلسلي ۾ لاتعلق ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. مثال طور اڳ سئنيمائن، ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن وغيره ۾ باهه وسائڻ وارا آلات موجود هوندا هئا، جيڪو به ماڻهو ڪنهن سئنيما تي ويندو هو ته ان کي ڀت تي ٽنگيل هڪ ڳاڙهي رنگ جو سلينڊر ضرور نظر ايندو هو اهڙي ريت ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن ۾ به اهي سيلينڊر لڳل نظر ايندا هئا. جڏهن ته مٽي سان ڀريل ڪيتريون ئي بالٽيون پڻ ٽنگيل نظر اينديون هيون. جيتوڻيڪ انهن سلينڊرن کي استعمال ڪرڻ جو شايد ئي ڪنهن کي موقعو مليو هجي ڇاڪاڻ ته باهه کان بچڻ لاءِ جن حفاظتي انتظامن جي ضرورت هوندي هئي اهي اڳواٽ ڪرڻ جي ڪري باهه وسائيندڙ آلاتن کي استعمال ڪرڻ جي نوبت ئي نه ايندي هئي هاڻ جيئن ته اڪثر ميونسپالٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين ۾ فائربرگيڊ جون گاڏيون موجود آهن، ان ڪري عام ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ڪو باهه جو واقعو پيش آيو ته پوءِ فائربرگيڊ کي فون ڪري گهرائي وٺبو. ليڪن ٿيو ائين آهي ته باهه لڳڻ کانپوءِ جيسين فائربرگيڊ اچي ئي اچي تيستائين باهه لڳل دڪان يا گهر سڙي خاڪ ٿي چڪو هوندو آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته باهه وسائيندڙ گاڏي اطلاع ملڻ کانپوءِ واقعي واري هنڌ تي پهچڻ لاءِ جيستائين عملو تيار ٿيئي. گاڏي ۾ باهه وسائڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ ۽ وا قعي واري هنڌ تي پهچي تيستائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ ضرور لڳيو وڃي ۽ هڪ ڪلاڪ اندر باهه ڪيترو ڪجهه ساڙي ڇڏيندو، تنهن جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. ان هوندي به فائربرگيڊ پهچي باهه کي ٻين گهرن يا دڪانن کي باهه لڳڻ کان بچڻ وارو ڪم شروع ڪندي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچي ويندو آهي. ساڳئي ريت اسان وٽ ڳوٺن ۾ ته خاص طرح ڪو به بندوبست نه هوندو آهي، ايتري تائين جو ڪڻڪ جي کرن کي لڳندڙ باهه لکين رپين جو نقصان ڏيئي ڇڏيندي آهي ۽ آبادگارن جي سال جي ڪمائي هڪ منٽ ۾ سڙي رک ٿي ويندي آهي. جڏهن ته فائربرگيڊ کي شهر کان واقعي واري هنڌ پهچڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويندا آهن، اسان ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ عام ماڻهن کي صلاح ڏينداسين ته اهي ان سلسلي ۾ حفاظتي اپائن بابت قدم کڻن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ اهو لازم ڪن ته اهي باهه وسائڻ وارا آلات خريد ڪن ته جيئن باهه جي لڳندڙ واقعن کي فوري طور تي روڪي سگهجي. اهڙي ريت ڳوٺن ۾ به حڪومت کي اهڙا بندوبست ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. جڏهن ته هر ڳوٺ ۾ جيڪي به سرندي وارا شخص آهن يا جن جون پنهنجيون اوطاقون آهن، تن تي جيڪڏهن باهه وسائڻ وارا آلات خريد ڪري، اهڙي هنڌ تي رکن جتان اهي آساني سان دستياب ٿي سگهن يا کرن کي باهه لڳڻ کان بچائڻ لاءِ جيڪڏهن اهي آلات کرن جي ڀر ۾ رکيل هجن ته شايد ڪيترن ئي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومتي سطح تي حفاظتي انتظامن جي سلسلي ۾ ڪا مهم هلائي وڃي ته باهه لڳڻ وارن واقعن جي امڪانن کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ وڏن نقصانن کان بچي سگهجي ٿو