اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي…!

سنڌ ۾ گرمي سبب وڌيڪ 43 حياتيون ضايع ٿي ويون، ڪراچي ۾ 1203 ماڻهو فوت ٿيڻ جي سرڪاري طورتصديق ٿي آهي. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن به گرمي سبب 24 ڄڻا فوت ٿي ويا. انگ اکرن موجب پٽيل اسپتال ۾ 12، سول اسپتال ۾ 2، جناح اسپتال ۾ 3، قطر اسپتال ۾ هڪ، دل جي صحت واري قومي اداري ۾ هڪ، ڪي ايم سي اسپتال ۾ 2، نيوڪراچي ۾ 2، عباسي شهيد  اسپتال۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. سرڪاري طور 1203 ماڻهو ڪراچي ۾ فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي پر آزاد ذريعن موجب اهو انگ 1300 تائين ٿي سگهي ٿو. مدئجي ۾ پيرسن پورهيت غلام قادر هڪڙو فوت ٿي ويو. ڳوٺ پنهور جو رهواسي غلام عباس ۽ امروٽ شريف ۾ نينگر اظهر ڪنڀر فوت ٿي ويا. ٿاڻي بولا خان ۾ هڪ، ٽنڊي الهيار ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. کڏڙي، ڳڙهي خيري ۽ گمبٽ ۾ به 5 ڄڻا گرمي سبب حياتيون وڃائي ويٺا. ٽنڊي محمد خان بيلدار پيرو چانگ گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ڳوٺ سليمان سومرو ۾ حسين سومرو فوت ٿي ويو. حب ويجهو عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڳڙهي تيغو ۾ عبدالغني تيغاڻي فوت ٿي ويو. شاهپور جهانيان ۾ علي محمد ۽ عارف سولنگي فوت ٿي ويا. ٻئي طرف پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سول اسپتال ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ گرمي سٽيل مريضن سان ملي سندن خيرت معلوم ڪئي، هن سول اسپتال ۾ صفائي نه هجڻ ۽ گهربل بندوبست ٺيڪ نه هجڻ تي ڪاوڙ جو پڻ اظهار ڪيو، ان موقعي تي  سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاه، صحت وارو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، سينيٽر شيري رحمان ۽ جميل سومرو به ساڻس گڏهئا، بلاول ڀٽو زرداري اسپتال ۾ داخل مريضن جي هر بيڊ تي وڃي سندن طبيعت معلوم ڪئي، ان موقعي تي سول اسپتال جي ايم ايس پ پ چيئرمين کي ٻڌايو ته هن وقت تائين 1200 گرمي سٽيل مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهھ وڌيڪ مريضن جو هن وقت به علاج هلندڙ آهي بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي چيو ته جيستائين گرمي جي لهر آهي تيستائين اسپتال انتظاميا اهڙن مريضن جي علاج لاءِ گھربل سهوليتن سان خصوصي وارڊ قائم ڪيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ گرمي سٽيل مريضن جي تڪليفن جي گھٽتائي ۽ سندن بهتر علاج لاءِ وڌ ۾ وڌ سهوليتون مهيا ڪيون وڃن. هوڏانهن سنڌ جي انفارميشن ۽مڪاني کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قدرتي آفت تي سياست چمڪائڻ ان آفت سان فوت ٿيندڙن سان ناانصافي جي برابر آهي. جيڪڏهن ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جو بحران نه هجي ها ته 50 سيڪڙو ماڻهو فوت نه ٿين ها پر انهن ۾ گهٽتائي ٿئي ها. گرمي جي شدت سبب سڄي سنڌ ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ ماڻهن جي مرڻ جي ذميوار وفاقي وزارت پاڻي ۽ بجلي ۽ ڪي اليڪٽرڪ آهي.ڪراچي ۾ گرمي جي شدت سان فوت ٿيندڙن ۾ وڌيڪ ضعيف ۽ وڏي عمر جا مرد ۽ عورتون آهن ۽ گهڻن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو سبب گهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ  بجلي جي لوڊشيڊنگ آهي.حڪومت سنڌ طرفان سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ گرمي سبب ايندڙ مريضن لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ويئي آهي، ۽ عملي جو موڪلون به رد ڪيون ويون آهن. مڪاني کاتي ۾ گوسڙو ملازمن خلاف مهم جاري آهي ۽ عباسي شهيد اسپتال جي 140 گوسڙو ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن.جڏهن ته 33 ملازمن کي فائنل شوڪاز کانپوءِ انهن کي ملازمتن مان فارغ ڪيو ويو آهي جن ۾ 27 ڊاڪٽرز به شامل آهنساليانو اربين روپين جو منافعو ڪمائيندڙ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه خود ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته انهن وٽ ترسيلي نظام سٺو ناهي ۽ شديد گرمي ۾ انهن جو نظام ناڪاره ٿي ويوهو.اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن عباسي شهيد اسپتال جي اوچتي دوري کان پوءِ اتي موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي روشن شيخ، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي سميع صديقي، ڊي سي سينٽرل افضل زيدي ۽ ٻيا موجود هئا.هن  عباسي شهيد اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ، آءِ سي يو ۽ هيٽ اسٽروڪ سان متاثر ٿيل مريضن لاءِ ٺاهيل خصوصي وارڊن جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود مريضن ۽ انهن گهرڀاتين سان خيريت معلوم ڪئي. ان موقعي تي اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ صوبائي وزير کي مريضن کي  ڏنل طبي امداد ۽ ٻين سهولتن کان مڪمل آگاهي ڏني. هن اسپتال انتظاميه جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي حوالي سان تفصيل طلب ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته سڀئي ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف 24 ڪلاڪ پنهنجن ڊيوٽن تي حاضر رهن.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته موجوده صورتحال ۾ شديد گرمي ۽ حبس سان گڏوگڏ بدترين بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب سنڌ ۾ سيڪڙن جي تعداد ۾ معصوم جانيون ضايع ٿيون آهن. هن چيو ته اڃا به ڪراچي جي مختلف سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ گرمي جي شدت سبب مريضن کي آندو پيو وڃي ، جڏهن ته سيڪڙن جي تعداد ۾ روزانو هيٽ اسٽروڪ سان متاثر ٿيندڙ مريضن جو سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ سنڌ حڪومت طرفان سڀئي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ مڪمل سرڪاري مشينري موجود آهي.هن چيو ته اسان پهرين ترجيح عوام کي ان ڳالهه جي مڪمل آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته هيٽ اسٽروڪ سان ڪنهن صورت ۾ بچي سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪو گرمي جي شدت سبب بيمار ٿئي ته هو فوري طور تي احتياطي تدبيرون اختيار ڪري. ان سلسلي ۾ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن ذريعي پبلسٽي به ڪئي پئي وڃي ۽ عوام کي اپيل ٿي ڪجي ته اهي ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪي ايم سي ۽ ڪمشنر ڪراچي جي هيلپ لائينن تي فوري طور تي رابطو ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خود اليڪٽرڪ جي انتظاميه ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته انهن وٽ ترسيلي نظام  ايترو سٺو ناهي جو سخت گرمي يا هلڪي بارش ۾ به عوام کي مڪمل طور تي بجلي فراهم ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *