اڳڪٿي سچ ثابت، وزير اعظم تبديل نه ٿيندو…!

مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي  چيو آهي ته ڇا ملڪ ۾ اهڙا جج آهن، جيڪي پرويز مشرف جو احتساب ڪري سگهن ۽ کيس سزا ڏين، اهو منهنجو سوال ناهي، بلڪه پاڪستان جي مستقبل جو سوال آهي، آئون عدالت تي دٻاءُ نٿو وجهان، پر گهڻن ڏينهن کان جي ٽي روڊ ناهي ڏٺو، آئون ته پنهنجي گهر وڃي رهيو آهيان، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ آئين ٺهيو، پر ان جي باوجود به مارشل لا لڳندا رهيا، 1973ع کانپوءِ به آمر آيا، ڪوبه وزيراعظم پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيو،  عدالت پهرين درخواست خارج ڪئي، پوءِ خبر ناهي ته ڪيئن قبولي ورتي، جي آءِ ٽي ۾ مخالفن کي وڌو ويو، ججن به پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو ته مون تي ڪوبه الزام ناهي، نااهلي جو فيصلو ٿي چڪو هو، رڳو جواز ڳولڻو هو. وزارت عظميٰ کان مٿانهون ٿي ڪري قوم جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. نوازشريف پهرين چيو ته ڪنهن کي پنهنجو وڪيل ڪريون ۽ ڪنهن کان انصاف گهرون، بعد ۾ چيو ته مون کي سسلين مافيا چيو ويو، ڇا مافيا ڪڏهن جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيندي آهي؟ پاڻ کي بحال ڪرائڻ  نه پر پنهنجي گهر وڃي رهيو آهيان، جنهن روڊ ميپ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڇا اهو ٽڪراءُ آهي؟ پاڪستان جي درست رستي جو تعين 70 سالن ۾ به نه ڪيو ويو، مناسب ناهي ته ڪروڙين ماڻهو اوهان کي ووٽ ڏين ۽ پنج قابل احترام جج اوهان کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪري ڇڏين. جيڪڏهن هڪ ادارو ٻئي اداري جو احترام نه ڪندو ته ان سان آئين جي پاسداري نه ٿيندي. فيصلي مان لڳو ته اڳ ئي منهنجي نااهلي جو فيصلو ٿي چڪو هو، رڳو ڪارڻ ڳوليو پيو ويو. اقتدار ۾ جيڪي گذريل چار سال گذاريا، اهي آئون ڄاڻان ٿو. پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر هڪ گرينڊ ڊائيلاگ هجڻ گهرجي. هڪ نئين پوليٽيڪل ۽ سوشل ڪانٽريڪٽ جي ضرورت آهي، گهڻن ماڻهن جي آءِ ٽي جي سامهون پيش نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو هو، پر اهو تاثر نه پيو ڏيڻ چاهيان ته آئون احتساب کان ڀڄي رهيو اهيان، جيڪڏهن منهنجي دل ۾ چور هجي ها ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش نه ڪريان ها. نيب قانون جي خاتمي جو ارادو هو پر مون کي موقعو نه مليو، روزانو ٿيندڙ انهن تماشن کي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. ڇا ملڪ ۾ اهڙا جج موجود آهن، جيڪي مشرف جو احتساب ڪن ۽ کيس سزا ڏين، آئون حالتن جي خراب نه پر درستگي چاهيان ٿو. جيڪڏهن نظرثاني درخواست تي آئون بحال به ٿي ويس ته وزيراعظم نه بڻجندس، شهباز شريف پنجاب ۾ ئي رهندو. وڪيل خواجه حارث مون سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ نظرثاني پٽيشن تي ڳالهايو ويندو، آئون ڀڄڻ وارن مان ناهيان، حالتن کي منهن ڏيندس، مون کي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ خلاف ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي، مون کي بحال ڪرڻ لاءِ نه بلڪه ناانصافي خلاف بيهڻو پوندو. مون هڪ جج پاران اڍيالا جيل بابت ريمارڪس ڏيڻ تي چيف جسٽس کي خط لکيو پر ڪوبه جواب نه آيو.

اڳوڻي وزير اعظم جي بيان مان سنڌ جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جي ڪيل پيشنگوئي سچي ثابت ٿي آهي، منظور وساڻ اچ چئي چڪو هو ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ئي رهندو ۽ شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير ئي رهندو، ڪا به تبديلي نه ٿيندي جيڪا سچي ثابت ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *