اڳوڻي صدر جو چئلينج….!

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ وزير ٻڌي ڇڏين ته وقت بدلجندي دير ناهي لڳندي، حڪومت ۽ سندن وزيرن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته نيب چيئرمين ۾ جرئت ناهي جو مون خلاف ڪيس ٺاهي سگهي، وقت هميشه هڪ جهڙو ناهي رهندو، ايئن نه ٿئي جو ڪنهن کي سيف الرحمان جيان منهنجي پيرن تي ڪرڻو پوي، پوري دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن، پهريان به فوجي عدالتن ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪئي وئي هئي، فوجي عدالتن جي مدت متعلق اسان جون تجويزون ڪجهه دوستن کي پسند نه آيون، فوج اسان جي ڪارڪنن جي قاتلن سان وڙهي رهي آهي، بلاول ۽ منهنجو هن ئي پارليمينٽ ۾ اچڻ جو ارادو آهي، پاناما ڪيس جي فيصلي جو مونکي به انتظار آهي، حسين حقاني بابت پڇيل سوال تي  سندس چوڻ هو ته مونکي نٿو لڳي ته حسين حقانيءَ ايئن چيو آهي ۽ ان کي اهو اختيار به نه هو، حسين حقاني ۽ اسان جي سوچ ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي، حسين حقاني ۽ منهنجي ملاقات نه ٿي ۽ نه ٿيندي آهي، مونکي ان وقت جيڪو ڪم حسين حقاني کان وٺڻو هو اهو هن ڪيو، اسامه بن لادن جهڙو اشو اسان جي سامهون آيو، پارليامينٽ ان اشوءَ جو مقابلو ڪيو نه ته خبر ناهي دنيا اسان سان ڇا ڪري ها، سرتاج عزيز پنهنجي ڪتاب ۾ ڪارگل جو ذڪر ڪيو آهي، پارليامينٽ ۽ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جو فيصلو هيو ته ايبٽ آباد رپورٽ کي عام ڪرڻ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، اڄ جي حڪومت ان کي عام ڪرڻ چاهي ٿي ته ڀلي ڪري. نيويارڪ جي اڳوڻي ميئر ۽ ڪجهه ٻين شخصن سان ملي آيو آهيان، اسان کي باراڪ اوباما مان وڏيون اميدون هيون، اوباما ان معيار تي نه پهچي سگهيو جيتري اسان کي اميد هئي، مونکي آمريڪا ۾ انٽري نه گهرجي، مان رڳو واپاري لاڳاپا چاهيان ٿو، ريپبلڪن جي پنهنجي لابي ۽ سوچ آهي اسان کي انهن کان به ڪم وٺڻو آهي، مونکي اهڙو ڪو ڪم ناهي ڪرڻو رڳو آمريڪين کي سمجهائڻو آهي، اوباما به ڊسڪس نه ڪيو ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، مون نواز ليگ جي نه پر جمهوريت جي سپورٽ ڪئي آهي، 2013ع جي عام چونڊن جي نتيجن کي به نه مڃيو هو، هاڻي سڀني مڃي ورتو آهي ته آر او اليڪشن هئي، رڳو جمهوريت لاءِ قرباني ڏني، نه پيو چاهيان ته ڪوئي اچي ۽ چوي ته توهان کان جمهوريت به سنڀالجي نٿي سگهجي، سوئس اڪائونٽ ۾ جيڪڏهن پئسا آهن ته اهي ڪنهن پرڏيهي جا هوندا پاڪستان جا نه هوندا، ڪوبه سياستدان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اڪائونٽ نٿو کولي سگهي صرف ميان صاحب کولي سگهي ٿو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *