اي ڊي خواجه کي ڏنل اسٽي ختم ڪرڻ جي درخواست رد

سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  سنڌ حڪومت جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ خلاف ڏنل اسٽي ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي اي ڊي خواجا کي حتمي فيصلي تائين عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر  چيو آهي ته حتمي فيصلي تائين حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي، پوليس فورس جو آل پاڪستان سروس ۾ هئڻ تڪراري نه آهي.جيستائين حتمي فيصلو نٿو ٿئي اي ڊي خواجه کي ڪم جاري رکي.ٻڌڻي دوران  وفاقي حڪومت پاران ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب الدين به جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، جنهن موجب 1993ع وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اتفاق ٿيو ته صوبي جي  آءِ جي جي مقرري وفاق جي مشوري سان ٿيندي .جڏهن رکڻ جو اختيار وفاق وٽ آهي .وفاقي آفيسر کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ به وفاق جي منظوري ضروري آهي .وفاقي آفيسر کي ساڳي گريڊ ۾ مقرري ڪرڻ جو  صوبائي اختيار آهي پر آفيسر کي پنهنجي گريڊ کان وڌيڪ گريڊ ڏيڻ صوبي کي اختيار نه آهي هن کي وفاق جي اجازت ضروري هوندي آهي .وفاق چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ جي نالن کي صوبن ڏنا موڪليو ويندو صوبو هڪ نالو 15 ڏينهن ۾ تحويز ڪندو جيڪڏهن نالو نه ڏئي سگهي ته وفاق کي اختيار آهي ته هو پنهنجي مرضي سان آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري رکي سگهي ٿو .عدالت ۾ سيڪريٽري سروسز حلف نامي جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 28دسمبر 2016ع جي حڪم جي خلاف ورزي نه ڪئي آهي .اي ڊي خواجا اوپي ايس تي ڪم ڪري رهيو آهي .ان ڪري آءِ جي سنڌ جون خدمتون وفاق کي واپس ڪري ڇڏيون آهن .چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ توهين عدالت واري ڪيس ۾ پنهنجي جوابي حلف نامي جمع ڪرائي ڇڏيو آهي .جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي .آءِ جي سنڌ جون خدمتون پوليس ايڪٽ 3 جي تحت وفاقي حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون، سنڌ ڪابينا آءِ جي کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيوآهي، ان بابت جواب پڻ داخل ڪرايو ويو آهي.عدالت ۾ درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيارڪندي چيو آهي ته پوليس آرڊر 2002ع کي ختم ڪري صوبي ۾ پوليس ايڪٽ 2011ع رائج ڪيو ويو آهي جيڪي غير قانوني آهي .آئين ۾ وفاقي ۽ صوبائي قانون سازي جون لسٽون ڏينون ويون آهن .ايڊووڪيٽ فيصل چيو ته آئين جي موجب ريلوي پوليس سميت هرقسم جي پوليس وفاق جي اندر ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *