اي ڊي خواجه جي برطرفي….!!

سنڌ حڪومت طرفان وفاق کي خط لکيو ويو ته اي ڊي خواجا جون سنڌ مان خدمتون واپس ورتيون وڃن ۽ غلام قادر ٿيٻو، سردار عبدالمجيد دستي يا خادم حسين ڀٽي کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو وڃي. اهڙيون خبرون ڪيترائي ڪلاڪ ميڊيا ۾ هلنديون رهيون، پهرئين نوٽيفڪيشن جي ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ سنڌ حڪومت جي سروسز جنرل، ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو،  جنهن ۾ آءِ جي سنڌ جي عهدي تي ڪم ڪندڙ 21هين گريڊ جي آفيسر اي ڊي خواجا کي رليو ڪري کيس وفاقي سرڪار جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، جڏهن ته ساڳي ئي نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ پوليس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ريسرچ ڊيولپمينٽ ۽ انڪوائريز طور ڪم ڪندڙ 21هين گريڊ جي آفيسر سرادر عبدالمجيد دستي کي آءِ جي سنڌ پوليس جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، جيڪو وفاقي حڪومت جي اسٽيبلشمينٽ دويزن طرفان مستقل آءِ جي مقرر ٿيڻ تائين انهي عهدي تي ڪم ڪندو رهندو. رپورٽن موجب وفاقي سرڪار جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سنڌ حڪومت طرفان غلام قادر ٿيٻو، سردار عبدالمجيد دستي ۽ خادم حسين ڀٽي کي آءِ  جي مقرر ڪرڻ واري سفارش مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٽنهي سفارشي نالن مٿان سُٺي شهريت نه هجڻ جو جواز ڄاڻائيندي وفاق ٽنهي پوليس آفيسرن کي مقرر ڪرڻ واري سفارش رد ڪري ڇڏي آهي. وفاق ۽ سنڌ سرڪار کي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي تبديلي ۽ نَون نالن جي سفارشي خط اختلاف اڀاري ڇڏيا آهن. سنڌ جي هٽايل آءِ جي اي ڊي خواجا جي دور ۾ ڪراچي آپريشن جا بهتر نتيجا نڪتا ۽ امن لاءِ سندس کنيل قدمن کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي، ڪراچي آپريشن ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو، اي ڊي خواجا جي حوالي سان اهو پڻ عام آهي ته سندس دور ۾ پوليس ۾ جيڪي ڀرتيون ۽ ترقيون ٿيون اهي پڻ ميرٽ تي ٿيون، پوليس آفيسر جي ترقين جي حوالي سان پڻ بورڊ جوڙي انهن کي ترقيون ڏنيون ويون، ان کان علاوه سندس دور ۾ امن امان جي صورتحال پڻ بهتر رهي، پوليس ۾ شفاف ڀرتين، پ پ جي اهم شخصيت جي دوست سان اختلافن سبب کيس هٽايو ويو آهي. وفاق ۽ سنڌ جي اتفاق سان ئي آءِ جي سنڌ جي مقرري بابات حتمي فيصلو ڪيو ويندو. خادم حسين ڀٽي کي آءِ جي واري ڊوڙ مان آئوٽ ڪيو ويندو.سنڌ حڪومت پاران سفارش طور وفاق کي اماڻيل نالن ۾ ڪجهه ٻيا نالا به شامل ڪري سگھجن ٿا. سنڌ جو وقتي آءِ جي سردار عبدالمجيد دستي جو تعلق بلوچستان سان آهي، هن پوليس ۾ 32 سال نوڪري ڪئي آهي، جنهن مان 80 سيڪڙو سنڌ ۾ گذريو آهي. سردار عبدالمجيد دشتي پهرين پوسٽنگ اي ايس پي لياري طور ٿي. عبدالمجيد دستي جي حوالي سان ٻڌايو وڃي ٿو هو مزاج جو گهڻو سخت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *