اي پي سي اجلاس ۽ پيش ڪيل بل

 

دهشتگردن کي سزائون ڏيارڻ لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ ان کي ايندڙ ٻن سالن تائين آئيني تحفظ ڏيڻ وارو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿي چڪو آهي جيتوڻيڪ انهيءَ بل تي سڀني پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن راضپو ڏيکاريو آهي ليڪن جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ جماعت اسلامي ان تي پنهنجا خدشا ڏيکاريندي چيو آهي ته ان بل ۾مدرسن ۽ مذهب کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي. مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه ۾ ڪيترو وزن آهي تنهن تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين بحث هلندا رهندا جڏهن ته ٻئي طرف امڪان اهي ئي آهن ته اهو بل قومي اسيمبلي مان اڪثريتي راءِ سان پاس ٿي ويندو. جيتوڻيڪ اي پي سي ۾ بل تي سڀني پارلياماني پارٽين پنهنجو گڏيل راضپو ڏيکاريو آهي ۽ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جيڪي خدشا ڏيکاريا هئا اهي خدشا ختم ڪرڻ جي حتي الامڪان ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته پارليامينٽ جي هوندي پارليامينٽ کان ٻاهر ويهي فيصلا ڪرڻ کانپوءِ هاڻ اهي پارليامينٽ کان منظور ڪرايا پيا وڃن جيڪا ڳالهه آئيني طرح صحيح ناهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به بل بابت پارليامينٽ ئي واحد فورم آهي جتي هر ميمبر کي پيش ڪيل بل تي ڳالهائڻ، حمايت يا مخالفت ڪرڻ جو مڪمل حق هوندو آهي. جيئن ته اهو بل اي پي سي ۾ طئي ڪيو ويو آهي ۽ ان تي رڳو پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ئي بحث ڪيو آهي ۽ هر ميمبر پاران ان بل تي ڳالهائڻ وارو حق متاثر ٿيو آهي. ان ڪري پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ بڻجي وئي آهي جڏهن ته هن وقت جيڪا صورتحال موجود آهي ان کي اسان جيڪڏهن ڏسون ٿا ته اها ڳالهه چوڻ تي مجبور ٿيڻو ئي پئي ٿو ته اي پي سي ۾ بل تي بحث ڪري ان کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا به واهه نه هئي. جيڪڏهن اهو بل سنئون سڌو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ها ته پوءِ ان بل تي مهينن جا مهينا بحث هلي ها ڪا پارٽي بائيڪاٽ ڪري ها ته ڪا پارٽي ان بل کي پنهنجي مرضي سان تيار ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ها. ڪا پارٽي تحريڪ هلائڻ جي ڌمڪي ڏي ها ته وري ڪا پارٽي حڪومت کي ڊاهڻ ۽ عوام کي رستن تي آڻڻ جو ٽائيم ٽيبل ڏي ها. بهرحال شڪر آهي ته اهو بل تيار ڪرڻ کان اڳ اي پي سي ۾ بحث ڪيو ويو جنهن ڪري هاڻ ان بل تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرڻ جي وڌيڪ گنجائش نظر نه ٿي اچي. اسان سمجهون ٿا ته جهڙي ريت پاڪستان کي هن وقت چئني طرفن کان خطرن اچي گهيرو ڪيو آهي، انهن خطرن کان بچڻ لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت جهڙي ريت گڏ ٿي آهي، ساڳئي طرح ڪيڏو نه چڱو ٿئي جو جيڪڏهن 1971 ۾ فوجي ۽ عسڪري قيادت گڏ ويهي ڪو فيصلو ڪري ها ته يقينن پاڪستان ٻه اڌ نه ٿئي ها ۽ اسان جو اوڀر پاڪستان وارو حصو بنگلاديش نه ٿئي ها يا پاڪستاني فوج کي ڀارتي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا نه پون ها. اسان اها ڳالهه ان ڪري لکي رهيا آهيون جو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ڪجهه اهڙي ئي خطرناڪ صورتحال ۾ ڦاٿو هو 1970 ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون هيون جنهن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي اڪثريت حاصل ڪئي هئي ۽ اولهه پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون آئي هئي. جيئن ته اهي عام چونڊون فوج جي نگراني ۾ ٿيون هيون ۽ ان وقت جنرل يحيٰ خان ملڪ جو صدر ۽ چيف مارشلا ائڊمنسٽريٽر پڻ هو. اهي عام چونڊون جنرل يحيٰ خان پاران تيار ڪيل ليگل فريم ورڪ آرڊر ”ايل ايف او“ تحت ٿيون هيون. انهن چونڊن کان پوءِ چونڊيل نمائندن جو پهريون ڪم پاڪستان جو آئين تيار ڪرڻ هو. عام چونڊن ۾ بنگالين پاران اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڪري اولهه پاڪستان ۾ اهي خدشا نظر آيا ته جيڪڏهن اڪثريت جي بنياد تي آئين ٺاهيو ويو ته پوءِ آئين ۾ عوامي ليگ پنهنجا 6 نڪتا شامل ڪندي جيڪي اولهه پاڪستان وارن کي هرگز قبول ناهن. انهن 6 نڪتن ۾ اهو هو ته اولهه پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان لاءِ ڌار ڌار ڪرنسيون هونديون جيڪا ڳالهه انهن ڏينهن ۾پاڪستان کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي هڪ سازش طور نظر اچي رهي هئي جنهن ڪري اولهه پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان ۾ 6 نڪتن جي حمايت ۽ مخالفت ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي. جنرل يحيٰ خان جيڪو ليگل فريم ورڪ آرڊر جاري ڪيو هو تنهن ۾ هڪ نڪتو اهو به هو ته اسيمبلي 6 مهينن اندر ملڪ جو آئين تيار ڪندي ۽ جيڪڏهن اسيمبلي 6 مهينن اندر آئين تيار ڪري نه سگهي ته پوءِ اسيمبلي خودبخود ٽٽي ويندي. اصل ۾ ايل ايف او ۾ رکيل اهو شرط ان بدنيتي سان رکيو ويو هو ته اسيمبلي 6 مهينن اندر آئين تيار ڪري نه سگهندي ان ڪري اها اسيمبلي ٽٽي ويندي ۽ ملڪ ۾ غير جمهوري حڪومت يعني جنرل يحيٰ خان جي غير سياسي حڪومت هلندي رهندي چيو وڃي ٿو ته جنرل يحيٰ خان جي مرضي هئي ته جيڪڏهن کيس ايندڙ پنجن سالن لاءِ ملڪ جو صدر مملڪت چونڊيو وڃي ته اهو عوامي ليگ يا پيپلز پارٽي مان ڪنهن هڪ کي اقتدار ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ان سلسلي ۾ جنرل يحيٰ خان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شيخ مجيب الرحمان سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ته جيئن کيس صدر ٺاهڻ لاءِ ڪا پارٽي راضي ٿي وڃي ليڪن چيو وڃي ٿو ته ڪا به پارٽي جنرل يحيٰ خان کي صدر ٺاهڻ لاءِ تيار نه ٿي هئي.

خان کي صدر ٿيڻ جي ڪٿان کان به خاطري نه ملڻ تي هن قومي اسيمبلي جو ڍاڪا ۾ گهرايل اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اجلاس ملتوي ٿيڻ کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته جيڪو اسيمبلي ميمبر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ويندو تنهن جون آئون ٽنگون ڀڃي ڇڏيندس اها سڄي ڳالهه ٻڌائڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته جيڪڏهن انهن ڏينهن ۾ فوجي ۽ عسڪري قيادت اڄ وانگر ڪا اي پي سي ڪوٺائي ها ۽ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ قومي اسيمبلي کان ٻاهر ويهي آئين جو مسودو تيار ڪن ها ته پوءِ يقينن پاڪستان نه ٽٽي ها. پر ان وقت جي فوجي قيادت کي پنهنجي لالچ هئي جنهن ڪري جنرل يحيٰ خان پاڻ کي صدر چونڊرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو جيڪڏهن هو پاڻ کي صدر چونڊرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ اي پي سي سڏائي ٻنهي پارٽين کي ٽيبل تي ويهاري ها ته يقينن هي ملڪ ٽٽڻ کان بچي پئي ها ۽ اوڀر پاڪستان اسان کان هرگز ڌار نه ٿئي ها ۽ فوج کي ڀارتي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا نه پون ها. اسان سمجهون ٿا جنرل راحيل شريف تاريخ جي سبق کي آڏو رکي جهڙي ريت اي پي سي ذريعي فوجي عدالتون قائم ڪرايون آهن اها هڪ شاندار ڪوشش آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اهي فوجي عدالتون ڪهڙي ريت دهشتگردن جو خاتمو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. بهرحال پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ وڏو چئلينج قبول ڪيو آهي اسان جي دُعا آهي ته پاڪ فوج پنهنجي ٽاسڪ ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ ملڪ مان هميشه لاءِ دهشتگردي جو خاتمو اچي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.