ايپڪس ڪميٽي سنڌ جا فيصلا….

ايپڪس ڪميٽيءَ گهڻي غور ۽ فڪر ۽ ڳالهين کانپوءِ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڪراچي ۾ امن جي بحاليءَ کي يقيني بڻائڻو آهي جنهن لاءِ سنڌ پوليس کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو خميس ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيرعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، صوبائي وزيرن، ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار، وقتي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه پنهنجي پنهنجي فورسز جي ڪارڪردگي بابت پريزينٽيشن ڏني ۽ مختلف مامرن ۽ پيش ايندڙ چيلنجرز تي روشني وڌي. ايپڪس ڪميٽي انهن مامرن ۽ چيلنجرز کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين حڪمت عملي وضع ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ ۽ ڀتاخوري وارن ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. پريزنٽيشن ۾ انگ اکر ٻڌائيندي چيو ويو ته دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪيسن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ٿئي آهي، سن 2013ع ۾ هر مهيني 80 کان 100 ٽارگيٽيڊ ڪلنگ جا واقعا ٿيندا هئا پر هاڻي ڪڏهن ڪو وارقعو پيش ايندو آهي، اهڙي طرح ڀتي خوريءَ جي ڪيسن ۾ 85 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿئي آهي. 2013ع ۾ 1774 اغوا جا ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته 2016ع ۾ پهرين پنجن مهيننن واري عرصي ۾ 13 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جڏهن پنجاب ۾ ڇوٽو گينگ خلاف آپريشن ٿي رهيو هو ته ان وقت سنڌ رينجرز سنڌ-پنجاب ۽ سنڌ-بلوچستان سرحدن تي سخت چيڪنگ جي شروعات ڪئي وئي هئي ۽ سنڌو درياهه سان گڏ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون هيون جتان ڏوهارين جي اچڻ جو امڪان هو. ڪراچي شهر ۾ امن جي بحالي سبب جاين جي قيمتن ۾ 23 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي، گذريل سال ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني دوران مارڪيٽن ۾ خريد و فروخت 70 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪئي وئي ۽ 14 آگسٽ جي موقعي تي قومي جهنڊن جي 5 ارب رپين تائين فروخت ڪيا ويا ۽ صنعت ۽ تجارت کي فروغ حاصل ٿيو. ڪميٽيءَ هلندڙ صورتحال تي پنهنجي تسلي جو اظهار ڪندي شهر ۾ قيام امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئين حڪمت عملي وضع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو جنهن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ويهه هزار پوليس اهلڪارن بشمول ڪراچي ۾ اٺ هزار ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪورڪمانڊر ڪراچي نويد مختيار نئين فورس کي پاڪستان آرمي کان تربيت لاءِ سمورن ضروري انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي،  سنڌ جي وڏي وزير ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته 10 نيون اي ٽي سي ڪورٽون جو قيام آخري مرحلي ۾ آهي. اسان سينٽرل جيل ڪراچي ۾ 6 اي ٽي سي ڪورٽون قائم ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ انهن جون عمارتون جون 2016ع تائين مڪمل ٿي وينديون ۽ اهي پهرين جولاءِ 2016 کان ڪم شروع ڪنديون. سنڌ هاءِ ڪورٽ ان لاءِ پنهنجي قانوني ٽيم فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي ۽ انهن ڏهن اي ٽي سي ڪورٽن ۾ ججن کي مقرر ڪيو ويندو.200 پراسيڪيوٽرز کي مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *