اين ايف سي ايوارڊ تي سنڌ کي ٿيندڙ نقصان

سنڌين سان بيحد ويساهه گهاتيون ٿي رهيون آهن، هتي جا هزارين نوجوان پنهنجون تعليمي ڊگريون کڻي موجوده جهموري حڪومت جي چونڊيل نمائندن جي آفيسن ۽ اوطاقن جا چڪر ڪاٽيندي نظر اچي رهيا آهن، ڪٿي سنڌ جا نوجوان بي روزگاري سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن ته ڪٿي وري ڪيئي خاندان غربت ۽ بدحالي سبب هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن، سنڌ وٽ ايترا وسيلا موجود آهن جو هتي هر ماڻهوءَ کي روزگارڏنو وڃي ته به سنڌ جي وسيلن تي ڪو فرق نه پوندو، پر بدقسمتي سان اهڙي ڪابه حڪمت عملي جُڙي نه سگهي آهي، جنهن تحت سنڌ پنهنجي پيداوار مان فائدو حاصل ڪري سگهي. ٻيو ته بدقسمتي سان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي مليل مالياتي اختيارن جو ڪوبه استعمال ناهي ڪيو ويو، جيڪا سنڌ سان ويساهه گهاتي آهي، جيڪڏهن ٻين صوبن کي آئين ۽ اين ايف سي ۾ ڏنل فائدا ملي رهيا آهن ته سنڌ کي ڇو نٿو ان جو جائز حق ڏنو وڃي؟ هڪ پاسي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري هِتي جون زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن ته ٻئي پاسي اين ايف سي ايوارڊ کان به محروم رکيو پيو وڃي.ملڪ ۾ لاڳو ڪيل اين ايف سي ايوارڊ مطابق صوبن لاءِ مجموعي طور تي تقريبن 83 سيڪڙو مالي گرانٽس جي منظوري ڏنل آهي، جن مان پنجاب 51.74، سنڌ 24.55، ڪي پي ڪي 14.62 ۽  بلوچستان 9.9 سيڪڙو روينيو مان ملندڙ فنڊ حاصل ڪرڻ جا حقدار آهن، انهيءَ ايوارڊ جو مدو گذريل سال 30 جون تي ختم ٿي چڪو آهي، جنهن بعد نئون ايوارڊ جاري ٿيڻ کپي ها، پر ڪوتاهين جي ڪري ائين ممڪن نه ٿي سگهيو. آئين ۾ ڏنل يقين دهانين جي باوجود وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ تي ڪنهن نه ڪنهن طرح سدائين اختلاف هلندا رهيا آهن، جنهن سبب صوبن خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي وقت کان بي چيني پکڙيل آهي، ڪٿي ڪو صوبو آبادي، ڪو ايراضي، ڪو آمدني ۽ ڪو صوبو وري پٺتي پيل هجڻ جي بنياد تي اين ايف سي ايوارڊ مان حصو طلب ڪندو رهيو آهي، هن وقت چئني صوبن مان سنڌ ۽ بلوچستان اهي ٻئي اهڙا صوبا آهن، جتي جي زمين سون، ٽامي، تيل ۽ گئس سميت قدرتي معدنيات سان مالامال آهي، پر ان هوندي به اتي جي آبادي ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب جي ڀيٽ ۾ صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻين ڪيترن ئي بنيادي ضرورتن کان محروم آهي. اسين مڃون ٿا ته ملڪ کي سلامتي، امن ۽ استحڪام طرف وٺي وڃڻ ۾ چئني صوبن جو اهم ڪردار شامل آهي، پر هن وقت تيل، گئس ۽ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيڻ ۾ سنڌ سڀ کان اڳيان آهي، ان ڪري سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ به ان حساب سان ملڻ گهرجي، اميد آهي ته قومي مالياتي ڪميشن جي گڏجاڻين ۾ نئين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ راهه هموار ڪئي ويندي. اسين سمجهون ٿا ته صحت ۽ تعليم سميت ٻين ڪيترن ئي بنيادي معاملن سان واڳيل وزارتون 18هين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن حوالي ڪيون ويون آهن، ان هوندي به جي وفاق اين ايف سي ايوارڊ مان وڏي حد تائين ڪٽوتي ڪري ننڍن صوبن کي نظرانداز ڪرڻ جي روايت برقرار رکي ته اڳتي هلي سندس اهو عمل وفاق ۽ عوام جي حق ۾ نه هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *