امين ۽ فهيم جو وڇورو

سروري جماعت جو روحاني پيشوا درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جو ارڙهون گادي نشين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو صدر مخدوم محمد امين فهيم المعروف ڏاڏا سائين ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا رهڻ بعد 76 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ڪالهه صبح سوير لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جسد خاڪي ڪراچي کان ايمبولينس ذريعي هالا آندو ويو، جتي جنازي نماز بعد درگاهه سرور نوح ۾ سندس والد مخدوم محمد زمان طالب المولى جن جي پيراندي ۾ هزارين مريدن، پ پ ڪارڪنن، مخدوم خاندان جي فردن جي موجودگي ۾ سڏڪن ۽ اوڇنگارن ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويو. سندس جنازي نماز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، ايم اين اي غلام مصطفى شاهه، ملڪ اسد سڪندر، اسپيڪر آغا سراج خان دراني، گهرو وزير سهيل انور سيال، ناڻي واري وزير مراد علي شاهه، وزير اطلاعات نثار کهڙو سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي ڪئي ۽ هو پهريون ڀيرو 1970ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ هو 1977، 1988، 1990،1993، 1997، 2002، 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ هالا – مٽياري تڪ تان ايم اين اي چونڊيو. ضيا دور ۾ پارٽي فيصلي تحت هو 1985ع عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو.  پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ وانگر مخدوم امين فهيم کي گهڻو اولاد آهي، کيس ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ آهي. سندس وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان نه فقط سٺو سياست دان پر سٺو شاعر ۽ محقق به آهي سندس ٻيو پٽ مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيوروڪريٽ آهي  مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان تعليم حاصل ڪري  ٻاهر ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندس چوٿون پٽ ابو محمد سنڌ يار آهي، دينا ليليٰ مان سندس اڪيلي ڌيءُ برمنگهم يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. مخدوم امين فهيم ملڪ جو واحد سياست دان آهي، جنهن کي حڪومت، مخالف ڌر ۽ اسٽبلشمينٽ ۾ هڪ جهڙي ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ضياءُ الحق جي دور کان وٺي وزيراعظم جو عهدو سندس پويان هو پر هو پارٽي سان وفادار رهيو سنڌ جي سمورن سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندس ياري ڪنهن کان به ڳجهي ناهي، پارٽيءَ جي منع ڪرڻ باوجود هن ڄام صادق، پير پاڳاري ۽ شاهنواز جوڻيجي سان ناتا نه ٽوڙيا. کيس راڳ رنگ، شاعري ۽ شڪار سان خاص دلچسپي هئي. سندس ولادت 4 آگسٽ 1939 ع تي هالا ۾ ٿي. هي اڃا ٻن سالن جو هو ته سندس امڙ هن فاني دنيا مان موڪلائي وئي .هن  قانون جو پڻ امتحان پاس ڪيو پر هن قانون کي پنهنجو پيشو نه بڻايو. مخدوم امين فهيم چار شاديون ڪيون جن ۾ پهرين شادي 21 جون 1957 ۾ اوڻويهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان مان ڪئي. ٻئي شادي بنگال سان تعلق رکندڙ هڪ ايئر هوسٽس دينا ليليٰ سان ڪئي. ٽئين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ عورت سان ڪئي .69 ۾ لنڊن ۾ مخدوم امين فهيم جي ملاقات پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي تنهن بعد هن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. هن جو والد مخدوم طالب الموليٰ پ پ جو سينيئر وائيس چيئرمين به رهيو. مخدوم خاندان ابتدا کان اڃا تائين پ پ سان نڀائيندا پيا اچن.جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف پاران اعليٰ عهدن جي آڇ باوجود به پ پ جي ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *