امن جي خواب جي ساڀيان اڃان اڳتي …….

جيتوڻيڪ آپريشن ضرب عضب کانپوءِ حالتون گهڻي حد تائين بهتر ٿيون آهن، پر مڪمل امن واري خواب جي ساڀيان اڃا اڳتي آهي، جنهن لاءِ بردباري ۽ ساڳي تسلسل سان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه جو جاري رهڻ انتهائي اهم آهي. ڇو ته اڳ ۾ دهشتگرد رُڳو هڪ مخصوص علائقي تائين محدود هُئا، پر آپريشن کان پوءِ اُنهن مُلڪ جي مختلف حصن ۾ وڃي پناهه ورتي آهي، جتان هُو ڪارروائين جون رٿائون ڪندا رهن ٿا. تازو پشاور ۾ ايئربيس تي ٿيل حملو انهيءَ جو ثبوت آهي، جنهن ۾ 16 نمازين سميت 29 ڄڻا اجل جو شڪار بڻيا هُئا. ايترو ئي نه پر ٻه ڏهاڙا اڳ ڪراچيءَ ۾ هڪ آپگهاتي بمبار جي اطلاع تي جڏهن پوليس ۽ رينجرز اُن علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ته بمبار پنهنجو پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو. نه ڄاڻ اُن بمبار جو اڳيون ٽارگيٽ ڪهڙو هو؟ اهڙي صورتحال کي ڏسندي جيتوڻيڪ ڪراچي پوليس عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو آهي، جنهن بابت ٻُڌايو پيو وڃي ته 15 هزار اهلڪارن کي ڊيوٽي لاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. جيڪا هڪ چڱي ڳالهه آهي، رُڳو ڪراچي ئي نه پر مُلڪ جي سڀني شهرن جي انتظاميا کي سخت سيڪيورٽيءَ جا اُپاءَ وٺڻ گهرجن، جو دهشتگرد آپريشن سبب ٿيل سندن نقصان جي بدلي خاطر ڪٿي به ڪارروائي ڪري سگهن ٿا. تنهنڪري ڪنهن به امڪاني گڙ ٻڙ لاءِ هر علائقي جي انتظاميا کي نه فقط تيار رهڻ گهرجي، پر اڳواٽ اُپاءَ پڻ وٺڻ گهرجن. هتي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر پڻ لازمي سمجهون ٿا ته جنهن وقت هي سٽون لکجي رهيون هيون، عين اُنهيءَ وقت اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ مُلڪي سلامتيءَ متعلق اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺايو ويو هو، جنهن ۾بڊا بير سانحي وارو معاملو افغان حڪومت سامهون کڻڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. ياد رهي ته پشاور ڀرسان ايئربيس تي ٿيل حملي جا پيرا افغان سرحدي علائقن ڏانهن وڃڻ جا اطلاع آهن، جنهن جون شاهديون ۽ ثبوت افغان حڪومت آڏو پيش ڪيا ويندا ته جيئن مستقبل ۾ افغان سرحد کان دهشتگردن جي اچ وڃ کي روڪي سگهجي. بهرحال دهشتگردن جون راهون هاڻ گهڻي حد تائين تنگ ٿي چُڪيون آهن ۽ اُنهن جي مڪمل صفائي ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳندو، پر جيستائين انهيءَ عذاب کان مڪمل ڇوٽڪارو نصيب ٿئي، تيستائين عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اُهي سمورا اُپاءَ وٺڻا پوندا، جن تحت مذهبي ڏڻن جي امن امان ۽ خير سلامتيءَ ۾ گذرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. اسين اُميد ٿا ڪريون ته نه رُڳو عيدالاضحيٰ پر محرم الحرام جي حوالي سان پڻ سيڪيورٽي اپائن کي سخت بڻايو ويندو ته جيئن ڪنهن به امڪاني نقصان کان عوام کي محفوظ رکي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *