اشوڀا طوفان، ٺٽي سجاول ۽ بدين جي سامونڊي پٽي خالي ڪرائڻ جون هدايتون جاري

 

عربي سمنڊ ۾ اٿندڙ  اشوڀا طوفان زور وٺي ويو آهي، ڪراچي، ٺٽي،  سجاول ۽ بدين ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان  آهي، سنڌ حڪومت  سامونڊي  پٽي  مان عوام کي لڏائڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن، مليل ڄاڻ موجب عربي سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ اشوڀا طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي، امڪاني سامونڊي طوفان جي خطري سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سمنڊ اندر اڄ تيز ڇوليون اٿڻ،مينهن وسڻ ۽ تيز هوائن جو امڪان آهي،جڏهن ته موسميات کاتي مهاڻن کي کــُليل سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي،جنهن کي اشوڀا جو نالو ڏنو ويو آهي.سامونڊي طوفان اشوڀا هڪ ناٽ في ڪلاڪ جي رفتار سان وڌي رهيو آهي ۽ هن وقت ڪراچي جي اتر کان 700 ڪلوميٽر پري آهي.موسميات کاتي موجب 80 سيڪڙو امڪان آهي ته اشوڀا اومان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجندو،جڏهن ته طوفان 20 سيڪڙو بلوچستان جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي.طوفان سبب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات ۽ طوفان جا امڪان آهن ابراهيم حيدري، لٺ بستي، چشما ڳوٺ، ريڙهي ۽ ڀرپاسي جي ۾ رهندڙ لکين ماهيگير بي يارومددگار، سامونڊي چاڙهه سبب هيٺاهين وارا  علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ٻئي پاسي ماهيگيرن جي سماجي تنظيمن پاران ماهيگيرن کي کليل سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار تي وڃن کان ابراهيم حيدري جيٽي، ريڙهي ۽ لٺ بستي ۾ پاڪستان فشرفوڪ فورم، ماهيگير سماجي تنظيم ۽ سجاڳ ماهيگير پاران ڪارڪنن وڃي لائوڊ اسپيڪرن ذريعي اعلان ڪيا. هوڏانهن ابراهيم حيدري سان تعلق رکندڙ ماهيگيرن شفيع، برڪت ۽ خانو ميڊيا کي ٻڌايو ته امڪاني سامونڊي طوفان بابت نه ته حڪومتي سطح تي ڪو اطلاع هو ۽ نه وري ماهيگيرن جي سماجي تنظيمن پاران ڪا ڄاڻ ڏنل هئي. هنن ٻڌايو ته اسان جا پيارا اڃا سمنڊاندر آهن جن جو ڪو به رابطو موسم جي خرابي سبب ٿي نه سگهيو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي هنگامي سطح تي فشر هاربر ڪراچي تي هنگامي مرڪز قائم ڪري ورتو آهي. جتان سمنڊ اندر مڇي جي شڪار تي ويل ماهيگيرن سان رابطا ۽ امڪاني هنگامي صورتحال لاءِ ماهيگيرن کي محفوظ مقام ڏانهن منتقل ڪرڻ سميت انهن جي راشن جو بندوبست ڪيو ويندو  ٻئي طرف  بدين ضلعي جي ساحلي پٽي سيراڻي ، ڪڍڻ، شادي لارج ، نندو ۽ کوسڪي  ۾ تيز  طوفاني هوائن جو سلسلو شروع ٿي ويو، تيز طوفاني هوائن سبب شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بجلي جو نظام بدين کان ساحلي پٽي جي مختلف علائقن  کي  فراهم ٿيندڙ بجلي تارون ڪرڻ سبب سوين  ڳوٺن ۽ شهر  اونداهه جي ور چڙهي ويا آهن، بدين ضلعي اتنظاميا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ  ڪوبه  ايمرجنسي سيل قائم نه ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ساحلي پٽي ۾رهندڙ ماڻهن  کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي پهچائڻ  جو انتظام ڪيو ويو آهي، تيز طوفاني هوائن هلڻ سبب بدين شهر  شادي لارج کوسڪي ۾ لڳل سائن بورڊ ڪري پيا، رات دير تائين تيز  هوائن وارو سلسلو جاري هو  صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل سيد سلمان شاهه چيو آهي ته سامونڊي طوفان تي مسلسل نظر آهي ۽ عوام پل پل باخبر رهڻ لاءِ پي ڊي ايم اي جي ويب سائيٽ ڏسي سگهي ٿو. سيد سلمان شاهه سامونڊي طوفان بابت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سنڌ جي ساحلي پٽي کان سامونڊي طوفان 750 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ صورتحال سامهون اچي ويندي هوڏانهن  سنڌ جي چيف سيڪريٽري ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي سامونڊي پٽي مان عوام کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي چيو آهي ته ٽنهي ضلعن ۾  طوفان  کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڪئمپون قائم ڪيون وينديون ان لاءِ  ڊپٽي  ڪمشنرن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن، هن چيو ته عوام کي صورتحال بابت آگاهي پڻ ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *