اسپيشل ٽرائيل ڪورٽس جو قيام

 

ملڪ جي سياسي قيادت دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي گڏ هلڻ جو عزم ورجائيندي دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ اسپيشل ٽرائيل ڪورٽس جي نالي سان فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي نوعيت ج تاريخي ۽ اهم ترين فيصلو آهي، ڇاڪاڻ جو 11 ڪلاڪن جي ڊگهي بحث مباحثي کانپوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ آخر ڪار ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردن جي ڪيسن کي تڪڙي بنيادن تي اڪلايو ويندو، جنهن لاءِ آرمي چيف جي سربراهي ۾ اسپيشل ٽرائيل ڪورٽس قائم ڪيون وينديون، جيڪي ٻن سالن لاءِ هونديون ۽ ان دوران دهشتگردي جا ڪيس ڪنهن به ريت اڪلائي دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويندو، اجلاس ۾ اهو به طئه ٿيو آهي ته هي ڪورٽون سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿينديون، انهن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي ويندي. دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ جي سياسي ۽ فوجي قيادت ڪالهه تقريبن سڄو ڏينهن ۽ رات جا ڪجهه ڪلاڪ هڪ ٽيبل تي ويهي سوچيندي رهي ته آخرڪار دهشتگردي جهڙي سنگين مسئلي مان ان ملڪ جي جان ڪيئن آجي ڪرائجي؟ ٻين معاملن تي مڪمل اتفاق راءِ هو ۽ ڪجهه معاملن تي وضاحتن کانپوءِ اتفاق راءِ ٿي ويو، مک مسئلو فوجي عدالتن جي قيام جو هو، جنهن تي مک پارٽيون راضي نه هيون، جڏهن ته پيپلز پارٽي سميت ڪجهه پارٽين جا مطالبا هئا ته انهن کي لکت ۾ فوجي عدالتن جي قيام وارو ڊرافٽ ڏنو وڃي، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ مشروط طور سياسي قيادت اتفاق راءِ سان دهشتگردي جي ڪيسن کي تڪڙو اڪلائڻ لاءِ ٻيا فيصلا ڪرڻ سان گڏوگڏ اسپيشل ٽرائيل ڪورٽس جي قيام جي حمايت ڪئي وئي، جيڪو انتهائي تاريخي قدم آهي، ڇاڪاڻ جو هينئر جيڪي حالتون پيدا ٿي ويون آهن ۽ جهڙي ريت دهشتگردي جا خطرا وڌي ويا آهن ۽ دهشتگردي جون وارداتون ٿي رهيون آهن، انهن کي نظر ۾ رکندي اهو ضروري هو ته هن ملڪ، هن ملڪ جي امن ۽ استحڪام جي دشمن دهشتگردن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي،ان لاءِ ضروري هو ته نه رڳو دهشتگردن کي مليل موت جي سزائن تي بنا دير عمل ٿئي پر جيڪي دهشتگردي جا ڪيس آهن، انهن کي تيز رفتاري سان اڪلايو وڃي ته جيئن معاملا التوا ۾ نه رهن، ان لاءِ ضروري هو ته اهڙيون عدالتون الڳ قائم ڪيون وڃن، جنهن جو ڪم رڳو دهشتگردي جا ڪيس اڪلائڻ هجي، ان سلسلي ۾ تازي اڳڀرائي مثبت قدم آهي، جنهن ريت سموري قومي قيادت بالغ نظري جو مظاهرو ڪيو آهي، ان مان ئي دهشتگردن ڏانهن واضح پيغام وڃي چڪو آهي ۽ انهن جي نام نهاد دهشت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن، اميد آهي ته قومي معاملن تي اتفاق راءِ وارو سلسلو مستقبل ۾ به ساڳئي جوش جذبي سان جاري رهندو ۽ اها ڳالهه يقيني بڻائيندي ويندي ته اسپيشل ٽرائيل ڪورٽس کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ اهي پنهنجي دائره اختيار اندر ڪم ڪنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *