اسٽيڊنگ ڪميٽي جي سفارش تي عمل جي گذارش

 

ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي نتيجي ۾ جيڪو نقصان ٿيو آهي، ٿي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ ٿيندو اهو ناقابل تلافي ۽ ڀيانڪ هوندو، ڇاڪاڻ جو سامونڊي چاڙهه ان ڪري به وڌي رهيو آهي جو ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي ۽ نتيجي ۾ سمنڊ جو پاڻي اڳتي وڌي پيو جيڪو زهريلو/کارو هئڻ ڪري وڏي ايراضي کي تباهه ڪري رهيو آهي، زمينن سان گڏوگڏ آبادي لاءِ اڃا به وڌيڪ خطرا پيدا ٿي ويا آهن هاڻ ته اها ڇرڪائيندڙ خبر سامهون آئي آهي ته جيڪڏهن ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته ڪراچي، ٺٽو ۽ بدين تباهه ٿي ويندا، ان معاملي تي سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي خبر ڪجهه ڏينهن پهريان منظرعام تي آئي هئي جنهن جو وڏو چرچو هو ۽ چرچو ٿيڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ جو پاڻي گهربل ضرورت موجب هيٺ نه ڇڏڻ جي ڪري وڏو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ خدا نه ڪري جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته پوءِ ايندڙ وقت تمام خراب خبرون کڻي ايندو،ڇاڪاڻ جو سمنڊ جي پاڻي جي نتيجي ۾ هينئر به نقصان ٿي رهيو آهي پر ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن فوري طور تي معاملي جو تدارڪ نه ڪيو ويو ته پوءِ ڪراچي،ٺٽو ۽ بدين جو خدا حافظ هوندو، ڇاڪاڻ جو سامونڊي چاڙهه ۾ تسلسل جاري آهي ۽ ان جي روڪٿام جو واحد حل اهو آهي ته ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي.پهريان ته اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي پر هاڻ اها باضابطا طور تي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي اماڻي گذارش ڪئي وئي آهي ته ڪهڙي ريت سامهونڊي چاڙهه کي روڪي سگهجي ٿو؟ اسٽيڊنگ ڪميٽي ان حوالي سان پنهنجون سفارشون پڻ وزيراعظم کي اماڻيون آهن. 9 فيبروري واري اجلاس ۾ اها نشاندهي ٿي هئي ته سمنڊ جي پائڻ سبب 30 سالن اندر ٺٽو، بدين ۽ بعد ۾ ڪراچي غرق ٿي ويندا ان ڪري هي معاملو فوري طور تي وزيراعظم سميت ٻين اعليٰ اختيارين جي فوري ڌيان ۽ گڏوگڏ فوري حل جو گهرجائو آهي. فوري طور تي مداخلت ڪري ڪميٽي جي سفارشن کي نظر ۾ رکندي مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري اسٽيڊنگ ڪميٽي پاران ڪئي وئي آهي ۽ اسين به اها گذارش ڪنداسين ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سمنڊ پاران زمين کي پائڻ واري مسئلي جي جائزي لاءِ فوري طور تي ڪو قدم کنيو وڃي ان سلسلي ۾ ڪميٽي پاران ته پاڻيءَ ۽ بجلي واري وزارت، نيوي يا وري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنو گرافي کان اڀياس جي تجويز ڏني وئي آهي، گڏوگڏ اهو به چيو ويو آهي ته اوليتي بنيادن تي ڊيمن ۽ بئراجن مان لَٽَ ڪڍي وڃي، گڏوگڏ ذوالفقار آباد وٽ سمنڊ ۾ ديوار جي تعمير لاءِ وفاق کان 5 سيڪڙو رقم ڄڻ جي درخواست به ڪئي وئي آهي. هي مسئلو پهريان به ڌيان طلب هو ۽ هاڻ به ڌيان طلب آهي اها سنگين خطري جي نشاندهي آهي جيڪا اسٽيڊنگ ڪميٽي پاران ڪئي وئي آهي، ڪميٽي پاران ته پهريان به خبردار ڪيو ويو آهي ۽ هينئر وزيراعظم کي خط لکي باضابطا طور پنهنجو فرض نڀايو ويو آهي، هاڻ سڄو بار حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي ته اها ڪيئن ٿي مستقبل ۾ وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي، هن معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ به غور ٿيڻ گهرجي، ڇا جي ڪري جو ڊائون اسٽريم ۾ مناسب پاڻي نه ڇڏڻ ۽ دريائي لَٽَ نه اچڻ ڪري 20 لک ايڪڙ زمين سمنڊ جي نظر ٿي چڪي آهي، هر سال سمنڊ جي سطح 1.3 ملي ميٽر وڌي پئي هي صورتحال جائز رهي ته 2050 تائين ٺٽو ۽ بدين، جڏهن ته 2060 تائين ڪراچي غرق ٿيڻ جو خطرو آهي، هي مسئلو بقا جو مسئلو آهي، قومن کي پنهنجي وجود ۽ پنهنجي وسيلن جي تحفظ لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺڻا پوندا آهن، هينئر ان ئي سلسلي ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽي پنهنجو ڪم پورو ڪري وس وارن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ جنگي بنيادن تي ڪي قدم کنيا وڃن ته جيئن نه رڳو تباهي جو خطرو ٽري وڃي پر نشاندهي ڪيل علائقن جا رهواسي به سُڪون سان زندگي گذاري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *