اسلام ڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران

 

موجوده سنڌ سرڪار آر او پلانٽ ان ڪري لڳايا ته اسلام ڪوٽ جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت حاصل ڪري سگهن پر ڪنهن کي ڪل نه هئي ته ان سهولت جو فائدو رهواسين کي گهٽ پر ان مافيا کي وڌيڪ ٿيندو جيڪا سدائين ان موقعي جي تاڙ ۾ هوندي آهي ته ڪنهن به شيءِ جو بحران ٿئي ته بليڪ ميلنگ شروع ڪئي وڃي، بلڪل ائين ئي اسلام ڪوٽ ۾ آر او پلانٽ جو پاڻي مقامي انتظاميه جي روايتي لاپرواهي جي ڪري 20 کان 30 روپيه في ڪين وڪرو ٿي رهيو آهي،سرندي وارن لاءِ ته 50 روپيه في ڪين خريد ڪرڻ به مسئلو ڪونهي پر مسئلو انهن مارو ماڻهن لاءِ آهي جن لاءِ ويلو خير سان گذارڻ ڪنهن غنيمنت کان گهٽ ڪونهي.ڏڪاريل ڏيهه جا رهواسي آر او پلانٽ لڳڻ کانپوءِ خوش هئا ته انهن جو سڀ کان وڏو مسئلو پيئڻ جي پاڻي جو گهڻي حد تائين حل ٿي ويندو ۽ جيڪو بحران آهي اهو نه رهندو.ٻيو ته پري پري کان گرمي توڙي سرديءَ ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ پيرسن مرد توڙي عورتن،ٻارڙن ۽ نوجوانن کي ڪشالا ڪاٽڻا نه پوندا. پر سندس ئي خواب ساڀيان ناهي ٿي سگهيو، هينئر صورتحال اها آهي جو شهر جي پاڙن ۾ پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ ڏاڍو مشڪل بڻجي ويو آهي،بجير پاڙو،دڙيلو پاڙو،ڊگهاڻي ڪالوني،ميگهواڙ پاڙي سميت اهڙا کوڙ سارا علائقا آهن جتي پيئڻ جي پاڻي جو بحران بجاءِ گهٽ ٿيڻ جي سنگين ٿيندو پيو وڃي. پر جَس آهي اهڙي انتظاميه کي جنهن کي ان بحران جي ۽ رهواسين جي تڪليف جي ڪا پرواهه ڪونهي، نه ڪو نوٽيس ورتو ويو آهي، نه ڪي رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن، نه وري وس وارن کي اها توفيق ٿي آهي ته اهي بحران سبب متاثر علائقن ۾ خير جا ٻه پير گهمائين ۽ اتان جي رهواسين جي بري حال جو عملي مشاهدو ڪن ته پاڻي بنا ويچاري غريب ماڻهن جي زندگي ڪيڏي نه عذاب ۾ گذري رهي آهي.احتجاجن وسيلي،ميڊيا تي خبرن وسيلي مطلب ته هر ممڪن ذريعو استعمال ڪري شهر جي سڄاڻ حلقن ۽ رهواسين ارباب اختيار جو ڌيان هن سنجيده مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر افسوس ته ڪنهن کي ڪا ڪهل نه آئي آهي، هڪ مهيني کان پاڻي جي فراهمي ڪنهن شهر يا علائقي يا وري محلي ۾ بند هجي ته اتان جي رهواسين جي حالت ڪهڙي هوندي؟ هر باشعور ماڻهو چڱي ريت سمجهي سگهي ٿو. پر رهواسين پاران هر مهيني وقت سر بل ادا ڪرڻ باوجود انهن جي خراب حالت تي ڪامورن کي رحم ناهي آيو، ان ڪٺور دلي کان بيزار ماڻهو احتجاج تي مجبور ٿي ويا آهن هر قسم جي حيلن ۽ منٿن باوجود انهن جو مسئلو جيئن جو تيئن برقرار آهي. اسان جي گذارش آهي ته سرڪار ۽ اتان جا چونڊيل نمائندا هن سنجيده مسئلي کي انساني همدردي جي بنياد تي صحيح ئي فوري طور حل ڪرائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *