اسلام جي نالي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمون!!!!

هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد گروپن اسلام جي نالي ۾ هٿيار کڻي ورتا آهن ۽ اهي گروپ اسلام کي تبليغ بجاءِ دهشتگردي ذريعي پکيڙڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ اسلام بابت ڪيترائي ڪاٽو اثر پيدا ٿي رهيا آهن، اهي دهشتگرد گروپ جن جو نالو ڪنهن ملڪ ۾ ابوبڪر شيخانو بوڪو حرام، ته ڪنهن ملڪ ۾ داعش ته ڪٿي طالبان آهي، تن جيڪا دهشتگردي پکيڙي آهي، تن دهشتگردي وارن واقعن کي ٻڌنديئي ئي لڱ ڪانڊراجيو وڃي. آفريقا کنڊ جي هڪ ملڪ نائجيريا۾ بوڪو حرام پنهنجا هٿياربند ويڙهاڪ تيار ڪري نائجيريا جي حڪومت لاءِ نه رڳو مٿي جو سور پيدا ڪري ڇڏيو آهي، پر سندس دهشتگردي وارين ڪاررواين سڄي دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. بوڪو حرام نالو ته اسلام جو وٺي ٿو ۽ پنهنجين تقريرن ۾ اسلام جي تبليغ ڪندو نظر اچي ٿو، ليڪن هن جيڪا دهشت پکيڙي آهي ۽ جهڙي ريت هن جي ويڙهاڪن عام ماڻهن جو قتلام ڪرڻ شروع ڪيو آهي، تنهن کانپوءِ سڄِي دنيا جي اسلامي ملڪن ۾ به سندس خلاف هڪ تاءُ پکڙجي ويو آهي. انهي بوڪوحرام گذريل ٻن مهينن دوران نياڻين جي ڪيترين ئي اسڪولن تي حملا ڪري انهن نياڻين کي اغوا ڪرڻ واريون وارداتون پڻ ڪيون آهن، هن هلندڙ سال اپريل مهيني ۾ عيسائين پاران قائم نياڻين جي هڪ پرائمري اسڪول تي حملو ڪري 219 معصوم نينگرين کي اغوا ڪري ورتو هو، جن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ نائجيريا سرڪار پنهنجي سر تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيون، جڏهن ته نياڻين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪرڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو ويو ته ائين ڪرڻ سان نياڻين جي زندگي خطري۾ پئجي سگهي ٿي.
نائجيريا جي انهي دهشتگرد بوڪو حرام بابت هاڻ خبر ملي آهي ته سندس چوڻ موجب انهن معصوم نياڻين اسلام قبول ڪري ورتو آهي ۽ انهن سڀني جون شاديون به ڪرايون ويون آهن ۽ اهي هاڻ پنهنجن گهرن ۾ آهن، جڏهن ته اهي به خبرون آهن ته انهن ٻارڙين جون شاديون دهشتگردن سان ڪرايون ويون آهن ۽ ڪيتريون ئي نياڻيون وڪرو ڪيون ويون آهن، بوڪو حرام ماضي ۾ ڪيئي ڀيرا اها ڳالهه به ڪري چڪو آهي ته اسان کي هٿيارن ۽ بارود لاءِ پئسا گهرجن، ان ڪري اسان نياڻين جي اسڪولن تي حملا ڪري اتان هٿ آيل نينگرين کي وڪرو ڪري پئسا حاصل ڪنداسين. اهڙي قسم جو هڪ دهشتگرد گروپ ”داعش“ جي نالي سان شام ۽ عراق جي سرحدي علائقن ۾ سرگرم آهي. داعش جو سربراهه ابوبڪر بغدادي آهي، جنهن اڳواٽ ئي سڀني اسلامي ملڪن جي سربراهن کي خط لکي کين چيو آهي ته اسلامي رياست جو آئون خليفو آهيان، ان اسلامي رياست ۾ پاڪستان سميت وچ اوڀر جا سڀيئي ملڪ به شامل آهن، ان ڪري منهنجي هٿ تي بيعت ڪئي وڃي. داعش جي ويڙهاڪن هن وقت شام ۽ عراق جي ڪيترن ئي تيل جي کوهن تي قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن تيل کي وڪرو ڪري داعش تنظيم هڪ وڏي مالدار تنظيم ٿي چڪي آهي، داعش جي ويڙهاڪن اسلام جو جيڪو نظريو پيش ڪيو آهي، تنهن ۾ هنن جو چوڻ آهي ته جيڪي به مزارون ۽ مقبرا آهن، تن کي ڊاهيو ويندو. ان سلسلي ۾ داعش جي دهشتگرد ويڙهاڪن بلڊوزن جي مدد سان حضرت يونس جي مزار مبارڪ ڊاهي ڇڏيو آهي ۽ داعش جي ويڙهاڪن عراق ۾ ڪربلا جي شهيدن جون جيڪي به مزارون آهن انهن کي شهيد ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ان اعلان کانپوءِ ايران ۽ عراق جيڪي هڪ ماضي ۾ هڪٻئي جي خلاف خوفناڪ جنگ به ڪري چڪا آهن، تن داعش جي ارادن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون آهن ته جيئن داعش جي وڌندڙ قدمن کي نه رڳو روڪي سگهجي پر مزارن کي شهيد ٿيڻ کان بچائي سگهجي. پاڪستان ۾ به طالبان ۽ جندالله سميت ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون سرگرم آهن، جن جي دهشتگردي سبب پاڪستان خطرناڪ ملڪن جي لسٽ ۾شامل ٿي چڪو آهي. هتي طالبانن ماضي ۾ بوڪو حرام وانگر ڪيترن ئي نياڻين جي اسڪولن کي بم ڌماڪن ذريعي تباهه ڪيو ۽ ڪيترن ئي نياڻين جي اسڪولن کي بند ڪرائي ڇڏيو هو ايتري تائين جو اترين علائقن ۾ نينگرين اسڪولن ڏانهن وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو هو.
جيئن ته پاڪ فوج طالبانن خلاف”ضرب عزم“ آپريشن شروع ڪري انهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پر تنهن هوندي به دهشتگردن جا ٺڪاڻا پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اڄ به موجود آهن، جتان دهشتگردن کي جڏهن به موقعو ملي ٿو ته اهي خوفناڪ ڪارروائي ڪرڻ کان نه ٿا ڪيٻائين. جڏهن ته ٻئي طرف طالبان ۽ داعش پاڻ ۾ اتحاد ڪري چڪا آهن، ان ڪري داعش کي پاڪستان ۾ پير کوڙڻ جا امڪان پيدا ٿي چڪا آهن، ايتري تائين جو ڀارت جي شهر دهلي ۾ به ڪيترائي اهڙا پمفليٽ ورهايا ويا آهن، جن ۾ ڀارتي حڪومت کي خبردار ڪيو ويو آهي ته داعش ڀارت پهچي چڪي آهي، ان ڪري هاڻ ڀارت ۾ به ڪارروايون ڪري سگهون ٿا. داعش تنظيم لاءِ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪعبي شريف جي امام پنهنجي خطبي ۾ به فرمايو هوته داعش اسلام دشمن تنظيم آهي، ان ڪري ان کان پاسو ڪيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته دنيا ۾ اسلام جي نالي ۾ دهشتگردي جون جيڪي به ڪارروايون ٿي رهيون آهن، اهي اسلام دشمن قوتون ئي ڪري رهيون آهن اهي دهشتگرد تنظيمون جن کي دنيا جا اهي ملڪ سپورٽ ڪري رهيا آهن، جيڪي اسلام کي هڪ دهشتگردي وارو جو مذهب ثابت ڪرڻ گهرن ٿا، پوءِ اها دهشتگردي اقليتن جي نياڻين کي بوڪوحرام وانگر زوري مذهب مٽائي مسلمان ڪرڻ جي شڪل ۾ ئي ڇو نه هجي. هن وقت پاڪستان خاص طرح سنڌ ۾ به ڪجهه ماڻهو بوڪو حرام بڻجي اقليتن جي نياڻين کي زوري اغوا ڪري انهن جو مذهب مٽائڻ جو اعلان ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته نينگري مسلمان ٿي چڪي آهي. اسان سنڌ ۾ ان قسم جا جيڪي به واقعا ٿيا آهن، انهن واقعن ۾ ڪير ڪيترو ڏوهاري آهي، تنهن بابت ڪا آخري راءِ ڏيڻ بجاءِ ر ڳو اهو ئي سوال پڙهندڙن آڏو رکون ٿا ته سنڌ ۾ اسلام جو مذهب رڳو اقليتي امير ماڻهن جي نياڻين کي ڇو پسند اچي رهيو آهي ۽ ڪنهن به هندو نوجوان کي اسلام پسند ڇو نه اچي رهيو آهي، تنهن بابت به اسان کي ضرور ويچار ڪري ڪا راءِ ضرور جوڙڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *