اسلام آباد جي تاريخ ۾ پهريون مڪاني چونڊون

اسلام آباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي سرسي، ن ليگ ٽئين نمبر ۽ ٻئي نمبر تي آزاد اميدوارن کي ڪاميابي ملي آهي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق اسلام آباد ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي سرسي حاصل رهي، جنهن موجب پي ٽي آءِ جا 57، مسلم ليگ جا 20، پ پ جو 1، آزاد 25 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته يوسي 40 ۽ 53 تي پي ٽي آءِ ڪلين سوئيپ ڪيو، پي ٽي آءِ جي اميدوار هٿان ن ليگ جي ميئر جي اميدوار ظفر علي شاهه کي شڪست ڏني وئي. آزاد اميدوار گجر شاهه ڪامياب ٿيو، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين تي پي ٽي آءِ جا 10،ن ليگ جا 10 ۽ 6 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا. پي ٽي آءِ جا يوسي 40 تي سمورا اميدوار ڪامياب ٿيا، يوسي 44 تي به پي ٽي آءِ کي سرسي حاصل رهي، يوسي 33 تي چيئرميني لاءِ عارف خان ڪامياب ٿيو، يوسي 29 تي پي ٽي آءِ جو خرم بختيار، يوسي 37 تي ملڪ ساجد، يوسي 42 تي عورت اميدوار رخشنه، يوسي 25 تي چيئرمين لاءِ عتيق الرحمان، يوسي 42 تي ڪائونسلر لاءِ واجد علي، يوسي 35 تي ملڪ عرفان چيئرميني لاءِ ڪامياب ٿيو، يوسي 36 تي پي ٽي آءِ جو فيصل نديم، يوسي 44 تي محمد اظهر کي سرسي رهي، يوسي 5 پولنگ 40 تي علي اعواڻ ڪامياب ٿيو. مسلم ليگ جا 6 چيئرمين ڪامياب ٿيا، يوسي 42 تي چيئرميني لاءِ فرمان علي ڪامياب، يوسي 26 تي چوڌري الله ڏتو، يوسي 32 تي ملڪ منير، يوسي 44 پولنگ 7 تي ملڪ آفتاب، يوسي 39 پولنگ 4 تي ملڪ ساجد، يوسي 46 پولنگ 9 تي ملڪ آفتاب ن ليگ جي اميدوارن کي سرسي حاصل رهي. يوسي 17 تي آزاد اميدوار قيصر جاويد ڪامياب ٿيو، يوسي 44 پولنگ 9 تي عوامي ورڪرز پارٽي جي فضل شاهه کي سرسي حاصل رهي، يوسي 48 پولنگ 11 تي آزاد اميدوار ملڪ امتياز کي سرسي حاصل رهي، رات دير تائين حاصل ٿيندڙ نتيجن مطابق پي ٽي آءِ پهرين پوزيشن تي هئي. واضح رهي ته اسلام آباد جي ڪل 50 يونين ڪائونسلن، جنهن ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جون يوسيون شامل آهن جن ۾ 650 سيٽن تي چونڊون ٿيون، عورتن لاءِ 100، مزدورن ۽ هارين لاءِ 50، نوجوانن لاءِ 50 ۽ اقليتن لاءِ 50 سيٽون شامل آهن. هر يوسي ۾ 13 اميدوار هئا جن لاءِ هر ووٽر کي 6 ووٽ ڏيڻا هئا، چونڊن ۾ ن ليگ جي 506، تحريڪ انصاف جي 479، پي پي جي 81، جماعت اسلامي جي 164، ٻين جماعتن جي 205 ٽڪيٽن تي اميدوان چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ 972 آزاد اميدوار پڻ چونڊن ۾ بيٺا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *