استادن جا مطالبا ۽ تعليم جو ٻڌندڙ ٻيڙو

ماضي جا استاد جن کي ان دور جو سڄو معاشرو عزت ۽ احترام سان ڏسندو هو، ان دور ۾ڪنهن محفل ۾ استاد جي اچڻ تي سڀيئي ماڻهو اٿي بيهي عزت ڪندا هئا جڏهن ته اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد ته سامهون اچڻ کان ئي لنوائيندا هئا، استاد، شاگرد ۽ معاشري جي سڀني فردن جو هڪٻئي لاءِ ٿيندڙ احترام انهن ڏينهن ۾ اسان جي معاشري جا اهي مضبوط بنياد وڌا جو ڪجهه ئي عرصي ۾ سنڌ ۾ تعليم جون ڪيتريون ئي شمعون روشن ٿي ويون. اڄ اها حالت آهي جو استادن مان اڪثر استادن جي پگهار هڪ لک رپين تائين اچي پهتي آهي ۽ ويتر ٽائيم اسڪيل وارو مطالبو پورو ٿيڻ کانپوءِ کين ملندڙ گريڊ جي نتيجي ۾ اهي استاد 19 هين گريڊ تائين وڃي پهتا.جيتوڻيڪ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ وقت کين اهو به چيو ويو هو ته اهي 19 گريڊ وارا اختيار ته نه رکندا پر انهن جي پگهار ۾ واڌ ٽائيم اسڪيل موجب ڪئي ويندي. اسان کي افسوس آهي جو استادن هاڻ پڙهائڻ بجاءِ پنهنجو زور ڪو نه ڪو جائز يا ناجائز مطالبو تسليم ڪرائڻ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته استادن جو مئنجمينٽ ڪيڊر رد ڪرڻ وارو مطالبو قبول به ٿي وڃي تڏهن به استاد ماٺ ڪري نه ويهندا ۽ وري ڪو نئون مطالبو کڻي رستن تي نڪري ايندا ڇاڪاڻ ته ڪنهن به جمهوري دور ۾ حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ وڌيڪ آسان هوندو آهي ۽ حڪومت به چئني طرفن کان دٻاءَ جو شڪار هوندي آهي، ان ڪري اها ڪنجهي ڪرڪي استادن يا ٻين کاتن جي هڙتالي ملازمن جا مطالبا مڃڻ لاءِ نيٺ تيار ٿي ويندي آهي.

اسان کي خوشي ٿيئي ها جو جيڪي استاد جهڙي ريت پنهنجي مطالبي جي حل لاءِ هن وقت رستن تي نڪتا آهن، جيڪڏهن اهي استاد ماضي ۾ بند پيل اسڪول کولڻ جي لاءِ رستن تي اچن ها ته يقينن سنڌ جو عوام استادن جي موجوده تحريڪ کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ سندن ساٿ ڏي ها، ليڪن افسوس آهي جو استادن بند پيل اسڪولن کي کولائڻ جي سلسلي ۾ ڪڏهن به ڪا تحريڪ نه هلائي آهي، اهڙي ريت استادن جي تنظيمن گوسڙو ماسترن خلاف ڪڏهن ڪو به احتجاج نه ڪيو آهي ۽ نه ئي انهن استادن گوسڙو ماسترن کي زباني طور ڪو بڇڙو ڪيو آهي، اهڙي ريت اهي ماستر جيڪي صحافي بڻجي ڊائريون ڪڇ ۾ وجهي سرڪاري آفيسرن کي بليڪ ميل ڪن ٿا، تن خلاف به انهن استادن جي تنظيمن ڪڏهن به ڪا احتجاجي تحريڪ نه هلائي آهي ۽ نه ئي صحافي نما استادن کي ڪو شرمسار ڪيو آهي ته ٻيلي ڏاها ٿيو پيغمبري پيشي کي ڇڏي اوهان صحافت جي آڙ ۾ چغل خوري وارو ڌنڌو ڪرڻ تي ڇو لهي آيا آهيو ۽ آفيسرن کي بليڪ مل ڪري ناجائز ڏوڪڙ کائڻ شروع ڪيا آهن ۽ اوهان کي ڪلاس رومن ۾ هجڻ بجاءِ اوهان ٻين سرڪاري ادارن ۾ رلندا نظر اچو ٿا، جيڪو ڪيڏو نه وڏو اخلاقي ۽ قانوني ڏوهه آهي، جيڪڏهن استادن جون تنظيمون سندن صفن ۾ گهڙي آيل اهڙن ڏوهارين خلاف ڪو قدم کڻن ته يقينن سنڌ جو عوام استادن جي تنظيمن جي انهي قدم جي ڀرپور آجيان ڪندو، ٿي سگهي ٿو ته هتي اهو سوال به اٿاريو وڃي ته استادن کي صحافي مقرر ڪرڻ لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا ادارا به ذميوار آهن، الزام جي حد تائين ته اها ڳالهه صحيح آهي پر اداري کي ڪيئن خبر پئي ته جيڪو شخص صحافي ٿي ر هيو آهي، اهو ماستر به ناهي.

اسان جي خيال ۾ هن وقت سنڌ جو عوام سنڌ جي تباهه ٿيندڙ تعليمي سرشتي تي سخت پريشان آهي. اسان وٽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جيڪي شاگرد پڙهڻ لاءِ اچي رهياآهن، تن جي حالت اها آهي جو اهي انگريزي ته پري جي ڳالهه آهي، سنڌي جا ٻه لفظ به لکي نه ٿا سگهن، انهن کي سنڌ جي حالتن، شهرن موسمن وغيره جي ته ڄڻ ته ڪا خبر ئي ناهي، هڪ شاگرد کي تعليم ۾ ڀڙ ڪرڻ جو بنيادي ڪم پرائمري ۽ سيڪنڊري جي استادن جو آهي، جڏهن اسان جي تعليم جي پيڙهه ئي ڪمزور هوندي ته پوءِ ان پيڙهه تي شاندار عمارت ڪئين ٺاهي سگهبي؟ اسان اهو ته نه چونداسين ته پرائمري ۽ سيڪنڊري جا سڀيئي استاد نااهل آهن يا گوسڙو آهن، استادن جو هڪ وڏو انگ ذميواري سان پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن پر جهڙي ريت هڪ ڪني مڇي سڄي تلاءَ کي خراب ڪندي آهي، اهڙي ريت تعليمي کاتي ۾ گهڙي آيل ڪجهه ناپسنديده شخص سڄي تعليمي سرشتي خلاف ڪاٽو مارڪون ڏيارڻ جو سبب بڻجي چڪا آهن.

اسان کي افسوس آهي جو استاد سنڌ جي عوام کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ ناڪام ويا آهن ته آخر ڊي ايم جي گروپ جي عملدارن جو تعليم کاتي ۾ شامل ٿيڻ سان استادن جي حيثيت تي ڪهڙو اثر ٿيندو، ظاهر آهي ته ڊي ايم جي گروپ جا عملدار استاد پڪ ڪو نه ٿيندا، يا اهي ڪلاس ڪو نه وٺندا ۽ نه ئي استادن جي ترقين ۽ پگهارن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا، پر ممڪن آهي ته اهي تعليم کاتي ۾ انهن ماسترن جي پٺن تي ٽانڊا ٻارين جن تعليم کاتي کي وڌيڪ بدنام ڪري رکيو آهي يا اهي گوسڙو ماستر جيڪي اسڪولن ۾ اچڻ بجاءِ پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي ڪندا نظر اچن ٿا، تن کي پنهنجو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي، ان ڪري اهي استادن کي رستن تي وٺي آيا آهن، هتي اسان جي   استادن کي رڳو ايتري صلاح آهي ته اوهان جيڪو کپي سو مطالبو ڪريو پر اسڪولن کي تالا هڻي احتجاج ڪرڻ وارو دڳ اختيار نه ڪيو ۽ جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ اسڪولن جي وقت کان پوءِ ڪريو پر جيڪڏهن اوهان اسڪولن کي تالا هنيا يا تدريسي عمل کي معطل ڪيو ته پوءِ اوهان جي انهي سنڌ دشمن ۽ تعليم دشمن عمل جي ڪو به شخص حمايت نه ڪندو ڇاڪاڻ ته سنڌ کي هن وقت پڙهيل لکيل نوجوانن جي سخت ضرورت آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان جا تعليمي ادارا کليل رهن ۽ اسان جا استاد شاگردن کي پڙهائيندا نظر اچن ۽ سڄو معاشرو استادن جو عزت ۽ احترام ڪندو نظر اچي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *