ادارن کي خانگائڻ بدران ادارن سان گڏ پاڻ ۾ سڌارا آندا وڃن

گذريل ڏينهن سڌسماءُ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو هو ته پي آءِ اي ملازمن جي هڙتال غير قانوني هئي طاقت جي زور تي هڙتال کي ڪامياب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جنهن اداري جون خدمتون ماڻهن سان لاڳاپيل هجن اهو ادارو هڙتال نٿو ڪري سگهي اسان اهي ناهيون جو پنج سال هٿ تي هٿ رکي ويٺا رهيا آهيون ۽ ادارو تباهه ڪري ڇڏيون حڪومت پي آءِ اي لاءِ 600 ارب رپيا خسارو برداشت نٿي ڪري سگهي هي رقم تعليم ۽ صحت جهڙن شعبن تي لڳائي ويندي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ سولو هجي ها ته پرويز مشرف ۽ آصف زرداري ڪري هليا وڃن ها هتي ڪم ڪرڻ مشڪل ڪم آهي جيڪو وزيراعظم نوازشريف ڪري رهيو آهي عمران خان ڪنٽينر تي هر اداري کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ هر شخص تي الزام مڙهيا ان جي پهرين ڌرڻي قوم کي ڇا ڏنو جو هو ٻئي ڌرڻي جي تياري ڪري رهيو آهي،

پي آءِ اي ملازمن جي هڙتال غير قانوني آهي لازمي سروس ايڪٽ تحت هاڻي ڪوئي هڙتال نٿو ڪري سگهي منهنجي اپيل تي هڙتال ڪامياب نه ٿي ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامون اڏام ڪنديون رهيون، جڏهن ملازمن پي آءِ اي جي آفيسن ۾ وڃي زبردستي ڪم بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ان وقت معاملا خراب ٿيڻ شروع ٿيا ان جي هڙتال جا پر ڪٽجي ويا هئا جنهن کان پوءِ اهي طاقت جي زور تي هڙتال ڪرڻ چاهين پيا احتجاج ۾ فائرنگ دوران ٽي معزز ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا جنهن جو ڏک هر پاڪستاني کي آهي انهن هن اداري جي خدمت ڪئي انهن جي شهادت کان پوءِ هڙتال ۾ تبديلي آهي حڪومت جو پڪو پهه آهي ته اسان قاتلن کي نه بخشينداسين قاتلن تائين پهچڻ لاءِ سنڌ وفاق، لا اينڊ انفورسمينٽ ايجنسيون ڪم ڪري رهيون آهن رينجرز به جوابدارن جي جاچ ڪرائڻ جوا علان ڪيو آهي قاتل ڪنهن به صورت ۾ نه بچي سگهندا ، شرارتي ماڻهن کان پي آءِ اي کي آزاد ڪرائڻ چاهيون ٿا ، پي آءِ اي جي پٺڀرائي ڪندڙ جماعتن ڪڏهن به پنهنجي ان ڪم کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ناهي ڪيو پر اهي ته سرعام انهن جي احتجاج ۾ شامل هونديون آهن.

وفاقي وزير جو بيان پنهنجي جڳهه تي صحيح به آهي ته ادارن کي بچائڻ گهرجي هونءِ به ڏٺو اهو ويو آهي ته ادارن کي تباهه ڪندڙ حڪمران ته پنهنجي جاءِ ذميوار آهن ئي پر ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مفاد پرست جيڪي يونين ٺاهي ان جو غلط استعمال ڪري پنهنجا گهر ڀري ڇڏيا پر اداري بابت انهن ڪڏهن به نه سوچيو مطلب چوڻ جو ته هنن ميووي کائڻ سان گڏ وڻ کي به ڪٽي کائي ڇڏيو جنهن سبب ادارا خسارن ۾ پيا وڃن، ساڳي جاءِ تي سرڪاري ادارن کي بهتر ڪرڻ بجاءَ خانگائڻ به مسئلي جو حل ناهي ان ڪري سرڪار سڳوري کي التجا آهي ته هاڻي گهڻو ٿيو، وزيرن ۽ ڪامورن پنهنجا گهڻا گهر ڀريا هاڻي ملڪ جي ڪمزور ٿيل پاڙن کي پڪتو ڪري ڪٿي ائين نه ٿئي جو توهان کي کائڻ لاءَ نه ميوو ملي نه وڻ.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *