اختلافي نوٽ تي ايترو گوڙ ڇو….؟

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ بني گالا ۾ غيرقانوني اڏاوتن جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عمران خان چيو ته بني گالا ۾ تيزي سان غيرقانوني اڏاوتون ٿي رهيون آهن ان کي روڪڻو پوندو، بني گالا ۾ ناجائز قبضا آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته زندگي ٻن شين پاڻي ۽ هوا تي قائم آهي، ڏسڻو پوندو ته بني گالا ۾ ٿيندڙ اڏاوتون قانون موجب آهن يا نه، جيڪي وڻ وڍجي ويا اهي ته واپس نه ٿا اچي سگهن پر نئين وڻڪاري ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته فيصلن ۾ اختلافي نوٽ سڄي دنيا ۾ اچن ٿا پر جيترو شور هتي مچايو ويو آهي ٻئي هنڌ نه ٿو ٿئي، ملڪي نظام ۽ عدليه جي لاءِ هي وقت اهم آهي، ادارا مضبوط ٿيندا ته ملڪ اڳيان وڌندو، اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جي تشخص لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، توهان عام ماڻهو نه آهيو، توهان جي آواز سان بهتري به اچي سگهي ٿي ۽ خرابي به پيدا ٿي سگهي ٿي، موجوده حالتن ۾ توهان کي اهم ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻو آهي، توهان قوم کي بي اعتمادي جي فضا مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. آئون توهان جي ڪپتاني ۾ ايچيسن ڪاليج ۾ ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهيان، مون کي اڄ به اهو شاٽ ياد آهي جيڪو توهان ايترو ته زور سان هنيو هو جو بال چرچ کان ٻاهر هليو ويو هو.  جڏهن ته سي ڊي اي ۽ آءِ سي ٽي پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ۽ عدالت اها رپورٽ عمران خان جي وڪيلن کي ڏيڻ جي هدايت ڪندي راول ڊيم جي چوڌاري حددخلين بابت به رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته عدالت چيو ته باٽنيڪل گارڊن ۽ نيشنل پارڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا واڍيءَ نه ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *